حڪومت کي ڪاپاري ڌڪ، برطانيا جو نواز شريف جي گرفتاري وارنٽن تي عمل ڪرائڻ کان انڪار
برطانوي حڪومت اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي گرفتاري وارنٽن تي عمل ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. لنڊن ۾ پاڪستاني هائي ڪميشن طرفان نواز شريف جي ضمانت نه ٿيڻ جوڳن گرفتاري وارنٽن تي عمل ڪرائڻ جي پنجين ڪوشش به ناڪام ٿي وئي. سفارتي ذريعن موجب هاءِ ڪميشن پنجون ڀيرو ايون فيلڊ ۾ وارنٽن تي صحيح ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر وارنٽن تي نواز شريف صحيح نه ڪئي نه ئي شريف خاندان جي ڪنهن ٻئي فرد صحيح ڪئي. ذريعن ٻڌايو ته خميس تي به هاءِ ڪميشن جا ٻه عهديدار دَن ريوَن اسٽريٽ تي 10 منٽن تائين انتظار ڪندا رهيا، پر هائي ڪميشن جا عهديدار ايون فيلڊ جي رسيپشن تي پهچڻ کان سواءِ واپس هليا ويا. سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته فارن آفيس جي ذريعي برطانوي حڪومت سان وارنٽن تي عمل ۾ مدد جي درخواست ڪئي وئي هئي، پر برطانوي حڪومت نواز شريف جي وارنٽن تي عمل ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب برطانوي حڪومت چيو ته هو پاڪستان جي اندرين معاملن ۾ مداخلت نه ڪندي. جڏهن ته وارنٽن تي عمل ڪرائڻ نه هنن جو مينڊيٽ آهي ۽ ئي سندن ڪم آهي.

