ٿانور ڀٽي لطيف جو ڏاتار ڪردار
شاھه صاحب جي شاعريءَ ۾ جتي ڌوٻين، موچين، لوھارن، وڻجارن، ڪنڀارن، ڌنارن، ھارين، نارين ۽ مظلومن جو ذڪر ملي ٿو. اتي شاهه صاحب پنھنجي شاعريءَ منجھه سنڌ جي سورمن کي پڻ نه وساريو آھي. شاھه صاحب پنھنجي ڪلام ۾ ست سورميون ۽ ڏھن ڏاتارن کي ڪردارن جي صورت ۾ ڳايو آھي. انھن ڏھن ڏاتارن منجھان ھڪ سخي ڪردار ٿانور ڀٽي پڻ آھي. جنھن جو ذڪر سر سارنگ ۾ ملي ٿو.
تاريخ ۾ ھڪ سخي ڪردار بابت جيڪي ڪجھ شاھديون ملن ٿيون انھن مان اھو ثابت ٿئي ٿئي ٿو ته قديم دؤر ۾ ٿرپارڪر ضلعي جي بڊام ۽ سامروٽيءَ واريءَ ايراضيءَ تي ٿانور ڀٽيءَ جي راڄڌاني هئي، جيڪو سخاوت ۽ مهمان نوازيءَ کان نهايت مشهور هو. اهو علائقو ٿانور ڀٽيءَ جي سخاوت ۽ گنج لٽائڻ جي ڪري “گنج گوندي” سڏجڻ لڳو. گنج گونديءَ جو شهر، پُراڻ درياهه جي اولهه طرف، هڪ پراڻي وهڪري جي ڪناري تي هو، جيڪو ماڳ موجوده جاگرافيءَ موجب ڊگهڙي شهر کان چار- پنج ميل ڏکڻ طرف، تپي ميرمحمد حسن ۾ هو ۽ هن وقت به اُن جا آثار موجود آهن. آخر اهو دؤر به آيو ته پاڻيءَ جي اڇ وارو اهو علائقو خشڪ ساليءَ جو شڪار ٿي ويو. (سنڌيانا انسائيڪلوپيڊيا)
ھاڻ ته زندگي گذارڻ به محال ٿي وئي آهي. اھڙي صورتحال ۾ ٿانور ڀٽيءَ کي سندس زال درخواست ڪئي ته:
ٿانور ھن خطي ۾ ڏڪار تمام گھڻو پئجي چڪو آھي، اڳ ته مال مري رھيو ھو. هاڻ ته ماڻھن مرڻ شروع ڪيو آھي. ھل ته ڪنھن ٻئي خطي ۾ ڪجھه وقت ھلي ڪجھه وقت گذاريون.
جيئڻ ڪاڻ جيڏيون، مون وڏا ڪيام وس.
(شاھه صاحب)
جيئڻ لاءِ انسان ازل کان وس نه گھٽايو آھي. حياتي خدا جي نعمت آھي. ان فلسفي تي انسان سدائين پنھنجي آجپي لاءِ وڏا وڏا ڪشالا ڪندو رھيو آھي. تنھنڪري ٿانور ڀٽي به زال سان گڏ زندگي جي نئين آجپي لاءِ ھڪ اھڙي خطي ۾ وڃي ٿو. جتي جي حڪمران پاران اھا پابندي مڙھيل ھئي ته “منھجي ملڪ ۾ ٻاھران آيل زال مڙس کي گڏجي مزدوري ڪرڻ جي اجازت نه ھوندي، ڇاڪاڻ ته جڏھن اهي گڏ ھوندا ته ھو چڱي نموني ڪم ڪري نه سگھندا.” پر ان ڳالھه ھنن کي پريشان ڪيو.
الا ڏاھي مَ ٿيان، ڏاھيون ڏک ڏسن
(شاھه صاحب)
اتي ٿانور جي گھر واري کيس چيو ته: اي ٿانور! تون پريشان نه ٿي، ھتي پاڻ اھڙي نموني رھنداسين جو ڪير اسان کي پرکي ئي نه سگھندو. آءُ تنھنجي ڀيڻ سڏائيندس ۽ تون ڀاءُ سڏاء ايئن اسان ڀاءُ ڀيڻ جي حيثيت سان ڪجھه وقت مزدوري ڪري سگھنداسين ۽ ڪير اسان کي سڃاڻي نه سگھندو ۽ جيئڻ اسان لاءِ تمام اھم آھي.
شاھه صاحب ان وقت ھڪ بيت چيو جنھن ۾ ھن بادلن کي ميار ڏني آھي ته: اي بادل تون وسين پوين ھان ته نه رشتا مٽجن ھا نه وري لڏپلاڻ ٿئي ھان نه ئي وري ھڪ خطي جو بادشاھ ٻئي خطي ۾ خانه بدوش فقير ٿئي ھا.
وَسُ بادل وَسُ وسندي وَسَ ٿئي
تو پيڪا مون ساھرا کنوڻ پَلايو رَسَ
تني ڀاڳين وس، جن ور مٽائي ڀار ڪئا.
(شاھہ صاحب)
ان خطي جي بادشاھه جي ڌي روزانو مزدورن کي خيرات ڏيندي ھئي. ٿانور ڀٽيءَ به پنھنجي زال کي چيو ته:
تون به وڃ ۽ شھزاديءَ کان خيرات وٺي آ جيئن سڪار اچڻ تائين ڪجھه کائي سگھون.
بعد ۾ ھيءَ راڻي خيرات وٺڻ وارن جي قطار ۾ بيھندي آھي پر ھن جا خيرات وٺڻ مھل ھٿ ڏڪي رھيا ھئا. ڇاڪاڻ ته ھن ڪڏھن ورتو ناھي ھي ھميشه ڏيڻ واري رھي آھي ھن جو سدائين مٿيون ھٿ رھيو آھي ھيٺيون ھٿ ناھي رھيو ھن جي لرزش ڏسي شھزادي سمجھي ويندي آھي. ان وقت شاھه صاحب ته دعا گھرندي فرمائي ٿو ته:
ڏونگا آڇ مَ تن کي ڪاسا جنين ڪم
پندي پرڏيھه ۾ تن سوڍين کي شرم
اٿن گھڻو ادب سين، ڳالھائين نرم
قادر ڪر ڪرم، انھن جي وطن ۾ وس ٿئي.
(شاھه صاحب)
شاھه صاحب چوي ٿو ته: تون ڏونگا ڀري ٿي ڏين پر ھيءَ پنھنجي ڏني ڪاسا ڀري ڏيندي ھئي. پندي پرڏيھه ۾ ھن سوڍين کي شرم محسوس ٿئي ٿو. ھي اٿن ادب سان ۽ ڳالھائن ادب سان ٿيون. مالڪ! ڪجھه ڪرم ڪر انھن جي ديس تي جيئن ڪجھه وسي.
اڄ پڻ منھنجي يار وسڻ جا ويس ڪيا.
(شاھه صاحب)
نيٺ ڪجھه وقت بعد ٿانور جي ديس ۾ مندائتا مينھن ڪارا ڪڪر ڪري بيھندا آھن. جڏھن سڪار ايندو آھي ته لطيف ٿانور ڀٽيءَ جي زال واتان چوائي ٿو ته:
ٿانور اٿي پس ڏيھه کنودي وڄڙي
من کلي باغ ٿيو ھينئري لٿي ڪس
تني ڪارڻ وس جنين ور مٽائي ڀاور ڪيا.
(شاھه صاحب)
حوالو :
شاھ جو رسالو: ٻانھو خان شيخ جلد پھريون داستان
انسائيڪلوپيڊيا
***