خاص

اسپتال ۾ علاج هيٺ ڊونلڊ ٽرمپ جو اهم پيغام

آمريڪي صدر جي ڊاڪٽرن چيو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ تيزيءَ سان صحتياب ٿي رهيو آهي ۽ هو تمام جلد واپس وائيٽ هائوس منتقل ٿي ويندو. ٽرمپ جي ڊاڪٽر شان ڊولي اعتراف ڪيو آهي ته آمريڪي صدر جي حالت ڪيڏي ڪيڏي مهل ان کان به وڌيڪ خراب ٿي رهي هئي، جيتري خبرن ذريعي پيش ڪئي پئي وئي. ٽوئيٽر تي پوسٽ ڪيل هڪ وڊيو ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته بيماري مون لاءِ هڪ سبق آهي. علاج دوران ڪجهه وقت لاءِ آمريڪي صدر ملٽري ڪلينڪ کان نڪري ٻاهر به آيو هو، جتي سندس حامي موجود هئا. واضح رهي ته جمعي جي صبح 74 ورهين جي ڊونلڊ ٽرمپ کي بخار ٿيو هو.