ادب

ادبي خط عاشق چانڊيو June 2021

2021-04-30

پيارا آسي امين! سلامت تا قيامت!

اميد ته ٺيڪ ٺاڪ ھوندين، پڙھندو ھوندين ۽ “زبان نه کوليو” جھڙا شاندار نظم لکندو ھوندين!

منھنجا سائين! ڪجھ ڏينھن اڳ توھان ڪال ڪئي ھئي ته پاڻ ملون ۽ ڪي گھڙيون ڪچھري ڪيون، پر مان ڪاڇي ھئس جو ڪڻڪن جي مندُ ھئي ۽ مون کي ڪڻڪن جي بٽئي/حساب ڪرڻا ھئا. تڏهن پاڻ ملي نه سگھياسين سو مان چاھيان ٿو ته توکي ڪجھ ڪاڇي بابت ٻڌايان، ھونئن به پنھنجي ڪچھري جو گھڻي ڀاڱي موضوع ڪاڇو ئي ھوندو آھي. مان چاهيان ٿو ته ڪاڇي بابت روايتي نه ڳالھايان تنھنڪري توکي اتان جي ڪن گمنام شاعرن جي شاعري پڙھائڻ چاھيندس جو تون ھڪ سٺو شاعر پڻ آھين.

پيارا آسي!

ڪاڇي جو ھڪڙو شاعر آهي آخوند عبدالرحمان. چون ٿا فارسي ۽ عربي جوڻاڻي درگاھ تان پڙھي آيو ھو تڏھن کيس آخوند سڏيندا هئا، مان اڳ ۾ به توھان کي سندس ھڪ ٻه شعر ٻڌائي چڪو آهيان. اڄ ڪجھ ٻيا شعر ٻڌايان ٿو.

 ”ڇَتينِ منجھ ڇَتيون، مون کي تنين ماروئڙن جون،

اباڻا عبدالرحمان چئي مون کان ڪيون ويا پُور پتيون،

رھيون ڪون رتيون، جيڏيون منھنجي جان ۾.“

ميربحر مڇيون پڪڙي انھن کي جيئري رکڻ لاءِ ڇتين ۾ ڇتيون ھڻندا آهن ته جيئن مڇي گھڻو وقت جيئري رھي سگھي، شاعر مٿين شعر ۾ اُھا مڇي جي مشابھت مارئي کي ٿو ڏئي ته ماروئڙن کانسواءِ منھنجي حالت ڇتِ لڳل مڇي وانگر آهي ۽ ايئن ئي منھنجو جسم بي حال آهي.

”ٽَڪرن منجھ ٽڪرَ، ڪامِڻ ھڻي ڪست مان،

ھيڏي خان پنھل ڪاڻ، ھڻي چُرن منجھ چڪر،

آيس عبدالرحمان چئي، مٿان ڪست ڪڪر،

سسئي سخت ساڪر، ھُت کنيان ھا ھوت ڪاڻ“

”سُتي جي سارَ ڪيچين لڌي ڪا نه ڪا،

ورُ والي وڻڪار ويو، جتي پير ڀري پڳدار،

ٻُڌي موٽج ٻروچ چئي، عبدَ سندي اوڇنگار

لڳا حجَ ھزار پنھل وريو پرديس مان.“

آخوند جو ھڪڙو سرائڪي شعر به پيش ٿو ڪيان؛

”معراج دا وقت سھاڳ والا، جتي جاڳندا ياد تي يار ھوئي،

 نه چور جاڳي، آيا وساھ ڀاڳي، نه جاڳندا دُکيا بيمار ھوئي، آکي ميان چانڊيا، ٻيو ڪونه جاڳي، جتي جاڳندا آپ رحمان ھوئي“

چاچا اعزاز علي ٻڌائي ٿو ته ھي شعر حضور سائينﷺ جن جي معراج جي باري ۾ آهي، اھو ته بلڪل آهي ۽ ڪيڏي سھڻي نموني سرجيل آهي نه چور جاڳيو، ڀاڳيي کي به ويساھ آهي، ڏکيو بيمار به ڪونه پيو جاڳي!

پيارا آسي امين! ھڪڙو ٻيو شاعر آهي لعلو گائنچو، اھو ڪاڇي کان ٿورو مٿي سمجھ جابلو شاعر آهي، پر شاعر ڏاڍو ڀلو آهي، ڏسو ڪھڙا ڪھڙا شاعر آھن جن جي ھڪڙي شعر کان به اسان واقف ناھيون! مون ڪوشش ڪئي آهي ته اھڙي شاعري ھٿ ڪجي، پر ڏاڍا پنڌ ڪرڻا ٿا پون ۽ پاڻ ايترا پنڌ ڪري ڪونه ٿا سگھون، پر مڙيئي ڪو موتي ھٿ اچيو وڃي ته به گنج آهي. لعلو گائنچي جا ٻه شعر ھيٺ لکان ٿو؛

پَسنديءَ  جُنگ  جبل  جا، گائنچو   چوئي   غارَ،

ته روئي روئي روھ کان، ٿي پڇي پَرٽِ پنھون جا پارَ،

ته  ميا  ڪا  سرواڻن   جي،  تو  ھَئي  ٻُڌي  ھونگار،

تو  وٽان  توڏن  جي  ڪا   ڪالھ   لنگھي   قطار!؟

جبل به ڳالهايو جوش مان، ته ھن وندر کي واٽ ھڪڙي

ٻيون ھاڙھي پون ھزار،

ڪانَ ڏئي پارَ ته ڪيچ ڪھڙي قِبلي ويو.

ڏيرن جو ڏُٺڙ چئي، وڃي ڏيھ ڏسندياس،

 ھاڙھو، پٻ، ھنڱورجو، ٽئي لڪَ لنگھندياس،

 پُڄي پنھل کي چوندياس، ته ڪھڙي ڏوھ ڏمرين!؟

مٿيان ٻه شعر ڏس ڪھڙي درجي جا آهن! ھاڙھو، پٻ، ھنڱورجو سڀني جبلن کان شاعر واقف آهي. مٿين شعر ۾ جيڪو جبل کان ڳالھرائي ٿو ته “ھن وندر کي واٽ ھڪڙي ٻيون ھاڙھي پوڻ ھزار” ان ۾ به شاعر جو مشاهدو شامل آهي. وڌيڪ تون مون کان وڌيڪ ھن شعرن کي پرکي سگھين ٿو.

سائين منھنجا!

ٻي ھڪڙي ڳالھ مان توکي ٻڌايان، ڪاڇي جي اتر ۾ غيبي ديرو ڳوٺ آهي، ڪنھن دور ۾ شھر جو ڏيک پيو ڏيندو ھو، واڻيا دڪاندار ھئا، اتي جا رھندڙ گھڻي ڀاڱي اھي ئي ھئا، پر اھي به ورھاڱي جي وڍ ۾ وڍجي ويا، ھاڻي صرف اُتي ٻه واڻڪا دڪان بچا آھن باقي ڪُل خير. انھن مان ھڪڙي دڪان جي تصوير ھيٺ رکي اٿم، ڏس! ڪھڙو نه ھوادار ۽ کليل دڪان ٺھيل آھي ۽ ڪيڏي ڪاريگري آهي جو خبر ناھي ڪڏهن جو ٺھيل دڪان اڃان تائين صحيح سلامت آهي! ٻيون به ڪي ڳالھيون آھن پر خط طويل ٿيندو پيو وڃي، طبيعت به ٺيڪ ناھي، وري ڪنھن ٻئي ڀيري ملياسين ته ڳالھين جا ڳوٺ ٻَڌنداسين. تو وٽ به ڪي پراسرار ڳالھيون ھجن ته جوابي خط ۾ ضرور ونڊ ڪجانءِ.

چڱو، سدائين گڏ!

نياز مند؛

عاشق چانڊيو