ادب جا بنيادي محرڪ ڊاڪٽر پيار علي جتوئي
هن ڌرتيءَ تي پلجندڙ مڙني مخلوقن مان انسان ذات علم، عقل، شعور ۾ سرس رهي آهي. اوائلي دور کان وٺي جملي مخلوقون پنهنجي پنهنجي نسل جي بقا خاطر طرحين طرحين جون جفاڪشون ڪنديون رهيون آهن، ڪڏهن اهي موسمن جون سختيون پنهنجي سر تي سهنديون رهيون آهن ته ڪڏهن قدرتي آفتن سان مهاڏو اٽڪائينديون رهيون آهن. ڪيڏي مهل ته اهي مخلوقون هڪٻئي کي ماري کائي پنهنجي جيئڻ جو سبب پيدا ڪنديون رهيون آهن. حاصل مطلب اهو ته هر مخلوق جو بنيادي مقصد اهو رهندو آهي ته اها پاڻ کي زنده رکي سگهي ۽ ان جو نسل قائم رهي سگهي. اهڙي جيئڻ واري جنگ کي ڀٽائي سائين ڪجهه هن ريت بيان ڪيو آهي:
“جيئڻ ڪارڻ جيڏيون، مون وڏا وس ڪيا”
مخلوقن جي پاڻ ۾ اها ويڙهاند اڄ ڏينهن تائين جاري رهندي پئي اچي. اهڙي ويڙهاند واري طرز عمل ۽ زندگي کي درندگي وارو دور سڏي سگهجي ٿو، پر جيئن انسان هن ڪائنات جي رازن ۽ رمزن کي سمجهڻ شروع ڪيو ۽ دنيا جي لڪل فطرتي قائدن ۽ قانونن جي ڄاڻ حاصل ڪندو رهيو، تيئن انسان ذات جي جيئڻ جا بنيادي مقصد وقت سر ۽ گهرجن پٽاندڙ بدلبا رهيا. تاريخ جي مختلف دورن ۾ اهڙا انيڪ مٿير مڙس پيدا ٿيندا رهيا جيڪي انسانن کي صرف پنهنجي ڪاڻ جيئڻ کي زندگيءَ جو تمام گهٽ ۽ ننڍڙو مقصد سمجهيو، تنهنڪري اهڙن آفاقي آدرش رکندڙ ڏاهن، فيلسوفن، شاعرن، اديبن، آزادي جي علمبردارن، سورمن، سائنسدانن، سياستدانن پنهنجون زندگيون وقف ڪري نه رڳو انسان ذات لاءِ پر ڌرتيءَ تي رهندڙ سڀني مخلوقن جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪري انهن جي لاءِ مفيد ڳالهيون هٿ ڪري نه رڳو پنهنجي، پر جملي مخلوقن جي زندگي سولي بڻائي ڇڏي. اها زندگي جيڪا اڳ ۾ جيئڻ ئي عذاب هوندي هئي، ان کي پنهنجي مرضي مطابق گذارڻ جو ڏانءُ سکي ورتو.
جيئن ته هن دنيا توڙي هن وسيع ڪائنات متعلق ڄاڻ حاصل ڪرڻ، زمين جي تهن توڙي سمنڊن جي گهرائين ۾ غوطا کائي موتي ميڙڻ، انسان جي پنهنجي جيءَ اندر جهاتي پائڻ، انسان جي پنهنجو پاڻ ۾ موجود خزانن کي ڦلورڻ سان ڄاڻ جي کاڻ جون کڙڪيون کلنديون ويون. جيئن جيئن انسان اهڙي قسم جي معلومات وٺندو ويو، انسان جي سمجهه توڙي سوچ ۾ واڌارو ايندو ويو، انسان جي سوچڻ جا پئمانا بدلجندا ويا. ڪيئي قسمن جون قديم ريتون رسمون مدي خارج بڻجي ختم ٿي ويون، وقت گذرڻ سان گڏ، پراڻيون تهذيبون بدلبيون ويون، پراڻا قانون ردي ٿي ويا. ڄاڻ جي حاصلات جي ڪري انساني زندگي جو سمورو رنگ ڍنگ بدلجي ويو. اهڙيءَ طرح اهو علم انسان کي جملي مخلوقن کان اتم بڻائي ڇڏيو. جيئن ته علم ڄاڻ ۾ ڏينهون ڏينهن ايترو واڌارو ٿيندو ٿو وڃي ۽ علم اڄ تائين ايتري ترقي ڪئي آهي جو ان جون ڪيئي شاخون نڪري پيون آهن. انسان انهيءَ علم کي ترتيب وار موضوع جي مناسبت سان دورن جي سلسلي وار مختلف مرحلن ۾ توڙي مختلف قسمن ۾ ورهايو آهي.
جيئن ته علم جون ڪيئي شاخون آهن، پر ادب علم جي سڀ کان مٿانهين شاخ سمجهيو وڃي ٿو. ادب کي علم جو شاهڪار سمجهيو وڃي ٿو يا ايئن کڻي چئجي ته سموري علم مان ادب علم جي بهترين موتين مان سڀ کان اعليٰ قسم جو موتي آهي، جنهن انسان جي وحشي پڻي، درندگي، ظلمت ۽ انارڪي مزاج کي ختم ڪري، شائستگي، نرمي، مرڪ، پيار، محبت، ٻاجهه، ڪرم، مهرباني، خلوص، نياز نوڙت، سهپ، برداشت، در گذر ڪرڻ، معاف ڪرڻ جهڙا قدر انسان جي مزاج ۾ پوئيا. اديب ماڻهو اهڙا نازڪ نفيس مزاج رکندڙ، قرب وارا، سادا سولا، ٻاجهارا، ڳالهائين ته ڄڻ وات مان گلاب جا گل ٽڙندا هجن، لفظن منجهه اهڙو جادوگري جو ڳالهائڻ لڳن ته ماڻهو سندن آواز جي سحر ۾ پاڳل ٿي وڃن، اهڙو رواني سان لکن جو پڙهندڙ سندن ڪهاڻين ۾ غرق ٿي وڃي، اهڙي شاعري ڪن جو ڄڻ ته سندن لفظ تير جيان ماڻهن جي دلين ۾ چڀي پون. اهڙن املهه ۽ سون ورنيون دليون رکندڙ شاعر اديب، ڪهاڻيڪار، فلسفي جڏهن هٿ ۾ قلم کڻي ادب لکڻ لڳندا آهن ته قومن جون تقديرون بدلجي وينديون آهن. انهن جي قلم جو اهو ئي ته ڪمال هوندو آهي جو تاريڪ راتين کي روشن ڏينهن ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو آهي. اديب شاعر قومن جا نمائندا هوندا آهن. قومن جي تاريخ اڏيندا آهن ۽ قومن جي اونداهي مستقبل کي چار چنڊ لڳائي روشن ڪندا آهن.
اهو سقراط ئي هو جنهن جي علمي گفتگن ماڻهن کي عقيده پرستي واري واٽ ڇڏي ماڻهن کي علمي عقلي سوچ سوچڻ تي مجبور ڪيو ۽ اڄ جو انسان دقيانوسي رسمن رواجن، انڌن عقيدن کي ڇڏي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ڀڙ ٿي اڄ ڌرتي ڇڏي ڏورانهن سيارن ڏانهن وک وڌائي رهيو آهي. ڀلا جنيوا ڄائي فلسفي روسو کي ڪير وساري سگهي ٿو جنهن جي لکڻين يورپ ۾ روشن خيالي جي اها چڻنگ دکائي جيڪا اڳتي مچي مچ ٿي پئي ۽ سڄي يورپ کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ فرانس جو عظيم انقلاب برپا ٿيو. دنيا جي عظيم اديب ڪارل مارڪس کي ڪيئن ياد نه ڪجي جيڪو پاڻ ته فاقا ڪٽي مري ويو، پر دنيا جي مظلوم غريب مزدور ماڻهن لاءِ اهڙو نظام ڏيئي ويو جو دنيا جي تاريخ ۾ اهڙو نظام ڪنهن ناهي ڏنو.
ٿلهي ليکي ايئن کڻي چئجي ته ادب جو بنيادي مقصد ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪري ماڻهوءَ جون وحشي صفتون بدلائي انساني روپ اختيار ڪرائي ٿو. ادب پراڻيون دقيانوسي ريتون رسمون اوائلي عقيده مٽائي انسان کي نئين زندگي جيئڻ جو ڏانءُ ڏئي ٿو. ادب ماڻهن کي سوچڻ سمجهڻ تي مجبور ڪري ٿو. اڄ جي جيڪا حقيقت آهي، اها ڪالهه جي ڪنهن اديب دانشور، فلسفي جو ذهني خاڪو هو، تنهنڪري اديب دانشور کي مستقبل اڏيندڙ به چئي سگهجي ٿو. اديب غلام قومن کي آزادي لاءِ هرکائين ٿا، اديب اگهور ستل قومن کي پنهنجي گيتن ۽ لکڻين وسيلي جاڳائي سندن ستل ضمير جنجهوڙي کين جاڳائين ٿا. اهو شاعر ئي آهي جيڪو ايڏي هام هڻي سگهي ٿو:
“ٿي تند وڙهي تلوارن سان، تون هيڻو آن هٿيارن سان”
يا وري ڪيڏي نه اميد ڀري ڳالهه ڪئي آهي:
“وٺي هر هر جنم وربو مٺا مهراڻ ۾ ملبو”
اهڙيون کوڙ ساريون سٽون آهن جن کي ٻڌڻ سان انسان جي جسم جي لونءُ لونءُ ڪانڊارجي وڃي ٿي. جنهن جي سحر ۾ اچڻ سان جسم جا وار به اڀا ٿي وڃن ٿا. تنهنڪري دنيا جو هر ادب قومن کي زنده رکڻ جو ذريعو بڻجندو آهي. اهي قومن مري کپي وينديون آهن جن جا شاعر اديب فلسفي پنهنجو قلم چند ٽڪن تي کپائي ڇڏين. انهن قومن جو حشر ڏاڍو خراب ٿيندو آهي جن وٽ پنهنجي اديبن دانشورن جو قدر ناهي هوندو. تنهنڪري اچو ته پنهنجي قوم جي سچن سورمن، ڏاهن، ليکن کي مان ڏيون ته جيئن اهي پنهنجي قلم مان پنهنجي رت سان لفظ لکي اسان جي ضميرن کي جنجهوڙيندا رهن ۽ اهو ئي اسان جي مستقبل ۾ پنهنجي وجود کي باقي رکڻ جو سبب بڻجندو رهندو.
p03323993783@yahoo.com
***