ادب: وبا جي ڏينهن ۾ منهنجو بهترين ساٿي ڪليم ٻُٽ
سال 2020 ڪنهن هڪ خطي لا نه پر سموري دنيا لا هڪ عجيب سال ٿي گذريو آهي، منهنجي خيال ۾ هي سال انساني تاريخ جي ڏکين ۾ ڏکين سالن مان هڪ هوندو، انسان ذات هڪ اهڙي وبا جي ور چڙهي وئي جنهن جو توڙ اڃان تائين نه ملي سگهيو آهي ۽ ان دوران لکين انسان زندگي جي روشني کان محروم ٿي موت جي اونداهي جي ور چڙهي ويا، ذاتي طور هي وبا منهنجي لا اذيت ڏيندڙ ثابت ٿي، سال 2020 جي جون مهيني ۾ ڪووڊ 19 جي ڪري منهنجو وڏو ڀاءُ محمد عثمان ٻُٽ اسان کان وڇڙي ويو، سندس يادون اڄ به زهريلي نانگ جيان ڏنگين ٿيون. ان کان پهريان مون وبائن جي باري ۾ رڳو ادب ۾ پڙهيو هو يا فلمن ۾ ڏٺو هو، پر هي اها وبا آهي جنهن مان اڃا تائين پاڻ گذري رهيو آهيان، هر پل اهو خوف به رهي ٿو ته ڪٿي هي وبا منهنجي ڀا جيان مون کي به نه ڳڙڪائي وڃي… ڪٿي ائين نه ٿي جو سيني ۾ سانڍيل هزارين ڪهاڻيون مون سان گڏ ئي دفن نه ٿي وڃن. اپريل 2020 کان ذهني ٻڏتر ۽ بي يقيني جي عالم ۾ ڪجهه مهينن لا پاڻ کي مڪمل طور ڪورنٽين ڪري ڇڏيو، سوشل ڊسٽنسنگ جي چڪرن ۾ زندگي هڪ ڪمري تائين محدود ٿي وئي، هر پل ذهن ۾ عجيب خيال ايندا رهيا، پر خوشي جي ڳالهه اها آهي ته انهن ڀوائتن ڏينهن ۾ ادب منهنجي پناهه گاهه بڻيو، انهن ئي ڏينهن ۾ مون پنهنجو ناول “يوٿوپيا” لکي پورو ڪيو، جيڪو هڪ ڊسٽوفايائي ناول آهي جنهن ۾ مون هڪ اهڙي خيالي رياست ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جيڪا اتان جي شهرين جي ذهنن کي ٽيڪنالاجي وسيلي قابو ڪري سندن ذهنن ۾ رڳي اهي ڳالهيون ڀرڻ گهري ٿي جن مان حڪمرانن جا ذاتي فائدا پورا ٿين ٿا، ٻي هر سوچ تي پابندي… اها رياست خيالي به آهي ته وري ساڳي ئي وقت اها اسان جي چوڦير ڪيترين اهڙين رياستن ڏانهن به اشارو ڪري ٿي، جتي اهو سڀ ڪجهه سوچيل سمجهيل رٿ موجب ٿي رهيو آهي. لکڻ سان گڏ ادب پڙهن جو سلسلو به هلندو رهيو ۽ اڃان به هلي رهيو آهي ۽ دل جي ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن اهي ڪتاب ۽ نيٽفلڪس جو ساٿ نه هجي ها ته مان يا ته چريو ٿي وڃان ها يا وري پاڻ ئي پنهنجو انت آڻي ڇڏيان ها، پر سال 2020 دوران پڙهيل ناولن مون کي نئون جيئدان ڏنو، وبا سان وڙهڻ جو حوصلو ڏنو، انهن مان ڪيترن ئي ناول تي وقت سر مختلف اخبارن يا سوشل ميڊيا تي لکندو رهيو آهيان ۽ هن مضمون ۾ به انهن جو ئي ذڪر ڪندس. ڪجهه ڏينهن اڳ مون مشهور هندستاني ناول نگار اروندتي را جو مضمونن جو ڪتاب “آزادي” پڙهي پورو ڪيو آهي جنهن جو ذڪر آخر ۾ ڪندس. اهو هڪڙو ئي ڪتاب هوندو جيڪو نان فڪشن آهي باقي هن مضمون ۾ ڏنل سڀ ڪتاب ناول هوندا، اهو به ممڪن آهي ته ڪو هڪ اڌ ناول ذڪر ۾ اچڻ کان رهجي وڃي.
2020ع ۾ اهي ناول جيڪي مون پڙهيا انهن جي فهرست هن طرح آهي:
روب سنڪلئر جو سليپر 13 (2018): روب سنڪلئر جي حوالي سان مان اڳ به لکي چڪو آهيان، بنيادي طور روب فارنزڪ جو ماهر آهي، هن سندس زال (جيڪا ڪتاب پڙهڻ جي شوقين آهي) سان شرط لڳائي ته هو هڪ اهڙو ناول لکندو جنهن کي پرهندڙ پوري ڪرڻ بنا ڇڏي نه سگهندو ۽ هن اهو ڪري به ڏيکاريو، سندس ناول سليپر 13 سال 2018 جو بهترين ٿرلر ناول آهي جنهن تي مختلف تبصرن ۾ لکيو ويو ته سال 2018 جو اهو ناول جيڪو لازمي پڙهڻ گهرجي. هن ناول جو پلاٽ دهشتگردي جي ور چڙهيل دنيا آهي. ناول جو مک ڪردار ايدين نالي نوجوان آهي جيڪو هڪ دهشتگرد گروهه جو اهم هٿيار آهي، ننڍي لاءِ سندس پيءُ کيس افعانستان ۾ دهشتگردن جي هڪ تربيتي ڪيمپ ۾ ڇڏي وڃي ٿو جتي کيس يورپ ۽ آمريڪا کي تباهه ڪرڻ جو درس ڏنو وڃي ٿو، ايدين يورپ ۾ اچي رهي ٿو ۽ دهشتگردي جي ڪجهه وارداتن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، هاڻي سندس دهشتگرد تنظيم دنيا جي مختلف ملڪن ۾ هڪڙي وقت دهشتگردي جي وڏي رٿ جوڙي ٿي جنهن سان سموري دنيا ڏڪي ويندي، پر ايدين کي احساس ٿئي ٿو ته هي سڀ غلط ٿي رهيو آهي ۽ هو سندس ئي تنظيم جو سڀ کان وڏو دشمن ٿي بيهي ٿو. هن ناول ۾ ڪردار تمام گهڻا آهن جڏهن ته ڪيترائي سب پلاٽ پڻ اٿس، پر ناول جي اڻت اهڙي ته خوبصورت نموني ڪيل آهي جو پڙهندڙ ڪٿي به منجهي نٿو ۽ دنيا کي سمجهڻ جا نوان در کولي ٿو.
تاشا ايلگزينڊر جو ٽيرس آف پرل (2009): آمريڪي ليکڪا تاشا ايلگزينڊر جو هي ناول ليڊي ايملي سيريز جو چوٿون ناول آهي، ليڊي ايملي ۽ سندس مڙس ڪولن هارگريوس برطانوي جاسوس آهن ۽ هني مون لا ٽرين جو سفر ڪري ترڪي پهچن ٿا، سفر دوران کين سر وليم نالي هڪ پوڙهو برطانوي سفير ملي ٿو، جيڪو کين ورهيه اڳ سندس خاندان سان ٿيل هڪ حادثي بابت ٻڌائي ٿو جنهن ۾ سندس زال مري وڃي ٿي ۽ سندس ڌي وڇڙي وڃي ٿي، سر وليم کي شڪ آهي ته سندس ڌي جيئري آهي ۽ ترڪي ۾ آهي ۽ جيڪڏهن ليڊي ايملي وارا سندس ڌي کي ڳولهڻ ۾ هن جي مدد ڪندا ته هو تخت برطانيا کي هنن جي سفارش ڪندو. جنهن رات هي جاسوسي جوڙو ترڪي پهچي ٿو انهيءَ رات محل جي ٻاهران هڪ نوجوان ڇوڪري کي قتل ڪيو وڃي ٿو جنهن جو واسطو سلطان جي حرم سان آهي، سر وليم کي ڇوڪري جي لاش مان اهڙيون شاهديون ملن ٿيون جنهن مان کيس پتو پئي ٿو ته اها سندس ئي گم ٿي ويل ڌي هئي. هاڻي هن جوڙي کي اهو پتو ڪرڻو آهي ته ڇوڪري کي ڪنهن ۽ ڇو مارايو، ان ۾ ڪا محلاتي سازش ته نه آهي، هي ناول جاسوسي هجڻ سان گڏ ترڪي جي سياسي ۽ سماجي تاريخ جي ڄاڻ به ڏيندو هلي ٿو ته محلن ۾ ٿيندڙ سازشن تان به پردو کڻي ٿو، پر ان جي ڪري پڙهندڙ ڪهاڻي کان پري ٿي وڃي ٿو ۽ ڪٿي ڪٿي بوريت جو احساس به ٿئي ٿو، جڏهن ته ناول جي اڌ ۾ ئي خبر پئجي وڃي ٿي ته اڳيان ڇا ٿيڻو آهي ۽ قتل ڪنهن ڪرايو آهي، پر ان هوندي به ڪيترن ئي هنڌن تي ناول ۾ دلچسپي پڻ اڀري ٿي، مان هن کي هڪ وچٿرو ناول سمجهان ٿو جيڪو نون پڙهندڙ کي متاثر ڪرڻ جي سگهي رکي ٿو.
جي ڪي رولنگ جو دي اڪابوگ (وبا جي ڏينهن ۾ لکيل ٻاراڻو ناول جيڪو آن لائين رکيو ويو 2020): هيري پوٽر سيريز جي مشهور ليکڪا جي ڪي رولنگ جو ٻارن لا لکيل هي ناول دي اڪابوگ جو پهريون ڊرافٽ 2005 ۾ لکيو ويو ۽ رولنگ ان کي خاني ۾ رکي وساري ڇڏيو، اصل ۾ هي اها ڪهاڻي آهي جيڪا رولنگ سندس ٻارن کي سمهارڻ وقت ٻڌائيندي هئي، پر کيس ان کي ڇپائڻ جو خيال نه آيو، وبا جي ڏينهن ۾ کيس ان ناول جو ڊرافٽ مليو ۽ هن ان کي ايڊٽ ڪري ان جا باب انٽرنيٽ تي رکڻ شروع ڪيا، سندس مقصد اهو هو ته وبا جي ڏينهن ۾ ٻار پاڻ کي مصروف رکن، هن ناول جا 60 کان مٿي باب انٽرنيٽ تي روز جي بنيادن تي اپلوڊ ڪيا ويا ۽ هيري پوٽر جيان هن کي به ساراهيو ويو، ناول جي ڪهاڻي لوڪ داستانن واري انداز ۾ ٻڌايل آهي، هڪ خيالي رياست ۾ جيئن ئي بادشاهه مٽجي ٿو ته عجيب واقعا ٿيڻ شروع ٿين ٿا جن جو لاڳاپو اڪابوگ نالي خيالي حيوان سان جوڙيو وڃي ٿو اول ته ڪنهن کي به اهو يقين نٿو اچي ته اڪابوگ حقيقت ۾ موجود آهي، پر پو ان جون واضح نشانيون ملن ٿيون، هي ناول سولو ۽ سادو لکيل آهي جيڪو پڙهڻ دوران ڪٿي به نٿو ٿڪائي. هن ناول کي ڪتابي صورت ۾ نومبر 2020 ۾ آندو ويو.
ڪي ڊي ميڪ جو رپلز ان ٽائيم (2020): هي به هڪ مختصر سسپينس ناول آهي جيڪو 2020 ۾ اي بوڪ فارميٽ ۾ ڇپيو، هن ناول جو مک ڪردار ايمي نالي نوجوان ڇوڪري آهي جيڪا هڪ بئنڪ جي ڌاڙي جي وچ ۾ ڦاسي پئي ٿي، هن سان گڏ ڪيترن ئي ماڻهن جي زندگي دا تي لڳل آهي، پر ايلٽ نالي ڪردار ايمي وارن جي مدد لا اچي ٿو، جنهن کي شڪ آهي ته هي ڪو عام رواجي ڌاڙو نه پر ڪنهن وڏي سازش جي هڪ ڪڙي آهي ۽ هو ايمي سان گڏ ان جي مخلتف ڪڙين کي ترتيبوار هڪ ٻئي سان ملائڻ جي ڪوشش ۾ لڳي وڃي. هن ناول ۾ ڪهاڻي تيزي سان اڳيان وڌي ٿي ۽ هڪ ٻئي پٺيان واقعا ايندا وڃن ٿا ۽ پڙهندڙ هڪ واقعي کي ٻئي واقعي سان جوڙڻ ۾ ناڪام رهي ٿو، ڪهاڻي کي سادي نموني ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڪيترائي جهول نظر اچن ٿا.
اورحان پاموڪ جو دي سائلنٽ هائوس (2012): هي ادب جو نوبل انعام ماڻيندڙ ناول نگار اورحان پاموڪ جو ناول آهي جيڪو ترڪي ٻولي ۾ 1983 ۾ ڇپيو ۽ ان جو انگريز ترجمو 2012 ۾ آيو. هي پاموڪ جو ٻيو ناول آهي، ناول جي ڪهاڻي فاطمه نالي هڪ پوڙهي مائي جي ڪهاڻي آهي، جيڪا استنبول جي پراڻي محلي ۾ رهي رهي آهي، هو گرمين جي موڪلن ۾ سندس ٻارن جي اچڻ جو انتظار ڪري رهي آهي، ٻارن جي اًچڻ جي انتظار ۾ هو سندس نوڪر ريسپ سان ڪچهري ڪندي گذري ويل ڏينهن کي ياد ڪرڻ لڳي ٿي، پر ريسپ جو سئوٽ حسن جيڪو ساڄي ڌر جو قومپرست آهي فاطمه ۽ سندس ٻارن کي ملڪ جي مٽجندڙ سياسي صورتحال ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هن ناول ۾ ترڪي جي سياسي صورتحال ۽ ان جي جديديت واري سفر تي گهرائي سان لکيو ويو آهي، پر ڪردارن جي گهڻائي ۽ واقعن جي طوالت جي ڪري ناول پڙهندڙ کي ٿڪائي به اٿو، پر ان هوندي به اورحان جي ڪهاڻي پڻي جو اهو ڪمال آهي ته پڙهندڙ هي ناول پورو ڪرڻ بنا نه ڇڏي سگهندو، گهٽ ۾ گهٽ مون سان ته اهوئي ٿيو.
ڊيليا اوينز جو وئير دي ڪارڊيڊز سنگ (2018): هي ناول سال 2018 ۾ نمبر ون نيويارڪ بيسٽ سيلر رهيو ۽ ان جون لکين ڪاپيون وڪرو ٿي چڪيون آهن، ناول جو مک ڪردار 23 سالن جي ڪيا ڪلرڪ آهي جيڪا نارٿ ڪيرولائينا رياست جي هڪ ڳوٺ ۾ رهي ٿي، سال 1969 جي هڪ ڏينهن سندس عاشق چيز جو قتل ٿئي ٿو، ان قتل جو شڪ ڪيا ڏانهن وڃي ٿو ۽ اتان جو هڪ پوليس وارو ڪيا خلاف ثبوت گڏ ڪرڻ لا جاچ شروع ڪري ٿو، ان دوران ڪيا سندس زندگي جو احوال ٻڌائڻ شروع ڪري ٿي، هو ٻڌائي ٿي ته ڪهڙي نموني سندس ما جي ڇڏي وڃڻ کانپو سندس ٻالڪ پڻو تباهه ٿي ويو، ماءُ واريون ذميواريون هن تي اچي ويون، هوءَ انهن کان سدائين ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. ان وچ ۾ سندس ملاقات ٽيٽ سان ٿي جنهن کيس لکڻ پڙهڻ سيکاريو ۽ پو هو وڌيڪ پڙهڻ لا هن کي ڇڏي ويو، جنهن کانپو هو چيز سان ملي. هن ناول جي ڪهاڻي ايتري ته خوبصورتي سان ٻڌايل آهي جو پڙهندڙ ان ۾ گم رهجي وڃي ٿو.
شويتا بچن نندا جو پيراڊائيز ٽاورز (2018): هي بالي ووڊ جي مشهور اداڪارن اميتاب بچن ۽ جيا بچن جي ڌي شويتا جو پهريون ناول آهي، جيڪو ممبئي جي وچولي طبقي جي هڪ فليٽن جي عمارت پيراڊائيز ٽاورز ۾ رهندڙ ماڻهن جي ڪهاڻي آهي، هن ناول ۾ ممبئي جي وچولي طبقي جي زندگي، انهن جي مسئلن، ڏکن سکن ۽ حالتن سان وڙهڻ جي ڪٿا ڏنل آهي، سچ اهو آهي ته ناول پڙهڻ دوران ڪيترن ئي هنڌن تي اهو احساس ٿيو ته ناول گهٽ بالي ووڊ جي ڪنهن فلم جو اسڪرپٽ پڙهندو هجان، عام رواجي ڳالهين کي عام رواجي انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي ۽ ڪيترن ئي هنڌن تي ناول ۾ تخليقي صلاحيتن جي کوٽ به محسوس ٿئي ٿي، هندستان جي گهريلو زندگي کي چٽڻ لا اجايا ڊگها سين ڏنا ويا آهن، مثال طور: عورتن جي ڀاڄي ڪٽڻ کان ويندي فون تي ما کان ڪنهن طعام پچائڻ جي ترڪيب پڇڻ. انهن کي پڙهي ائين ٿو لڳي ڄڻ ليکڪه ناول لکڻ جي پوري ڪوشش ڪري رهي آهي، پر سندس هٿن مان ڪهاڻي جي ڏور ترڪي رهي آهي ۽ ناول کي اجايو ڊگهو ڪرڻ لا اهي ڳالهيون ڏنيون ويون آهن. هي ناول مون تي ڪو خاص اثر ڇڏڻ ۾ ناڪام رهيو.
ميوريل باربري جو دي لائيف آف ايليوز (2015): سال 2020 ۾ ناول جي اڀياس دوران جيڪو ناول مون کي سڀ کان وڌيڪ وڻيو اهو مراڪش ڄائي فرانسيسي ليکڪه ميوريل باربري جو ناول دي لائيف آف ايليوز هو، هي خوبصورت ناول اٽلي ۾ رهندڙ ڪالرا ۽ فرانس ۾ رهندڙ ماريه جي ڪهاڻي آهي، ٻئي يارنهن سالن جون آهن ۽ اهي جنهن دور ۾ وڏيون ٿي رهيون آهن ان دور ۾ هڪ مها جنگ ٿيڻ جو خطرو آهي، ڪالرا کي پيانو وڄائڻ جو شوق آهي ۽ جيئن هو هڪ ڪليسا ۾ اچي ٿي ته کيس پيانو وڄائڻ جي اجازت ملي ٿي، پيانو وڄائيندي ئي سندس آڱريون حيرت ۾ وجهندڙ ڌنون وڄائڻ لڳن ٿيون ۽ انهن جي ڪري کيس ماريه جا ڏيکالا اچڻ لڳن ٿا، جيڪا ٽن پوڙهين سان گڏ فرانس ۾ رهندڙ آهي، اهي اسي سالن جون پوڙهيون جادو ٽوڻي سان گڏ يوناني دوائون ٺاهڻ جون پڻ ماهر آهن، اوچتو بدي جون طاقتون گڏ ٿيڻ لڳن ٿيون ۽ هڪ وڏي جنگ ٿيڻ جو خطرو آهي، هڪ اهڙي جنگ جيڪا سڀ ڪجهه تباهه ڪري ڇڏيندي ۽ هاڻي ايلفين ڪائونسل جنهن ۾ ڪالارا جو استاد به آهي، جي اها ذميواري آهي تي ٻنهي ڇوڪرين کي پاڻ ۾ ملائي، اڳ ڪٿين موجب جنگي نقصان کان بچڻ جي اهائي هڪڙي واٽ آهي. ناول جي ڪهاڻي اهڙي ته شاندار نموني اڻيل آهي جو لڳي ٿو سڀ ڪجهه اسان جي اکين آڏو ئي ٿي رهيو آهي، ناول ۾ اهڙا ڪيترائي جملا ڏنل آهن جيڪي پڙهندڙ تي سوچ جو هڪ نئون جهان کولين ٿا، مثال طور صفحي نمبر 60 تي ڪالرا جو استاد کيس چئي ٿو:
“بالغ ڪوڙ ڳالهائيندا آهن ۽ ٻار انهن تي اعتبار ڪندا آهن.” يا وري صفحي 71 جو هي جملو به ڪمال آهي:
“سڀني جنگن جا پنهنجا ئي غدار هوندا آهن.” اهڙي ريت صفحي نمبر 97 تي ڪجهه هي جملا ڏنل آهن:
“ڌرتي بنا انسان جو روح خالي هوندو آهي ۽ ڪهاڻين بنا ڌرتي خاموش هوندي آهي… ڪهاڻيون ياد ڪر. اهي هن دنيا ۽ ٻي هر دنيا جي ڏاهپ آهن.” اهڙن ڪيترن ئي خوبصورت جملن سان هي ناول ڀريل آهي.
عبدالواحد سومرو جو ايلسا (2020): عبدالواحد سومرو سنڌ جو هڪ بيباڪ ڪهاڻيڪار آھي، سندس ڪهاڻين جي خوبي اها آھي ته اهي ڌرتي جي محبت سان ڀريل هونديون آھن. هي سندس پهريون ناوليٽ آھي جيڪو مرڪ پبليڪيشن ڇپرايو آھي. واحد صاحب جو هي ناوليٽ ائين ته رومانس جي موضوع تي آھي، جنهن جا مک ڪردار ڊاڪٽر بدر، افشان ۽ ايلسا آھن، پر هي رڳو ٻن پريمين جي پيار ڪٿا نه آھي… هي شهر ڪراچي سان محبتن جو داستان به آھي. هڪ سکيو ستابو شهر ڪهڙي نموني دهشتگردن جي ور چڙھي ويو. واحد صاحب خوبصورت انداز ۾ اهو به ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ته هاڻي شهر ڪراچي ۾ زنده رهڻ ڪنهن ڪرشمي کان گهٽ نه آھي. هن ناوليٽ ۾ واحد صاحب جو ڪهاڻي ٻڌائڻ جو انداز سادو ۽ چٽو آھي. ان ۾ هو اجائي ڊيگهه کان پاسو ڪري ٿو جيڪا ئي هن ناوليٽ جي خوبصورتي آھي. لنڊن ۾ سيٽل ٿيل افشان محترمه ايلسا قاضي جي شخصيت کان متاثر ٿي ڌي جو نالو ايلسا رکي ٿي. سندس ڌي اهو نالو رکڻ جو سبب پڇي ٿي ۽ افشان کيس ايلسا قاضي بابت ٻڌائي ٿي. جنهن تي کيس سنڌ گهمڻ جو شوق ٿئي ٿو ۽ سنڌ ڌرتي جي سير لا اچي ٿي، پر هتي هن سان هڪ ڏکائندڙ واقعو پيش اچي ٿو. هن ناوليٽ جي پڄاڻي ٽريجڪ آھي، پر پڙھندڙ آخري پنو پڙھڻ تائين ٻڏل رهي ٿو. هي 88 صفحن جو هڪ خوبصورت ناوليٽ آھي.
اروندتي را جو آزادي (نان فڪشن، 2020): هندستاني ليکڪه اروندتي را ڪنهن به تعارف جي محتاج نه آهي، تازوئي سندس مضمونن جو ڪتاب “آزادي” ڇپجي چڪو آهي، جنهن ۾ سندس 2018 کان 2020 دوران لکيل 9 مضمون ڏنل آهن، انهن مضمونن کي پڙهي ائين لڳو ڄڻ اسان هڪ اهڙي دنيا ۾ رهي رهيا آهيون جيڪا تيزي سان تباهي ڏانهن وڌي رهي آهي، جمهوريت، روشن خيالي ۽ آزاد خيالي کوکلن نعرن کانسوا ڪجهه به نه آهي، سماج ۽ خاص ڪري هندستاني سماج تيزي سان مذهبي رجعت پسندي جي ور چڙهندو پيو وڃي. هنن مضمونن ۾ اروندتي گهڻي ڀاڱي ڪشمير ۾ ٿيندڙ رياستي جبر جو ذڪر ڪيو آهي، هن مودي سرڪار جي هندستان کي هندو رياست ٺاهڻ واري سازش کي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي، هن ڪشمير کي هندستان جو حصو ٿيڻ تي به اعتراض واريو آهي، جڏهن ته هن هندستان ۾ نئين شهري قانون لاڳو ٿيڻ تي به سخت رد عمل ڏيکاريو آهي. سندس سياسي بيانيو هڪڙي پاسي، پر ادب جي حوالي سان به سندس بيانيو ڏاڍو دلچسپ آهي، هن ڪتاب ۾ سندس مختلف موضوعن تي ڏنل ڪجهه ليڪچر به ڏنل آهن، جن مان ڪتاب جو پهريون مضمون“In what language does the rain fall over tormented cities?” جيڪو پيبلو نرودا جي هڪ نظم جو پڻ عنوان آهي ادب ۾ ترجمي جي اهميت تي آهي، هي ئي مضمون مون کي ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ دلچسپ لڳو، هن مضمون ۾ هو سندس ٻين ناول “دي منسٽري آف اٽموسٽ هپنيس” جي مختلف ٻولين ۾ ترجمي دوران آيل مشڪلن بابت ٻڌائي ٿي ۽ پو اردو ۽ هندي کي ٻه الڳ ٻوليون تصور ڪرڻ تي ڏک جو اظهار ڪندي ان کي ماڻهن جي وچ ۾ ويڇا وڌائڻ جي سازش چئي ٿي، سندس خيال آهي ته اردو ۽ هندي هڪ ئي ٻولي آهي ۽ 1857 ۾ انگريزن خلاف ڪيل هندستانين جي بغاوت کانپو اردو کي مسلمانن جي ۽ هندي کي هندن جي ٻولي قرار ڏنو ويو، جيئن ته ان بغاوت ۾ مسلمانن جو انگ وڌيڪ هو ان ڪري انگريزن اها سازش ڪئي. اهڙي ريت سندس ڪشمير تي ڏنل موقف بلڪل اهوئي آهي جيڪو پاڪستانين جو آهي، جنهن جي ڪري هندستاني رياستي مشنري ۽ اتان جي نالي چڙهي آزاد ميڊيا کيس پاڪستاني ايجنٽ ۽ هندستان جي غدار هجڻ جا طعنا ڏئي ٿي، سندس انهي بيانيي جي ڪري ڪجهه وقت اڳ هن تي هندستاني ميڊيا تمام گهڻي تنقيد پڻ ڪئي، پر سندس خيال آهي ته هن کي سندس ڪم ڪرڻو آهي. هي هڪ خوبصورت ڪتاب آهي جنهن ۾ عام فهم انگريزي ۾ تمام وڏيون ڳالهيون ڪيون ويون آهن. ادب جي دنيا ڏاڍي وسيع آهي، دنيا ۾ هر روز مختلف موضوعن تي هزارين ڪتاب ڇپجن ٿا، ڪڏهن ڪڏهن مان سوچيندو آهيان ته جيڪڏهن اهي ڪتاب اسان جي زندگي ۾ نه هجن ها ته اسان جهڙن ماڻهن جو ڪهڙو حشر ٿئي ها؟ مون کي پوري پڪ آهي ته هڪ نه هڪ ڏينهن هن سوال جو جواب مون کي ڪنهن ناول يا ٻئي ڪنهن ڪتاب مان ئي ملندو.
buttkaleem071@gmail.com