افغانستان ۾ فورسز ۽ طالبان ۾ شديد چڪريون، ڪاپيسا جو ڊپٽي گورنر مارجي ويو

افغانستان جي مختلف ضلعن ۾ افعان سيڪيورٽي فورسز ۽ طالبان وچ ۾ چڪريون جاري آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ڪاپيسا جو ڊپٽي گورنر عزيز الرحمان طالبان حملي ۾ مارجي ويو، ميڊيا رپورٽن موجب ڪاپيسا جو ڊپٽي گورنر عزيز الرحمان تواب گذريل ڏينهن ضلعي نجراب ۾ طالبان جي حملي ۾ مارجي ويو، جڏهن ته افغان ميڊيا جو چوڻ آهي ته ضلعي بگرام افغان ايئر فورس جو پائليٽ به فائرنگ ۾ مارجي ويو آهي، ٻئي طرف گورنر پروان دعويٰ ڪئي آهي ته سيڪيورٽي فورسز صوبي پروان جي ضلعي شيخ علي جو قبضو طالبان کان واپس وٺي ڇڏيو آهي، پر شيخ علي ضلعي جي مختلف علائقن ۾ طالبان ۽ افغان فورسز وچ ۾ چڪريون جاري آهن، افغان ميڊيا جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن افغان فورسز سيغان، ڪهمرد ۽ چخانسور ضلعن تي طالبان کان قبضو واپس ورتو ويو هو، واضح رهي ته افعانستان ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال کي حل ڪرڻ لاءِ افغان حڪومتي وفد ۽ طالبان وچ ۾ اڄ قطر ۾ ڳالهيون ٿي رهيون آهن، افغان حڪومت جي ترجمان چيو آهي ته افغانستان ۾ امن چاهيون ٿا، اُميد آهي ته طالبان سان نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون ٿينديون.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments