اسلام آباد جي طاقتور اشرافيا سڌي سنئين طرح قانون جي پائمالي جي ذميدار آهي
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس اطهر من الله اسلام آباد سان لاڳاپيل ڪيسن جي هڪ حڪم نامي ۾ چيو آهي ته اسلام آباد جي طاقتور اشرافيا سڌي طرح قانون جي پائمالي جي ذميدار آهي ۽ اهو چوڻ ۾ ڪابه هٻڪ محسوس نٿي ٿئي ته رياست عام شهرين کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي. اسلام آباد ۾ ڏوهن، گمشدگين ۽ زمينن تي قبضن جي وڌندڙ ڪيسن تي چيف جسٽس اطهر من الله پنجن صفحن تي ٻڌل حڪم نامون جاري ڪيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس حڪم نامي ۾ چيو ته اسلام آباد ۾ زمينن تي قبضن ۽ ڏوهن جو رجحان وڌندو پيو وڃي، رپورٽون ٻڌائي رهيون آهن ته سسٽم ڪهڙي طرح ڪرپشن زده ٿي چڪو آهي ۽ تباهي جي ڪناري تي بيٺل آهي. جسٽس اطهر من الله حڪم نامي ۾ چيو ته اسلام آباد جي طاقتور اشرافيا سڌي طرح قانون جون ڇيهون ڇيهون ڪرڻ جي ذميوار آهي، اهو چوڻ ۾ ڪابه هٻڪ محسوس نٿي ٿئي ته رياست عام شهرين کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، شهر ۾ امن ۽ امان جي صورتحال ناقابل برداشت آهي. عدالتي حڪم ۾ وڌيڪ چيو ويو ته عام شهرين جي بنيادي حقن جي خلاف ورزي ڪئي پئي وڃي، شهرين جو انصاف جي نظام تان ڀروسو کڄندو پيو وڃي ۽ رياست جي ذميواري آهي ته قانون جي بالادستي يقيني بنائي شهرين جو اعتماد بحال ڪري. عدالتي حڪم مطابق آءِ. جي اسلام آباد پنهنجي رپورٽ ۾ ملزمن جي تفتيش ۽ پراسيڪيوشن ۾ خامين جو اعتراف ڪيو.