اقبال ۽ رومي جي بنيادي فڪر جو تعارف

اقبال فڪري طور سان وجودي فلسفي سان واڳيل رهيو آهي، ان حوالي سان هو برگسان، نٽشي کان متاثر ٿيڻ سان گڏ اسلامي عقيدي، فلسفي سان لاڳاپيل رهيو، جيڪو فڪر تصوف جي بنيادي خيال وحدت الوجود جي بلڪل خلاف آهي. اهو ئي سبب آهي جو اقبال پنهنجي شاعري ۾ تصوف تي تنقيد ڪندي نظر اچي ٿو.
ٹھر سکا نہ کسی خانقاہ میں اقبال
کہ ہے ظریف و خویش، اندیشہ و شگفتہ داغ (اقبال)
**
رہا نہ حلقہ صوفی میں سوز مشتاقی
فسانہ ہائے کرامات رہ گئے باقی (اقبال)
**
یہ ذکر نیم شبی یہ مراقبے یہ سرور
تری خودی کے نگباں نہیں تو کچھ بھی نہیں (اقبال)
**
اقبال جو سمورو فڪر خودي تي مبني آهي ۽ تصوف جو بنياد خودي جي نفي تي مبني آهي. ٻئي فڪر هڪ ٻئي جي نفي آهن. ان جي باوجود اقبال پير رومي کي پنهنجو مرشد مڃي ٿو. اقبال ۽ رومي ۾ جيڪا شيءِ مشترڪه آهي اهو عشق آهي، جيڪو ٻنهي جي فڪر ۾ برابر شامل آهي، پر اقبال جي فلسفه عشق ۽ رومي جي فلسفه عشق ۾ فرق آهي، جيڪو فرق اسلامي فڪر ۽ تصوف ۾ آهي. وحدت الوجود ۽ وحدت الشهود جو فرق جنهن ۾ خالق ۽ مخلوق جو فرق واضح آهي، جتي اقبال جو مرد ڪامل خودي جو مظهر آهي اتي تصوف جو مرد ڪامل فنا في الوصل آهي.
مولانا رومي جو مولوي کان صوفي ٿيڻ ۽ غزل لکڻ هڪ وڏو فڪري ڇال هو. رومي پنهنجي مرشد سمش تبريز جي جدائي ۾ غزل لکڻ شروع ڪيا ۽ ٻيو ٻن شخصيتن جي صحبت ۾ رهڻ جي ڪري غزل لکيا جن ۾ شيخ صلاح الدين زرڪوب ۽ ٻيو شيخ حسام الدين چلپي شامل آهن.
مولانا ڪڏهن به ڪو قصيدو نه لکيو نه قطع مولانا شبلي مطابق رومي جي شاعري جو دامن قصيدي کان بلڪل پاڪ رهيو.
مذڪوره تاريخي حوالي مان ثابت ٿئي ٿو ته مولانا رومي جو عشق خالص تصوف جي فلسفي سان منسلڪ آهي. جڏهن ته اقبال جو عشق مذهب اسلام جي عقيدي سان لاڳاپيل آهي جنهن جو انجام جهاد، جنگ، فتوحات، مال غنيمت، مذهب جي سياسي بالادستي ۽ زماني سازي يا ملوڪيت تي اچي دنگ ڪري ٿو.
ان فڪري تضاد جي باوجود اقبال ۽ رومي ۾ ڪهڙي شيءِ ٻنهي جي نزديڪي جو سبب بڻجي ٿي؟ بقول ڊاڪٽر سيد عبدالله جي ته عقل پرستي، استدلال جي نفي ۽ فڪرِ اقبال ۽ رومي جي وچ ۾ مشترڪه نقطو آهي. ساڳي وقت هن اقبال ۽ رومي جي وچ ۾ اختلافي نقطو خودي قرار ڏنو آهي.
علاج آتش رومی کے سوز میں ہے ترا
تری خرد پہ ہے غالب فرنگیوں کا فسوں (اقبال)
عشق جو فلسفو جنهن ۾ خودي جي نفي شامل آهي، پر اسلامي فڪر جي عشق ۾ جهاد ۽ شهادت شامل آهي. جتي تصوف ۾ ذات جي نفي شامل آهي. اقبال جي عشق جو تعلق جهاد ۽ شهادت سان آهي، پر تصوف ۾ عشق جو تعلق ذات جي نفي ۽ فنا في الوصل آهي.
اقبال جي عشق جو انجام جنگ، جهاد ۽ شهادت آهي، پر تصوف ۾ عشق جو انجام صرف ذات جي نفي آهي. اسلام ۽ تصوف ۾ به خودي ۽ انارڪي جو فرق موجود آهي.
اقبال جو عشق جو فلسفو ڪفر سان جنگ لاءِ اڀاري ٿو، پر تصوف جو فلسفو عشق صرف پنهنجي نفس سان جنگ تي زور ڀري ٿو. اقبال جي عشق ۾ مذهب جي تقسيم آهي. جڏهن ته تصوف جي عشق ۾ پوري انسانيت شريڪ آهي.
اقبال پنجاب جي صوفي بزرگن جو ڪوبه نظرياتي اثر ته نه قبوليو، پر الٽو پنجاب جي تصوف کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو ۽ ان جي جاءِ تي اسلامي قدامت پسندي جي نظريي کي هٿي ڏني، جنهن سان اڄ پنجاب مذهبي انتها پسندي جي ور چڙهي ويو آهي، جيڪو فڪر اقبال کي انارڪسٽ جي خاني ۾ وجهي ٿو. ڇاڪاڻ ته ڪنهن به سياسي نظريي جي بنياد تي تشدد جي ڳالھ ڪرڻ انارڪي آهي.
کھینچ کر خنجر کرن کا پھر ہو سرگرم ستی
پھر سکھا تاریکی باطل کو آداب گریز۔ (اقبال)
سنڌ جي خوش قسمتي آهي جو هن اقبال کي قبول نه ڪيو ۽ پنهنجي صوفي شناخت کي برقرار رکيو. پنجاب تصوف ۽ اقبال جي اسلامي قدامت پسندي ۽ انارڪيت ۾ تقسيم ٿي ويو.
اقبال جي نراجيت پسندي جو حوالو؛
مومن هو تو لڙتا هي بي تيغ سپاهي (اقبال)
اسلام جي سياسي بالادستي ۽ انارڪي ۾ ڪافي مشابهت ڏسجي ٿي. جهاد سان جيڪي مسئلا پيدا ٿين ٿا اهي ساڳيا مسئلا انارڪي سان به پيدا ٿين ٿا. ٻنهي ۾ سياسي تشدد موجود آهي. دنيا جي مسلم اقليتن طرفان هلندڙ قومي عليحدگي پسند تحريڪون پڻ ان قسم جي انارڪي ۾ شمار ڪري سگهجن ٿيون.
اقبال هڪ طرف اسلامي احياءِ ۾ پختو يقين رکي ٿو ته ٻئي پاسي صوفي فڪر سان وابستگي ۽ ان تي تنقيد به ڪري ٿو. هڪ طرف رومي کي پير ۽ مرشد مڃي ٿو ته ٻئي طرف اسلامي احياءِ تحريڪ جو نعرو به بلند ڪري ٿو. توڙي جو اسلامي شريعت ۽ تصوف جي فڪر ۾ ڪافي فرق موجود آهي. اقبال اسلامي فڪر سان پختي وابستگي سبب ترقي پسند تحريڪ کان به متاثر نه ٿيو نه تصوف جي روايت کي قبول ڪري سگهيو.
اقبال جي اثر پذيري ان جي شاعري آهي نه ڪي ان جو فڪر، هي واحد شاعر آهي جنهن جي فڪر سان اختلاف جي باوجود ماڻهو سندس شاعري کان متاثر ٿيو وڃي ٿو. ماڻهو ايترو ڪنهن مولوي جي تقرير کان متاثر نٿا ٿين جيترو اقبال جي شاعري کان مانوس ٿيو وڃن ٿا. خود هر فرقي جا مولوي حضرات اقبال جي شعرن سان پنهنجي تقرير کي پر اثر بنائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.
شاعري جي اثر انگيزي لاءِ اهو ڪافي آهي ته هر موضوع تي هر ماڻهو پنهنجي ڳالهه کي اثرائتو بنائڻ لاءِ ڪنهن نه ڪنهن جي شعر جو سهارو وٺي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو هر دور ۾ شاعري جي روايت ۾ اضافو ٿيندو رهي ٿو.
سنڌ ۾ اقبال کي علامه آءِ آءِ قاضي ۽ شيخ اياز متعارف ڪرايو ۽ محمد يوسف شيخ اقبال تي لاڙڪاڻي ڪيڊٽ ڪاليج جي طرفان سيمينار 1998 ڪرائي ۽ ان ۾ پيش ڪيل مقالن تي مشتمل سنڌي ۾ ڪتاب شايع ڪرايو. ان کان اڳ اقبال تي شيخ محمد ابراهيم خليل هڪ ڪتاب ”اقبال“ نالي لکي چڪو هو. سنڌ جو مايا ناز محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به اقبال کان متاثر ڏسجي ٿو. جنهن سان سنڌ ۾ اقبال شناسي جي شروعات ته ٿي، پر ان کي ڪو عروج نه ملي سگهيو.
سنڌ جي دانشمندي کي رڳو تصوف، ترقي پسندي ۽ قوم پرستي متاثر ڪري سگهي آهي، باقي عقيدي جي لحاظ کان ديو بندي، بريلوي ۽ اهل شيعت کان به ڪافي قدر متاثر آهي.
2020 جي دوران وبا جي ڏينهن ۾ عملي طور سنڌ ۾ ڏٺو ويو ته قوم پرستي جي جذبات تي به تبليغي جماعت سان همدردي جا جذبا وڌيڪ غالب ڏسڻ ۾ آيا. جڏهن تبليغي سنڌ ۾ داخل ٿيا ته سنڌ جي نوجوانن وبا جي خطري جي باوجود تبليغي جماعت سان همدردي جو اظهار ڪيو.
سنڌ تصوف کي رومي جي فڪري اثر رسوخ طور قبول ڪري چڪي هئي، جنهن کي وڌيڪ زور شاھ عبداللطيف ڀٽائي وٺرايو. جنهن پنهنجي بيتن ۾ مولانا رومي جو نالو استعمال ڪري ان سان پنهنجي عقيدت جو اظهار ڪيو. شاھ عبداللطيف ڀٽائي مثنوي رومي کي فارسي ۾ پڙهيو. ڇاڪاڻ ته ان وقت سنڌ ۾ مثنوي رومي اڃان سنڌي ۾ ترجمو نه ٿي هئي. مثنوي رومي جو سنڌي ترجمو پهريون دفعو غلام محمد شهواڻي 1942ع ڌاري ڪيو، جيڪو ان وقت شايع ٿيو ۽ پذيرائي حاصل ڪئي، جنهن جي جديد سنڌي ڪمپيوٽر تحريري اشاعت سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي 1999ع ۾ ڪئي، جنهن جو ٻيو ڇاپو 2003ع ۾ پڻ پڌرو ٿي چڪو آهي. هتي هڪ ڳالھ جي پڻ نشاندهي ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو ته سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، مثنوي رومي جهڙي اهم ڪتاب جي ڇپائي جو اعزاز ماڻي نه سگهيو. مثنوي رومي کي شاھ جو رسالو جي بنيادي ماخذ يا سرچشمي ۾ شمار ڪيو ويو آهي.

