خاص

اسان کي ڪم ڪرڻ ڏيو، گند نه اڇلايو: اليڪشن ڪميشن جو وزيراعظم کُتو کي جواب

اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ڪنهن دٻاءُ ۾ نه آيا آهيون ۽ نه ئي اينداسين، ادارن کي ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي، وزيراعظم جي بيان سان ڏک پهتو آهي، ملڪي ادارن تي گند نه اڇلايو وڃي. اليڪشن ڪميشن جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلن تي اعتراض آهي ته آئيني واٽ استعمال ڪئي وڃي، اسان ڪنهن به دٻاءُ ۾ نه آيا آهيون ۽ نه ئي اينداسين، اليڪشن ڪميشن سينيٽ چونڊ نتيجن تي ناراضگي ۽ تبصري کي رد ڪري ٿو. اليڪشن ڪميشن چيو ته حيران ڪندڙ آهي ته هڪ ئي ڇت هيٺان جيڪي هارائي ويا اهي نامنظور ۽ جيڪي کٽي ويا اهي منظور، ڇا اهو کليل تضاد ناهي؟ آئيني ادارن تي چَٿَرَ ان جي ڪمزوري برابر آهي. اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن آزاد آئيني ادارو آهي، اسان کي ڪم ڪرڻ ڏيو، ملڪي ادارن تي گند نه اڇلايو، ڳجهي بيلٽ، جمهوريت ۽ آزاداڻا اليڪشن جو حسن آهي، اليڪشن ڪميشن جو ڪم قانون سازي يا آئين ۾ ترميم ناهي، حڪومتي شَخصِيتُون ٿورو ته احساس ڪن، جيڪڏهن ڪٿي اختلاف آهن ته شاهدين ساڻ اچي ڳالهه ڪريو. ياد رهي ته وزيراعظم عمران خان قوم کي خطاب ۾ اليڪشن ڪميشن تي جمهوريت کي نقصان پهچائڻ جو بيان ڏنو هو. هن چيو هو ته اليڪشن ڪميشن پئسا ورهائڻ واري وڊيو جي تحقيقات ڇو نه ڪئي، ووٽ وڪرو ڪندڙ ڏوهارين کي بچائي ورتو.