ادبي خط عزيز گوپانگ

(2)

فليٽ نمبر چار سئو ڏھ

بلاڪ نمبر اي صنم هائيٽس

ويجھو نسيم نگر، قاسم آباد

حيدرآباد

عزت ڀري سانئڻ… سيما

اسلام عليڪم.

اميد آھي ته اوھين خوش ھونديون.

اوھان جي خط جو جواب دير سان ڏيان پيو، جنھن جي واسطي عُذر کان بھتر معذرت آھي. اميد ته قبول پوندي.

سيما.

اوھان لکيو آھي ته مون سان ڳالھائي اوھان کي سڪونِ قلب حاصل ٿيو. اھ

و احساس مون وٽ به آھي، بلڪل ساڳي صورت ۾، سو ان ڪري به، جو پاڻ شاعر فطرت جو ڇٽيل اھڙو ٻج آھيون. جنھن جي زمين الڳ الڳ ته ضرور آھي. مگر ان جي آبياري ساڳيءَ پاڻيءَ سان ٿئي ٿي. اھو پاڻي اک جو به ٿي سگھي ٿو. اوھان منھنجي نالي جي مماثلت ھڪ ناول جي ڪردار سان ڏيکاري آھي. جنھن جو زمان و مڪان ھر طور، منھنجي ذات سان ميل نٿو کائي مگر اھا نالي واري ھڪ جھڙائي اوھان کي حيران ڪري ٿي ۽ اوھان کِلي پئو ٿيون. اوھان جي اھڙي کِل تي آئون خوش آھيان..

سيما!

سچ پڇيو ته مون کي عزيز بدران پنھنجو اصل نالو حيدر وڌيڪ وڻندو آھي.  الائي ڪھڙو لمحو ھو، جو مون پنھنجو ادبي نالو “عزيز” طئي ڪيو هو توڙي جو مون ۾ “عزيز” کان وڌيڪ “حيدر” موجود آھي. ھر طور معنيٰ ۽ مفھوم ٻنھي حوالن سان.

ساڳئي ناول جي ڪردار جي “ايلا” عورت البته اوھان سان ھڪ جھڙائي  ضرور رکي ٿي، جيئن اوھان لکيو آھي مون به اوھان کي ائين ئي محسوس ڪيو آھي. ھڪ پُر خلوص ۽ ٻاجھ واري شخصيت، جنھن جي نماڻائي، ٻاجھائپ ۽ خلوص جو پڙلاءُ، سندس تحرير مان ٻڌي ۽ محسوس ڪري سگھبو آھي.

اوھان پنھنجي خط ۾ ايترا ته موضوع رکيا آھن جن جي جواب ۾ منھنجو خط ھر صورت ۾ ناڪافي ثابت ٿيندو. ڪوشش جي باوجود به جيڪڏھن ھي خط اڻپورو رھجي وڃي ته ان ۾ منھنجي ھيڻائي ڀانئجو. وڏائي نه…!

سيما!

الائي ته ڪھڙي سبب مون اوھان کي دير سان پڙھيو ۽ وري ھَم ڪلام تڏھن ٿيا آھيون جڏھن اوھان ڪنھن قدر سخت بيماريءَ مان گذري رھيون آھيو. اوھان جي ذات سان در پيش، اھڙي ڏک ۽ تڪليف واري صورت مون کي ذري گھٽ، ساڳئي ئي ڪَرب ۾ وٺي ويندي آھي. جنھن ۾ اوھان موجود آھيو. آئون اوھان جي چَڱَ ڀلائي واسطي اُھي سڀ دعائون گُھرندو آھيان، جيڪي آئون پنھنجي امان کان سِکيو ھئس. ننڍي ھوندي جون دعائون جيئن، “ڪڏھن توکي ڪوسو واءُ نه لڳي” الله ڪو ڏکيو ڏينھن نه ڏيکاريئي وغيره…

سيما!

اسان ڏکئي وقت ۾ ڏکين ماڻھن سان گڏ رھون پيا، وقت جي تلخي ۽ ماڻھن جي سنگ ريزي اسان جي روح کي ئي نه، بدن کي به ڀورا ڀورا ڪري ٿي. اوھان جي بيماري کي آئون، قسمت کان وڌيڪ ماڻھن جي مھرباني سمجھان ٿو۔ الله سائين  اوھان کي اھڙي صحت ڏي، جھڙي اوھان کي دل ڏني اٿائين. صاف با اوصاف ۽ سدا جوانَ.

مون اوھان جا موڪليل ڪتاب، سڪ ۽ اتساھ سان پڙھڻ شروع ڪيا آھن. اوھان جي شاعري، اوھان جي ذات جو احاطو ڪرائي ٿي ۽ ٻڌائي ٿي ته ھي اھڙي شاعره جي سرجيل آھي جنھن جي مٿان ڪنھن جو قرض يا ڪنھن جي قرض جي ڪا قسط بقايا ناھي. اوھان جي شاعري جي اکر اکر ۾ سادگي ۽ ان سادگيءَ ۾ حُسن ۽ ان حُسن ۾ حيرانگي پکڙيل آھي. پري پري تائين..!

ڀانيان ٿو ته وِيھَن پنجويھَن سالن کانپوءِ، آئون ڪنھن سان خط جي صورت ۾ مخاطب آھيان. خط لکڻ واري ختم ٿيل رواج کي ٻيھر شروع ڪرڻ وارو ڪريڊٽ بيشڪ اوھان جي حصي ۾ اچي ٿو.

اوھان جي حصي ۾ خطن جي ختم ٿيل دور جو اچڻ ئي نه اوھان جي حصي ۾ مئل دلين کي زنده ڪرڻ واري ڪوشش به اچي ٿي.

سيما! سچ پڇيو ته، ھر طرح سان آئون الله سائين جو احسان مَند آھيان، جنھن اوھان جي دل ۾ منھنجي لاءِ عزت ۽ تڪريم رکي آھي. ان لاءِ به آئون سندس دَر تي اوهان جي بيماري جي حوالي سان اوھان جي حياتي لاءِ ٻيجل وانگي سين ھڻان ٿو ان يقين سان ته ھُو راءِ ڏياچ کان وڌيڪ سخي آھي.

سدائين گڏ

عزيز گوپانگ

 

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments