پاڪستانخاصدنيانيو‍‍ز

افغانستان ۾ امن جو مطلب پاڪستان ۾ امن آهي: آرمي چيف

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته افغانستان ۾ امن جو مطلب پاڪستان ۾ امن آهي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان افغان سفير نجيب الله علي خيل، جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي سلامتي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ افغان امن عمل، ٻطرفي سلامتي، دفاعي تعاون ۾ واڌ ۽ ٻنهي ڀائراڻي ملڪن جي وچ ۾ بهتر بارڊر مئنيجمينٽ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته افغانستان ۾ امن جو مطلب پاڪستان ۾ امن آهي. اسان جو واحد مقصد پرامن، خود مختار، جمهوري، مستحڪم ۽ خوشحال افعانستان کي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ آهي.