افغانستان جي جنگي تاريخ ۽ موجوده صورتحال : ايڊووڪيٽ عبدالحميد چاچڙ

افغانستان جي تاريخ تي نظر وجهنداسين ته هي ملڪ صدين کان فوجي جنگين هيٺ رهيو هو، جنهن مان خبر پوي ٿي ته هن ملڪ ۾ ڪيترين ئي طاقتور قومن ۽ ملڪن حڪومت ڪئي آهي، پر دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اڄ تائين ڪوبه حملا آور پوري افغانستان تي قبضو نه ڪري سگهيو آهي. دنيا جي تاريخ تي نظر وجهنداسين ته افغانستان جو هڪ ٻيو ڪردار به آهي جنهن ۾ افغانستان مان ڪجهه شخصيتن نڪري وڏيون وڏيون سلطنتون به قائم ڪيون، جنهن مان مشهور ترين غزنوي سلطنت، غوري سلطنت، خلجي سلطنت، تيموري سلطنت، مغل سلطنت ۽ ابدالي سلطنت شامل آهن. جديد افغانستان جي تاريخ تي نظر وجهنداسين ته افغانستان جي تاريخ ارڙهين صديءَ کان شروع ٿئي ٿي، جنهن جو باني احمد شاهه ابدالي کي سڏيو وڃي ٿو. آثار قديمه مان آمريڪي ماهرن افغانستان جي صوبي خطان شاهه ۾ کوٽائي دوران اٺ سئو جي لڳ ڀڳ آثار قديمه جون نشانيون حاصل ڪيون جنهن ۾ انساني کوپڙيون به شامل آهن. ماهرن جو چوڻ آهي ته موجوده افغانستان جي زمين تي ٻاونجاهه هزار سال اڳ به انسان موجود هو، پر هن علائقي ۾ انساني تهذيب جي ارتقا ٽي هزار سال پهرين قبل مسيح ۾ شروع ٿي. زردشتي مجوسي يا پارسي هتان جو قديمي مذهب رهيو آهي، جنهن جي خاص علامت باهه جي پوڄا آهي. گنڌارا تهذيب جو هڪ وڏو شهر موجود آهي جنهن جي نشاندهي نه ٿي سگهي آهي. قديم باشنده آريا هئا اڄ به افغانستان ۾ ڪيتريون ئي قديم جڳهيون آهن جنهن کي عالمي ورثو قرار ڏيئي ڪري يونيسڪو ورلڊ هيريٽيج پنهنجي تحويل هيٺ رکيو آهي. 303 قبل مسيح ۾ پرشين امپائر جي آخري بادشاهه کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ سڪندر اعظم هتي پهتو، پر ان جي فوج کي هتي مقامي قبائلين طرفان شديد مزاحمت ڪرڻي پئي. انهيءَ سڪندر اعظم جي افغانستان جي حوالي سان هڪ مشهور چوڻي آهي ته افغانستان ۾ داخل ٿيڻ آسان آهي، پر هتان ٻاهر نڪرڻ تمام مشڪل آهي. سڪندر اعظم کانپوءِ هي علائقو موريا سلطنت جي قبضي هيٺ آيو. چندر گپت موريا هن علائقي ۾ هندو مذهب متعارف ڪرايو، موريا کانپوءِ هي علائقو ڪشان سلطنت ۾ شامل ٿيو. ان دور ۾ هتي ٻڌ مذهب کي وڌيڪ پذيرائي ملي ۽ گنڌارا تهذيب پنهنجي عروج تي پهتي. ٽين صديءَ تائين ڪشان سلطنت جو آخري حڪمران واسو ديوا به ختم ٿي ويو، هاڻي هن علائقي تي ايراني سلطنت جو قبضو ٿيو. اسلام کان اڳ هيءَ پرشين امپائر جي آخري سلطنت هئي جنهن جو حوالو تاريخ ۾ ملي ٿو.

1750ع تائين افغانستان ايران جو حصو رهيو، خراسان جا ٻه وڏا شهر هرات ۽ بلخ به افغانستان ۾ موجود آهن. ان کانپوءِ ڪابل ۾ شاهي حڪومت رهي. پوءِ 642ع ۾ مسلمانن مغربي ايشين ملڪن کي فتح ڪندي هرات طرف افغانستان ۾ پنهنجو قدم رکيو، مسلمانن هنن شهرن ۾ اسلام متعارف ڪرايو. هي اهو وقت هو جڏهن افغانستان ۾ هڪ ئي وقت ۾ ڪيترائي حڪمران موجود هئا، مختلف علائقن ۾ مختلف آزاد حڪومتون هيون. سني مسلمانن جي مشهور امام ابو حنيفه رح ۽ ان جا مائٽ اتي رهندا هئا. غزنوي سلطنت افغانستان جي غزني واري علائقي ۾ حڪومت ڪئي. 1148ع ۾ غوري سلطنت غزنوين کي شڪست ڏني، انهن افغانستان ۾ ٻڌ ازم کي ختم ڪيو ۽ سني اسلام کي اڳتي وڌايو. 1219ع ۾ چنگيز خان حملو ڪيو ۽ غوري سلطنت جو تخت اونڌو ڪيو، منگولن هن علائقي ۾ وڏي تباهي ڪئي. چنگيز خان کانپوءِ تيموري سلطنت افغانستان جي اجڙيل صورتحال کي سنڀاليو ۽ شهرن کي ٻيهر تعمير ڪرايو. تيمور جي دور ۾ هي علائقو ترقي ڪري رهيو هو ته ان کانپوءِ ظهير الدين بابر 1504ع ۾ ڪابل آيو ۽ ڪابل کي پنهنجو فوجي اڏو بڻايو ۽ دهلي جي تخت تي قبضو ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون، بعد ۾ دهلي تي حڪومت قائم ڪري مغل امپائر جو بنياد رکيو. 1709ع ۾ افغانستان ۾ خلجي سلطنت جو بنياد پيو، هيءَ حڪومت خلجي پختونن قائم ڪئي.

1738ع تائين افغانستان ۾ خلجي سلطنت رهي جنهن جي حڪومت جو خاتمو ايراني شهنشاهه نادر شاهه ڪيو. 1738ع نادر شاهه قنڌار ۾ شاهه حسين کي شڪست ڏني، نادر شاهه قنڌار کي تباهه ڪري ان جو نالو نادر آباد رکيو. ان ئي زماني ۾ نادر شاهه جي فوج ۾ هڪ نوجوان احمد خان ڀرتي ٿيو، جنهن کي تاريخ ۾ احمد شاهه ابدالي جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. 1947ع ۾ جڏهن نادر شاهه کي ايرانين قتل ڪيو، قنڌار ۾ افغانين 25 سالن جي نوجوان احمد شاهه ابدالي کي پنهنجو حڪمران مقرر ڪيو. 1839ع کان 1842ع تائين پهرين اينگلو افغان جنگ لڳي ۽ 1919ع ۾ ٽين اينگلو افغان جنگ لڳي ۽ ان سال انڊيا تي حملو ڪيو ان دور ۾ راولپنڊي برٽش انڊيا ۽ افغانين جي وچ ۾ هڪ معاهدو طئي ٿيو جنهن کانپوءِ بين الاقوامي معاملن ۾ مداخلت ختم ٿي. 1979ع ۾ سوويت يونين افغانستان تي حملو ڪيو. آمريڪا افغانستان ۾ مجاهدن کي سپورٽ ڪيو ۽ رپورٽن موجب آمريڪا ۽ سعودي ارب افغان مجاهدن تي 40 ملين ڊالر رقم خرچ ڪئي ۽ 1989ع ۾ سوويت يونين کي شڪست ڏني. 1995ع کان 2001ع تائين طالبان حڪومت رهي، 11 سيپٽمبر 2001ع واري واقعي کانپوءِ آمريڪي فوج جي مسلسل ڪوششن کانپوءِ 2002ع ۾ اتحادي فوج جي مدد سان حامد ڪرزئي جي حڪومت قائم ڪئي وئي، ان کانپوءِ مئي 2011ع ۾ ايبٽ آباد ۾ اسامه بن لادن کي ماريو ويو.

2015ع ۾ طالبان ۽ آمريڪا وچ ۾ دوحا ۾ امن معاهدو ڪرڻ لاءِ ڪوششون ٿيون، پر موجوده صورتحال تي جيڪڏهن نظر وجهنداسين ته طالبان ۽ آمريڪي حڪومت ۾ خفيه معاهدي موجب طالبان ڪنٽرول تر ڪيو آهي، پر تازوئي ڪابل ۾ داعش پاران ڪيل حملي ۾ 130 کان وڌيڪ جانيون ضايع ٿيون آهن. جنهن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته افغانستان ۾ جنگي صورتحال پنهنجي اسٽريٽجي تبديل ڪئي آهي ۽ هاڻي هيءَ جنگ بهترين دماغن ذريعي سپر پاور ملڪ وڙهندا.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments