افغانستان حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ گهرو ويڙهه جا پاڪستان جي قبائلي علائقن تي اثر پوندا: وزيراعظم

وزيراعظم عمران خان چيو آھي ته افغانستان صورتحال جو پاڪستان کي ذميوار بنائڻ افسوسناڪ آهي، افغانستان حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ گهرو ويڙهه جا پاڪستان جي قبائلي علائقن تي اثر پوندا، خطي جي امن لاءِ افغان حڪومت ۽ طالبان گڏجي ڪم ڪن، اسان جي پاليسي آهي ته هاڻ افغانستان کي ٻاهران ڪير به ڪنٽرول نٿو ڪري سگهي، وزيراعظم عمران خان افغان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته افغان حڪومت ثبوتن کانسواءِ لاڳيتو پاڪستان مٿان سنگين الزام لڳائي رهي آهي، پاڪستان افغانستان ۾ امن چاهي ٿو ۽ اسان افغانستان کي پاڙيسري نه پر ڀاءُ سمجهون ٿا، وزيراعظم عمران خان چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع کان والاريل ڪشميرين مٿان ظلم ۽ بربريت جو نئون باب شروع ڪيو، هندو توا ۽ آر ايس ايس نظريي جا حامي مسلمانن ۽ عيسائين مٿان ظلم ڪري رهيا آهن، ڳئون ماتا جا پوئلڳ مسلمانن کي سرعام قتل ڪري رهيا آهن، پر انهن مٿان ڪو فرد جرم لاڳو نٿو ٿئي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments