خاص

ڪورونا بابت اڻپورين سهولتن تي سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس گلزار احمد ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي حوالي سان اڻپوريون سهولتون هئڻ تي پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس پڇا ڪئي آهي ته ڪورونا وائرس جي روڪٿام لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن؟ چيف جسٽس اٽارني جنرل، صحت واري سيڪريٽري ۽ گهرو سيڪريٽري کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي سومر 13 اپريل تي ٿيندي. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ پنج رڪني بينچ معاملي جي ٻڌڻي ڪندي. ان حوالي سان سمورن صوبن جي چيف سيڪريٽرين ۽ اسلام آباد جي چيف سيڪريٽري کي به نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن