اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي چئلينج ڪرڻ سان ثابت ٿيو ته حڪومت چوري ڪئي آهي: مريم نواز

سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي چئلينج ڪرڻ ثابت ڪري ٿو ته حڪومت چوري ڪئي آهي ۽ ووٽ چوري ۾ ملوث آفيسرن کي بچائڻ ثابت ڪري ٿو ته چوري اوهان جي چوڻ تي ڪئي وئي. مريم نواز چيو ته ٻيهر اليڪشن کان ڀڄڻ ثابت ڪري ٿو ته اوهان کي خبر آهي ته عوام اوهان جون ضمانتون ضبط ڪري ڇڏيندي، پر الله جي لٺ بي آواز آهي. مريم نواز وڌيڪ چيو ته جسٽس وجيهه الدين تحريڪ انصاف اليڪشن جا راز کوليا ته ان کي پارٽي مان ڪڍيو ويو. هاڻ اليڪشن ڪميشن چوري پڪڙي ته اپيلون ڪري رهيا آهن؟ جيڪڏهن عوام اوهان سان گڏ آهي ته اوهان ميدان تان ڇو ڀڳا آهيو؟ اوهان ڌانڌلي ڪندڙ اهلڪارن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ ان ڪري بيچين آهيو ته هو ڪٽهڙي ۾ اوهان جو نالو وٺندا؟ ۽ ان کانپوءِ اوهان جي راند ختم. واضح رهي ته قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 75 ۾ ننڍي چونڊ جي ووٽ دوران مختلف واقعن ۾ فائرنگ ۽ ٻن ڄڻن جي مارجي وڃڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن تڪ جي نتيجن کي روڪي ڇڏيو هو ۽ مسلم ليگ (ن) طرفان تڪ جي 20 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر پولنگ جي درخواست ڪئي هئي، پر چيف اليڪشن ڪمشنر مسلم ليگ (ن) جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي تڪ اين اي 75 ڊسڪه بابت فيصلو ٻڌائيندي حڪم ڏنو ته پوري تڪ ۾ ٻيهر چونڊون ڪرايون وڃن.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments