افغانستان ۾ امن جو خواب پاڙيسري ملڪن تي اثر: انور حسين قاضي
سيپٽمبر جي 11 تاريخ 2001ع ۾ آمريڪا ۾ دهشتگردي جي اڻ وسرندڙ واقعن کانپوءِ جڏهن انهن حملن جو ذميوار اسامه بن لادن کي بڻايو ويو ۽ ان وقت آمريڪا افغانستان ۾ قائم طالبان حڪومت خلاف جنگ جو اعلان ڪيو ته پورو خطو پريشان ٿيو. آمريڪا جي ان وقت جي صدر جارج بش جونيئر پاڪستان جي ان وقت جي غاصب حڪمران پرويز مشرف کي فون ڪرايو ته توهان اسان سان افغانستان جي جنگ ۾ شامل آهيو يا نه، اگر نه ته اوهان به اسان جا دشمن آهيو، اسان جا هي شرط آهن: اوهان جا هوائي اڏا اسان استعمال ڪنداسين، اوهان جي ملڪ مان خشڪي رستي اسان جي فوجين جي رسد ٿيندي. مطلب ڪنهن ملڪ جي خود مختياري خلاف سخت شرط هئا، ان جي بدلي ۾ آمريڪا اوهان کي امداد جي صورت ۾ گهڻو ڪجهه ڏيندو، جنهن سان اوهان جي ملڪ جي معاشي حالت بهتر ٿيندي. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته عوام جي معاشي حالت ته خراب تر ٿي وئي، پر ڪجهه ماڻهن جي معاشي حالت نه صرف بهتر، پر بهترين ٿي وئي. پاڪستان جي عوام جو مطالبو هو ته پاڪستان کي ان وقت جنگ ۾ آمريڪا جو اتحادي ٿيڻ جي ضرورت نه هئي، پر بقول ڪولن پائول پرويز مشرف (ڪمانڊو صاحب) اسان جون اهي ڳالهيون به مڃيون جيڪي اسان کيس چيون به نه هيون. آمريڪا کي خود حيراني ٿي ته فوجي آمر سندن سڀ ڳالهيون سڀ شرط جيئن جو تيئن مڃي ورتا شايد ان ڪري جو فوجي آمر عوام جو نمائندو نه هوندو آهي، هڪ مخصوص ٽولي جو نمائندو هوندو آهي، صرف پاڻ کي طاقتور رکڻ لاءِ ان وقت غلط فيصلو ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان جو عوام اڄ تائين ڀوڳي رهيو آهي. معاشي عدم استحڪام امن جي صورتحال هن وقت تائين مختلف آپريشنن ۾ 83 هزار کان وڌيڪ بيگناهه زندگين جو ذيان، افغان مهاجرين جو پاڪستان ۾ اچڻ، هٿيار ۽ منشيات جو ڪاروبار جيڪو پرويز مشرف جي پيشرو ضياءُ الحق کان شروع ٿيو ان کي عروج حاصل ٿيو. N.A.T.O جا هٿيارن سان ڀريل ڪنٽينر پاڪستان ۾ اچڻ ۽ وري گم ٿيڻ، بقول عمران ايم ڪيو ايم جي نفيس ماڻهن جي هٿان گم ٿيڻ وري اهي هٿيار ڪراچي ۾ دهشتگرديءَ لاءِ استعمال ٿيڻ. مطلب ته انهيءَ وقت جي جنگ جي ڪري جيترو افغانين ڀوڳيو ان کان اگر وڌيڪ نه ته به ان جيترو پاڪستان جي عوام ڀوڳيو آهي، پر ان ۾ به ڪو شڪ نه آهي ته ڪجهه مخصوص ماڻهن کي ڪروڙين ڊالر مليا، اهي ضرور خوشحال ٿيا هاڻي ته پاڪستان ۾ اهي ماڻهو ڳوليا به نٿا لڀن، مليل ڊالرن جي آڊٽ به نه ڪئي وئي. ان وقت افغان مهاجرين ايران ۾ به پناهه ورتي هئي، پر اتي اڄ تائين انهن کي پناهگير ڪئمپن ۾ رکيو ويو آهي. جڏهن ته پاڪستان آيل افغاني هاڻي پناهگير نه رهيا آهن، پر پاڪستاني شناختي ڪارڊ حاصل ڪري پاڪستاني شهري بڻجي ويا آهن. خاص طور تي سنڌ ۾ اهي پناهگير نه پر هاڻي قبضا گير ٿي چڪا آهن.
بقول آمريڪا بهادر جي اوڻيهن ويهن سالن ۾ افغانستان ۾ ٻه هزار ارب ڊالر خرچ ڪيا ويا آهن. عجب ٿئي ٿو جڏهن اسان انهن ڊالرن کي رپئي جي ملهه سان ڀيٽيون ٿا ته پاڪستان جي هن سال جي بجيٽ صرف اٺ هزار کرب رپيا آهي، مطلب صرف 50 ارب ڊالر، مطلب آمريڪا جيڪو افغانستان ۾ 20 سالن ۾ خرچ ڪيو اهو اسان جي چاليهه سالن جي سرڪار بجيٽ کان وڌيڪ آهي. ان جي باوجود سواءِ ڪجهه شهرن جي افغانستان جي عوام جي حالت نه بدلجي سگهي. ظاهر آهي جنگ ڪٿي به امن ۽ معاشي استحڪام نه ڏيئي سگهندي آهي پوءِ اها جنگ قبيلائي هجي يا ملڪي، بم ڌماڪا هجن يا دهشتگردي. افغانستان جي جنگ جي اثر تحت پاڪستان ۾ تمام گهڻي دهشتگردي ٿي. دنيا جو دستور آهي ته انسان ڪاوڙ ضرور ڪڍندو آهي، ظاهر آهي ڏاڍي سان پڄي نه سگهندو ته ڪمزور ان جو آسانيءَ سان نشانو بڻجندو. ان ڪري پاڪستان جي آمر حڪمرانن ملڪ ڪمزور ڪيو ۽ دهشتگرديءَ جون ڪارروايون نه رڪجي سگهيون. افغان عوام جي پڻ پاڪستان سان ڪاوڙ ختم نٿي ٿئي. مطلب آمريڪا ايترو خرچ ڪرڻ باوجود افغانستان مان بد امني ختم ڪرائي نه سگهيو. طالبان مختلف علائقن ۾ وڙهندا رهيا. آمريڪا ٽي لک افغاني فوج تيار ڪئي اسلحو جديد قسم جو، ٽريننگ جديد قسم جي، ڊالرن ۾ پگهارون، پر ان فوج جو جڏهن وڙهڻ جو وقت آيو ته ايئن گم ٿي ويا ڄڻ هئا ئي ڪونه. شايد آمريڪا انهن کي آزمائي چڪو هو ان ڪري طالبان سان قطر ۾ ڳالهيون شروع ڪيون ويون. افغانستان جي صدر اشرف غني کي اعتماد ۾ ورتو ويو. عجيب ڳالهه اها آهي ته آمريڪا بظاهر ته طالبان جي خلاف هو، پر اندروني ۽ ظاهري طور انهن سان ڳالهيون به ڪندو رهيو ۽ هڪ معاهدي تحت طالبان کي افغانستان ۾ اچڻ ڏنو ويو، جنهن ڳالهه جو اظهار طالبان جي موجوده قيادت ڪري ٿي ته کين اقتدار حوالي ڪرڻو هو. ڇاڪاڻ ته اهي جائز حڪمران هئا. طالبان بنا ڪنهن مزاحمت جي پوري افغانستان سواءِ واديءِ پنج شير جي قابض ٿي ويا، پر پاڪستان حڪومت جو ترجمان شبلي فراز چئي ٿو ته قابض نه ٿيا پوءِ ڇا ٿيا آهن؟.
هن وقت طالبان افغانستان جا حڪمران آهن، پر انهن وٽ به مستقبل جي لاءِ ڪا منصوبابندي نظر نٿي اچي، قبضو ڪرڻ ۽ حڪومت هلائڻ ٻه ڌار ڌار ڪم آهن، هڪ ڪم ته هو آمريڪا ۽ افغانستان جي فوج جي مدد سان ڪري چڪا آهن. ٻيو ڪم مشڪل نظر اچي رهيو آهي، افغان عوام به انتهائي خوف ۾ آهي. طالبان جو هن وقت جو امير المومنين ملا هيبت الله آهي، جڏهن ته ٻئي نمبر تي طاقتور اڳواڻ ملا عبدالغني برادر آهي. ياد رهي ته هي اهو ملا عبدالغني برادر آهي جنهن کي 2010ع ۾ C.I.A پاڪستان جي ادارن سان گڏجي آپريشن ڪري گرفتار ڪيو هو جيڪو پورا 8 سال 2018 تائين پاڪستان جي جيلن ۾ رهيو، پر 2018ع ۾ کيس ماٺ ميٺ ۾ آزاد ڪيو ويو، طالبان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ مذاڪرات ڪار رهيو. هن وقت هو ٻيو نمبر طاقتور اڳواڻ آهي، اها ڪا حيرت جي ڳالهه نه آهي ان ڪري اڪثريت جو اهو خيال آهي ته طالبان جو اچڻ آمريڪا جي مرضيءَ مطابق ٿيو آهي.
طالبان ڪجهه عهدن تي پنهنجا ماڻهو رکيا به آهن. گل آغا وزير خزانه (خزانو خالي آهي آمريڪا تقريبن 9 ارب ڊالر روڪي ڇڏيا آهن). صدر ابراهيم وزير خارجه (خارجه پاليسي واضح نه آهي صرف اهو چيو ٿو وڃي ته پاڙيسري ملڪن سان تعلقات خراب نه ڪبا ۽ افغانستان جي سر زمين دهشتگرديءَ لاءِ استعمال نه ٿيندي)، انٽيليجنس جو سربراهه نجيب الله آهي، ڪابل جو گورنر ملا شيري آهي ۽ ڪابل جو ميئر حميد الله کي مقرر ڪيو ويو آهي. طالبان جا ٻه ترجمان به سامهون آيا آهن هڪ سهيل شاهين، ٻيو ذبيح الله مجاهد جيڪي دنيا جي پريس کي طالبان پاليسيون به ٻڌائي رهيا آهن، پر غير واضح!!
اشرف غني ملڪ ڇڏي ڀڄي ويو يا حڪمت عملي تحت ڀڄي ويو ڇو ته ان کي طالبان شايد زنده نه ڇڏين ها، پر امرالله صالح نائب صدر جيڪو طالبان جي وڌيڪ خلاف آهي اڃان تائين افغانستان جي صوبي پنج شير ۾ موجود آهي. حامد ڪرزئي ۽ عبدالله عبدالله ڪابل ۾ موجود آهن، طالبان سان رابطي ۾ آهن، امن ۾ آهن، پر عوام امن ۾ نه آهي. آمريڪا سان ڳالهائڻ لاءِ هڪ ڪابل جي مترجم جي ڀاءُ کي صرف ان ڪري ماريو ويو جو ان جي ڀاءُ جو ڏوهه مترجم هئڻ هو. ڪيتريون ئي ڳالهيون منجهائيندڙ آهن. طالبان آمريڪا جي مرضيءَ سان آيا آهن؟ پنهنجي طاقت سان آيا آهن؟ امن ٿيندو يا نه؟ پاڙيسري ملڪن تي ڪهڙو اثر پوندو؟ اگر آمريڪا طالبان کي آندو آهي ته ان جو مقصد ڇا آهي؟ ۽ ڪيترائي انيڪ سوال آهن جن جو شايد جواب جوبائيڊن وٽ به نه آهي يا ڏيڻ نٿو چاهي جو پريس ڪانفرنس ڪندي ڪنهن به سوال جو جواب نه ڏنو اٿس صرف ايترو چيائين ته اسان پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿياسين، داعش کي ختم ڪيوسين، پر وري وارننگ اچي ٿي ته ڪابل هوائي اڏي کي خطرو آهي داعش کان ۽ پوءِ ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ 200 ماڻهو مارجي ويا جنهن ۾ 12 آمريڪي فوجي به شامل آهن. مطلب ته داعش ختم نه ٿي آهي، آمريڪا ڪابل ۾ فضائي حملو ڪيو جنهن ۾ چار معصوم ٻار به مارجي ويا. هوائي اڏي تي انساني الميو ٿيو آهي ماڻهو ڪنهن به نموني افغانستان ڇڏڻ چاهين ٿا انهن ماڻهن تي آمريڪي فوجي سڌيون گوليون هلائين ٿا. طالبان ايترا مخالف نه ماريا آهن جيترا آمريڪي فوجين هوائي اڏي تي بيگناهه شهري ماريا آهن، جن آمريڪا جو ساٿ ڏنو ۽ هاڻي طالبان جي خوف کان ملڪ ڇڏڻ چاهين ٿا، پر اهي آمريڪي جن جي آسري تي طالبان سان وڙهيا اهي کين ماري رهيا آهن. هن کان وڌيڪ الميو ڪهڙو هوندو جو ماڻهو جهازن جي مٿان ويهي ملڪ مان ڀڄڻ چاهين ٿا، ويچارا جهاز اڏامڻ سان هيٺ ڪري مري ويا، عورتون ٻار ڪيئن نه دربدر ٿين پيا، امن ڪيئن ٿيندو. ويهه سال ٻه هزار ارب ڊالر خرچ ڪرڻ کان پوءِ به آمريڪا افغانستان کي امن ڏيئي نه سگهيو يا هو امن ڏيڻ ئي نٿو چاهي، هو چاهي ٿو افغانستان ۾ خانا جنگي ۽ بدامني نه صرف افغانستان لاءِ بلڪه پاڙيسري ملڪن لاءِ ضروري آهي ڇو؟ جواب شايد اهو آهي ته چين جو وڌندڙ اثر روڪڻ چاهي ٿو.
اسان جي وزيراعظم صاحب ته وڏيون ٻٽاڪون هنيون، پر هاڻي پوري اسلام آباد جا هوٽل خالي ڪرائي آمريڪا ۽ ان جي اتحادي فوجن ۽ اهم عهديدارن کي انهن ۾ رهايو ويو آهي. ست لک افغاني پناهگيرن لاءِ ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن. بقول وزير داخلا ته پاڪستاني حڪومت ڪنهن جو دٻاءُ قبول نه ڪندي. اهڙي قسم جي منافقانه پاليسي اسان جي حڪمرانن جي يا انهن جي پٺيان طاقتور هٿن جي هميشه رهندي آئي آهي جنهن جي ڪري پاڪستان جو عوام مسلسل ڀوڳي رهيو آهي. اسان جو زور صرف ان ڳالهه تي هوندو آهي ته انڊيا کي ايترو نقصان ٿيو آهي افغانستان ۾ جڏهن ته انڊيا جي سفارتي عملي کي طالبان حفاظت ۾ ايئرپورٽ تائين رسايو. چين به هڪ طاقتور ملڪ آهي، ان جي باوجود هو طالبان سان ورڪنگ رليشن ٺاهڻ چاهي ٿو، ايران جو واضح موقف آهي ته ان کي به ايترو نقصان نه ٿيندو. باقي رهيو پاڪستان ته ان کي هميشه افغان جنگ ۾ نقصان ٿيندو آيو آهي سو هاڻي اهو ٿيندو جو ڪجهه ٽولا پنهنجا مفادات پورا ڪندا عوام ڀوڳيندو خاص طور سنڌ جو عوام.
اقوام متحده واضح ڪيو آهي ته افغانستان ۾ خوراڪ صرف سيپٽمبر جي لاءِ موجود آهي پوءِ اتي ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي. ان ڪري پاڪستان کان خوراڪ اسمگل ٿيڻ جو وڏو انديشو آهي، ڪڻڪ جو اگهه پهرين ئي گهڻو آهي وڌيڪ مهانگو ٿيندو. پناهگيرن جي اچڻ ڪري ملڪ جي معاشي صورتحال تي اثر پوندو ان ڪري هن وقت آمريڪا بهادر ڊالر ڏيڻ نٿو چاهي. تازو ئي ڪجهه ڏينهن ۾ پاڪستاني فوج جي چوڪين تي افغانستان جي زمين تان حملا ٿي چڪا آهن، جنهن ۾ جاني نقصان ٿيو آهي. داعش ۽ ڪالعدم تحريڪ طالبان جو وجود موجود آهي جيڪو نه صرف افغانستان ۾ پر پاڪستان ۾ امن ٿيڻ نه ڏيندو.
طالبان جي ترجمان مطابق آمريڪا جي فوجن جي انخلا جي آخري تاريخ 31 آگسٽ آهي. توڙي جو آمريڪا جو C.I.A ڊائريڪٽر وليم برنس پڻ طالبان قيادت کي چوي ٿو ته ڪجهه ڏينهن وڌايو.
افغان مسئلي تي دنيا پريشان هئي اسان جو وزيراعظم صاحب week end پيو ملهائي، پر هن ويچاري جي وس ۾ به نه آهي واڳ ڌڻي پاڻ ئي رابطي ۾ آهن.
اسان وٽ بک بيروزگاري ۽ بدامني واري صورتحال پهرين به آهي، پر هاڻي وڌندي. خاص طور ڪراچي ۾ جتي افغان پناهگيرن پهچڻ شروع ڪيو آهي، پ پ سرڪار به کين خوش آمديد ڪري رهي آهي.
بس اميد ڪري سگهجي ٿي ته افغانستان ۽ پاڪستان ۾ امن ٿئي، پرمحسوس ٿئي ٿو ته حالتون ٻنهي ملڪن ۾ خراب ٿينديون. ڏسڻو اهو آهي ته چين ۽ روس جي انهن بابت ڪهڙي پاليسي آهي. اگر آمريڪا جي اها به هڪ چال آهي ته ان جو نشانو چين ضرور هوندو.