افغانستان جي صورتحال ۽ پاڪ سر زمين جو مستقبل

9/11 نائن اليون تي جڏهن نيو يارڪ جا ٻٽا ٽاور القاعده پاران رٿيل ڪارروائي ۾ تباهه ٿيا ته رياست هاءِ متحده آمريڪا کي ايئن محسوس ٿيو ته دهشتگردن انهن جي دل جو نشانو وٺي ڌڪ هنيو هجي. سپر پاور جي تڪليف غصي ۾ بدلجي وئي. هن آڪٽوبر 2001ع ۾ افغانستان تي حملو ڪيو. شمالي اتحاد ۽ افغانستان جي ٻين طالبان دشمن طاقتن سان ملي طالبان جي حڪومت ختم ڪئي وئي جنهن تي عالمي دهشتگرد قوتن کي پناهه ڏيڻ ۽ انساني حقن جي لتاڙ جا الزام هئا. القاعده جي اڳواڻن جي پهرين صف کي ختم ڪيو ويو اڳتي هلي اسامه بن لادن به مارجي ويو.

افغانستان جو نئون سيٽ اپ جنهن کي آمريڪا جي سڌي سنئين مدد حاصل هئي ۽ انهيءَ جون فوجون افغانستان ۾ پنهنجي جديد جنگي ٽيڪنالاجي ۽ هٿيارن سان گڏ موجود هيون ۽ گڏوگڏ NATO ملڪن جون فوجون به انهيءَ جنگ ۾ شريڪ هيون. آمريڪا افغانستان جي گهڻي مالي امداد به ڪئي، پر ان جي باوجود اهي طالبان جي طاقت کي ختم نه ڪري سگهيا، اهي وري به هڪ ويڙهاڪ قوت طور اڀري آيا انهن جو مطالبو آهي ته اهي افغانستان جا جائز حڪمران هئا ۽ هاڻي به سندن ساڳي گهر آهي ته انهن کي اقتدار ۾ شريڪ ڪيو وڃي.

افغانستان گذريل صديءَ جي ستر واري ڏهاڪي جي آخري سالن تائين ظاهر شاهه جي بادشاهت ۾ غير جانبدار، لبرل ۽ ترقي پذير ملڪ هو. اهو عالمي طاقتن جي ڇڪتاڻ جي ڪري هڪ بدنصيب ملڪ بڻجي ويو. جنهن جا اسان جي ملڪ تي به هاڃيڪار اثر پيا ۽ پاڪستان به گذريل چاليهن سالن کان افغانستان جي حالتن جي اثر هيٺ دهشتگرديءَ جو شڪار آهي ۽ جنگي حالتن جي ڪري افغان آبادي جي لڏپلاڻ، دهشتگردي ۽ ٻين انيڪ مسئلن کي منهن ڏيئي رهيو آهي.

جڏهن اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هلندڙ دور ۾ آمريڪي فوجين کي افغانستان مان ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو تڏهن پينٽاگان آمريڪي سلامتي جي خيال کان هن جي مخالفت ڪئي، پر ٽرمپ پنهنجي فيصلي تي بيٺل رهيو ۽ نئون چونڊيل صدر جو بائيڊن به ساڳي پاليسي تي قائم آهي. نتيجي ۾ 11 سيپٽمبر تائين آمريڪي ۽ NATO فوجون خطي مان نڪري وينديون. آمريڪي رياست جا خطي مان نڪرڻ جا پنهنجا مفاد ۽ سبب آهن: انهيءَ جنگ ۾ 3586 غير ملڪي فوجي ماريا ويا انهن ۾ 2442 آمريڪي فوجي هئا. انهيءَ کان علاوه 3900 اهي آمريڪي به مري ويا جيڪي ٻين خدمتن تي متعين هئا. مقامي آبادي جو جاني نقصان لکن ۾ آهي، ثابت اهو ٿو ٿئي ته آمريڪي ۽ NATO فوجون جنهن عمل لاءِ افغانستان ۾ لاٿيون ويون، اهو وڌيڪ خونريزي جو سبب ئي بڻيو، جيئن جنگين ۾ ٿيندو آهي ته عورتون ۽ ٻار آسان نشانو هوندا آهن، جن هزارن جي تعداد ۾ پنهنجي جان ڏني يا زخمي ٿيا، جن ۾ فلاحي ڪارڪن ۽ صحافي عورتون به هيون ۽ ٽي ڪروڙ اسي لک آبادي جي ملڪ ۾ لکين ماڻهو دربدر ٿيا يا انهن کي ملڪ ڇڏڻو پيو ۽ اهي مختلف ملڪن ۾ پناهگير ٿي ويا. الميو اهو آهي ته آمريڪا پنهنجي تاريخ جي ڊگهي جنگ وڙهي ناڪام ٿيو، ساڻن NATO به جن جي فوجن جو تعداد هڪ وقت اهڙو به هو جو اهو هڪ لک چاليهه هزار تائين پهچي ويو هو، ان سڀ جي باوجود به آمريڪا ۽ NATO کي افغانستان جي سر زمين ڇڏڻي پئي پوي.

هڪ وڏو سبب انهيءَ شڪست جو اهو به آهي ته آمريڪا انهيءَ جنگ تي تمام وڏي رقم داءُ تي لڳائي ڇڏي هئي، انهيءَ جنگ تي 20 سالن ۾ آمريڪي خرچ 2.26 کرب ڊالر ٿيو جيڪا هڪ وڏي رقم آهي بس اهو خرچ به جنگ ۾ ورتل افغانستان کي امن ۽ خوشحالي نه ڏيئي سگهيو. آمريڪا دوها مذاڪرات ۾ زلمي خليل زاد جي اڳواڻيءَ ۾ طالبان سان سڌيون ڳالهيون ڪيون جن ۾ اهم نقطو هي هو ته آمريڪي فوجون هن ئي سال آمريڪا مان نڪري وينديون ۽ طالبان آمريڪي ۽ NATO اتحادين تي ڪوبه حملو نه ڪندا. عجب جهڙي ڳالهه اها آهي ته آمريڪا طالبان کان ضمانت گهري ورتي ۽ طالبان انهن تي عمل ڪيو، پر انهن افغانستان ۾ پنهنجي پيش قدمي جاري رکي اهي ڪيترن ئي افغان ضلعن تي قبضو ڪري چڪا آهن ۽ ڪابل تي قبضي جي تياري ۾ آهن. افغان قومي فوج لڳي ٿو ته پسپا ٿي رهي آهي، انهن مان ڪيترن تاشقند ۾ پناهه ورتي آهي. تازو آمريڪي صدر اشرف غني ۽ عبدالله عبدالله جيڪو افغانستان جي قومي مفاهمتي ڪائونسل جو سربراهه آهي آمريڪا جو دورو ڪيو. اهو دورو به لڳي ٿو ته خطي جي تيزي سان بدلجندڙ حالتن جي سامهون ڪوبه نتيجو نه آڻي سگهندو.

هتي ملڪ جي وزيراعظم عمران خان آمريڪا کي فوجي اڏا ڏيڻ کان في الحال انڪار ڪيو آهي ۽ اهو به چيو آهي ته اهي طالبان سان جنگ نه ڪندا. يعني افغان ڌرين کي پنهنجا معاملا پاڻ سنڀالڻ گهرجن. جڏهن ته آمريڪي سي آءِ اي چيف تعاون لاءِ پاڪستان جو دورو پڻ ڪيو آهي.

ڏسجي ته انهيءَ سڄي پيش رفت جو نتيجو ڇا ٿو نڪري پاڪستان جيئن ته خطي جو اهم ملڪ آهي ۽ ان جي جاگرافيائي بيهڪ جي اڃان به وڌيڪ اهميت آهي. دنيا جي نقشي تي وطن جي انهيءَ بيهڪ اسان لاءِ موقعا به آندا آهن ته خطرن ۾ به گهيريو آهي. آمريڪا ۽ اتحادين جون فوجون نڪرڻ کانپوءِ ڇا افغانستان اقتدار جي ڇڪتاڻ ۾ هڪ نئين خونريزي کي منهن ڏيندو جيئن هن کان اڳ احمد شاهه مسعود جي شمالي اتحاد ۽ گلبدين حڪمت يار جي حزب اسلامي ڪابل جي فتح لاءِ وڙهي رهيا هئا. اڳتي هلي طالبان ۽ شمالي اتحاد جي وچ ۾ جنگ ئي رهي آهي، ان وقت به جڏهن افغانستان تي طالبان جي حڪومت هئي.

آثار اهي ٿا ڏسجن ته هاڻي کان ئي طالبان کي پنهنجي حريف قوتن تي برتري حاصل آهي. لڳي ٿو ته طالبان جو ڪابل تي ٻيهر اقتدار اڻٽر آهي. ماضيءَ ۾ افغان حالتن جو سڌو اثر اسان جي ملڪ تي پوندو رهيو آهي جنهن سبب دهشتگردي ۽ افغان پناهگيرن جا مسئلا اهم پئي رهيا آهن. جي ايئن ٿئي ٿو ته پاڪستان جي قيادت جو فرض آهي ته اها خطي جي صورتحال کي نئين ۽ بهتر حڪمت عملي سان سنڀالي جيئن دهشتگرديءَ کان پاڪ هڪ پرامن ۽ ترقي ڪندڙ پاڪستان جو خواب ساڀيان ٿي سگهي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments