اسان سنڌين جو ٻِٽو اميج

الطاف شيخ جو سفر نامو

نه سي سڙهه سکاڻ (سنڌ هند کان روس چين تائين)

اسان سنڌين جو ٻِٽو اميج

الطاف شيخ

ريڊيو، ٽي وي ۽ ريل ۽ هوائي جهازن جي ايجاد کان اڳ ماڻهن لاءِ وندر ڇا هئي…؟ ميلا ملاکڙا يا وري مندر درگاهون… ۽ ماڻهن کي اتي پهچڻ لاءِ وهٽن جي سواري هوندي هئي يا پيرين پنڌ نڪري پوندا هئا. هندستان جو گجرات ۽ راجسٿان، جيڪي سنڌ سان لڳو لڳ آهن، مندرن، غارن ۽ آستانن سان ڀريا پيا آهن. سنڌ جي ويجھو هجڻ ڪري اسان جا ماڻهو اوڏانهن گهڻو ويا ٿي ۽ واپسي تي پنهنجي سفرَ جون خبرون ڪيائون ٿي. گهمي آيل ماڻهن وڏي شوقَ سان ڳالهيون ڪيون ٿي ۽ نوان ماڻهو روانا ٿيا ٿي. مون کي ائين لڳي ٿو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي به اڪيلي يا ٽولن سان ائين اهڙن هنڌن تي ويندو رهيو آهي تڏهن ته بيڪانير، گرناڙ، ڀُڄ، لاهوت لا مڪان جون ڳالهيون ڪيون اٿس.

دهلي ۾ جڏهن اسان پنهنجي اوڏ (رامچند) دوست جي پٽ جي شادي ڪري مهينو کن رهي پياسين ته آئون روز ڪيڏانهن نه ڪيڏانهن نڪري پوندو هئس. ڪڏنهن جاميه ملي (يونيورسٽي) ڏسڻ ته ڪڏهن جمنا ندي جي ڪناري.. ڪڏهن ساڌو واسواڻي انٽرنيشنل گرلس اسڪول ڏسڻ ته ڪڏهن نظام الدين اوليا ۽ امير خسرو جي مقبري تي. هڪ ڏينهن قطب مينار وارو پاسو ڏئي پراڻي دهلي ريلوي اسٽيشن ٻاهران هڪ ڇاٻڙا ٽائيپ هوٽل ۾ چانهه پيئڻ لاءِ اچي ويٺس ته ڀر واري بينچَ تي چار پنج ساڌو گيڙو ڪپڙن ۾ اچي ويٺا. سندن هٿ ۾ لوٽو هو ۽ ڪلهي تي اڳڙين جي ٽُڪ جي گودڙي. مون سندن فوٽو ڪڍيا ۽ پنهنجي چانهه کڻي اچي انهن جي ڀرسان ويٺس. انهن مان ڪو فتح پور جو هو ته  ڪو آگري ۽ لکنئو جو. هنن ٻڌايو ته هو  سومناٿ وڃي رهيا آهن. سومناٿ مندر جو ٻڌي مون کي اسڪول جي تاريخَ جو ڪِتاب ياد اچي ويو جنهن ۾ ان بابت پڙهندا هئاسين.

”توهان سومناٿ مندر جو ٻڌو آهي؟ “ هنن مان هڪ پڇيو.

”جي ها“ مون جواب ڏنو، ”ويراوال بندرگاهه کان ڇهه ميل کن ٿيندو.“

”توهان اتي پاڻي جي جهازَ ۾ ويا هوندائو.

”نه ان پاسي جا سمورا بندرگاهه پوربندر کان مانڊوي ۽ ٻئي پاسي ڪودينار بندرگاهه، اڄ جي جهازن لاءِ ننڍا آهن. اسان جي جهاز کي ٻاهر کلئي سمنڊَ ۾ ئي ترسڻو پيو ٿي. مون کي سومناٿ مندر ڏسڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو….

”هينئر به کڻي هل“ هن چيو ۽ مون سوچيو ته خيال ڪو برو نه آهي.

دهلي ۾ به ڪافي ڏينهن ٿي ويا هئا. ويراوال بندرگاهه کان ته وري به 6 ميل ڪرڻا پيا ٿي. هِتان سڌو ٽرين ۾ وڃي سومناٿ تي لهبو. مون هائوڪار ڪئي ۽ جنهن هڪ کي ٿلهو پاٺي جهڙو چئمپل هو (ٻيا سڀ پيرين اگهاڙا هئا) ان کان پڇيم ته ”بس ۾ هلندائو يا ٽرين ۾؟“ …. ڇو جو اتي ئي  بس اسٽاپ هو….. ته هو منهنجو حيرت مان منهن تڪڻ لڳا.

جنهن ساڌوءَ کي گهونگهرن وارو ڏنڊو هو تنهن مرڪندي چيو ته ”ساڌو ۽ جوڳي فقير ڪو ڪَلَ جي گاڏيءَ ۾ وهندا ڇا؟….. هنن لاءِ هر سفر فقط ٻه وکون آهي.“ دل ۾ چيم ته اسان توبهه ڪئي. ويراوال بندرگاهه کان ڀڳل رستي ڪري اسان ڇهه ميلن جي بس جي سفر کان پيا ڀڄون هيڏانهن هي ڇهه سئو ميل پنڌ ڪري ٿيو سومناٿ تي پهچڻ! هن سال پهچڻ ته مشڪل آهي تيسين ويزا ئي ختم ٿي وڃي! پنهنجي ۽ ساڌوئن جي چانهه جو بل ڏئي کانئن موڪلائي اچي رهائش واري هوٽل کان نڪتس. سو ڳالهه اها آهي ته اڄ کان ٽي چار سئو سال اڳ ۾ ماڻهن جو زور کڙين تي هوندو هو. ۽ جڏهن هي سڪ ۽ حب رکندڙ ماڻهو دهلي کان گجرات رياست جي شهر جھونا ڳڙهه، طلالا ۽ ويراوال (سومناٿ) پيرين پنڌ وڃيو نڪرن اتي نئون ڪوٽ، مٺي، بدين، ٽنڊو باگو ۽ ڏيپلو کان ڀڄ، بيڪانير، ڌولا ويرا، مندرا ۽ ويراوال ڇا پري چئبو. ۽ شاهه لطيف به اهڙن جوڳين، سنياسين ۽ ساڌوئن سان پهتو هوندو. رستي تي ڳوٺ ڳوٺ جي ماڻهن سان خبرون ڪيون هوندائين.

ان حِسابَ سان ته بيڪانير مندرن جو شهر آهي…. جِتي ٻارهوئي اوسي پاسي جا تيرٿي اچي ٿي گڏ ٿيا. توهان کي هتي چوڌاري ڪيترائي آڳاٽا ۽ قريب دور جا مندر نظر ايندا جن مان ڪي عمارتسازي جي لِحاظَ کان ته ڪي عقيدي جي خيالَ کان اهم حيثيت رکن ٿا…. جِتي ٻارهوئي هر موسم ۾ اوسي پاسي توڙي ڏورانهن شهرن کان تيرٿين ۽ ٽوئرسٽن جي اچ وڃ لڳي رهي ٿي. بيڪانير مان نڪرندڙ اخبارَ کڻي پڙهه ته اهڙن مندرن ۽ ٻين تاريخي هنڌن تي ٿيندڙ جشنن جون خبرون نظر اينديون، ميلن ملاکڙن ۽ انهن ۾ ٿيندڙ  مقابلن ۽ ناچ گانن جون ڳالهيون هونديون، اٺن جي ڊوڙن (Races) ۽ راجسٿاني ويس وڳن جون ڳالهيون هونديون… چوڌاري خوشيون ۽ خير عافيتون هونديون ۽ سڏ پنڌَ تي اولهه پاسي اسان وٽ اوٻاوڙو، مارووالا، ميرپورماٿيلو، خيرپورميرس، نرچ، صالح پٽ ۽  چونڊڪي ۾ ماڻهو خوف ۽ پريشاني ۾ مبتلا نظر ايندا… خونريزون، قتل، ڦرون، اغوائون، ان کان علاوه قبيلائي جهيڙا، ڪارو ڪاري، سڱ چٽي، زهريلا کاڌا، چرس ۽ گانجا، ڪچي شرابَ ۽ جوا جهڙن ظلمن، ڏوهن ۽ علتن اسان سنڌين کي دنيا ۾ بدنام ڪري وڌو آهي. بيڪانير ۾ رهندڙ سنڌي هندو رٽائرڊ اسڪول هيڊ ماستر ٻڌايو ته هن وٽ ڪڏهن ڪڏهن دبئي کان يا ممبئي ۾ رهندڙ سنڌين کان، سنڌ مان نڪرندڙ سنڌي اخبار اچي ويندي آهي جنهن جي حاصل ڪرڻ تي جيڏي خوشي ٿيندي آهي، ان کان وڌيڪَ ان کي پڙهڻ تي ڏک ٿيندو آهي ته هن ايڪهين صديءَ ۾ سنڌ جو هي حال آهي. سنڌ ته امن پسند ۽ صوفين جو ديس هو، سنڌ ته واپار وڙي ۽ خوشحالي جو خطو هو… اڄ اها سنڌ معاشي، سياسي توڙي اخلاقي ۽ تعليمي طرح ڪيڏو پٺتي هلي وئي آهي جو ان جي  اخبار جون خبرون پنهنجن پاڙيسري راجسٿاني ۽ گجراتي دوستن کي نٿا ٻڌائي سگهون جو هنن جي دل تي اسان سنڌين لاءِ غلط راءِ قائم ٿيندي. اسان سنڌي هندن جيڪو انڊيا يا دنيا ۾ Image پيدا ڪيو آهي ان جي تباهي ٿي ويندي.

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته انڊيا ۾ رهندڙ سنڌين جو اهو اميج آهي جيڪو اسان وٽ بوهرين ۽ کوجن جو آهي… امن امان ۾ زندگي گذارڻ وارا، سٺا بزنس مين، پڙهيل ڳڙهيل، خير خيرات ڪرڻ وارا، پنهنجن توڙي ٻين هم شهرين جي ٻارن لاءِ سٺا اسڪول ۽ اسپتالون کولڻ وارا، وغيره. اسان وٽ وڏيرن ڀوتارن جا ٻار غير قانوني هٿيار ۽ گارڊ کڻي پاڙي ۾ به داداگيري ۽ ٻين جي نياڻين جي ڇيڙ ڇاڙ ڪندا…. ڪجهه چوڻ تي هو خون ڪندي به ويرم نه ڪندا ۽ پوءِ ڪورٽ مان ڦاهي جي سزا اچڻ تي شرم ۽ ندامت محسوس ڪرڻ بدران سنڌي ٽوپيون پائي مرڪندي عوام ۽ ميڊيا کي وڪٽري جي نشاني ڏيکاريندا… هو اهوئي سمجھن ٿا ته هو پنهنجي پيءُ جي اڻ مئي دولت سان ٻين جون عزتون ۽ جانيون به خريد ڪري سگهن ٿا… کين تعليم، اخلاق، مذهب جهڙين شين جي ڪا ضرورت ناهي. هو هن دنيا ۾ فقط ۽ فقط عياشيءَ لاءِ آيا آهن بلڪه ڇڙواڳ عياشيءَ لاءِ. پوليس، جج، ميڊيا سڀ هنن جي کيسي ۾ آهن.

اسان جو مسلمان وڏيرو، ڀوتار فقط پنهنجي لاءِ ٿو جيئي. هن کي پنهنجي ڳوٺ پنهنجي تڪ جي ماڻهن يا انهن جي اولاد جي مستقبل جو ڪو فڪر ناهي. سنڌي هندو سيٺ وانگر ڪا خيراتي اسپتال يا اسڪول کولي غريبن جو ڀلو ڪجي اهو اسان وٽ هرگز ناهي. بلڪه جيڪي سرڪاري تعليمي ادارا آهن انهن ۾ ماحول کي خراب ڪرڻ ۾ اسان جي وڏن ماڻهن جي ٻارن جو هٿ آهي. اسان وٽ ملائيشيا يا ٿائلينڊ جهڙو به ماحول ناهي جِتي جي سلطان ۽ وڏيرن جا ٻارَ عام ٻارن کان وڌيڪَ محنت ڪن ٿا هو سٺا ڊاڪٽر ۽ انجنيئر ٿي پنهنجي ڳوٺَ ۾ اسپتالون ۽ ڪارخانا کولين ٿا جيئن سندن تر جي ماڻهن کي صحت جون سهولتون هڪ طرف ملن ته روزگار ٻئي طرف. انڊيا ۾ رهندڙ اسان جي سنڌي هندن جو به اهو حال آهي. جيترو وڏو ماڻهو اوتري وڌيڪ محنت ۽ پڙهائي هن جا ٻارَ ڪن ٿا. هو تعليمي ادارا، پارڪ، اسپتالون ٺاهي پنهنجن سنڌين ۽ مڪاني ماڻهن (گجراتي، مرهٺي، تامل، راجسٿاني وغيره) جو ڀلو ڪن ٿا. اهوئي سبب آهي جو انڊيا جا ماڻهو سنڌ کان لڏي هنن وٽ رهندڙ سنڌين جي هميشه تعريف ڪن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن آئون اهو سوچيندو آهيان ته اسان ٻنهي سنڌين جي Image ۾ ڪيڏو فرق آهي. ڏک ضرور ٿئي ٿو پر ان حقيقت کان منهن به نٿو موڙي سگهجي ته اسانجو ”سنڌي“ ۽ انڊيا جو سنڌي مختلف اميج پئدا ڪري ٿو تڏهن ته سنڌي ثقافت ۽ ڪلچر کي جيارڻ جي ڪوشش ڪندڙ دبئي جي آشا چاند (سندري اتم چنداڻي جي ڌيءَ) اهو چوي ٿي ته ”اسان ڪڏهن به نه چاهينداسين ته سنڌ جي T.V جو ڪو به سنڌي چئنل الهاس نگر (ممبئي جي ڀرسان شهر جنهن ۾ سنڌ کان لڏي آيل ڪيترائي سنڌو  هندو رهن ٿا) ۾ ڏيکاريو وڃي… جو ائين ڪرڻ سان هندستان جي ماڻهن تي غلط اثر پوندو ته سنڌ ۾ (جِتان جي اسان هر هڪ سان تعريف ڪندا وتون) اڄ جي ايڪهين صديءَ ۾ به ڇا ته ظلم ۽ شرمناڪ ڳالهيون ٿينديون رهن ٿيون!.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments