خاص

اليڪٽرانڪ چپ جي استعمال کانپوءِ هاڻ ڀولڙا به گيم کيڏڻ لڳا

مستقبل جي لاءِ نت نون منصوبن تي عمل ڪندڙ آمريڪا جي ارب پتي ڪاروباري شخصيت ۽ آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپني ٽيسلا جي سي اي او ايلن مسڪ جي نئين ايجاد سڄي دنيا کي هڪ دفعو ٻيهر حيران ڪري ڇڏيو آهي. ايلن مسڪ جي ڪمپني (نيورالنڪ) طرفان متعارف ڪرايل نئين ٽيڪنالاجي دماغ جي لاءِ بلو ٽوٿ سان ٻڌل هڪ چپ آهي جنهن کي دماغ جي ٻنهي طرفن کان لڳايو ويندو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ايلن مسڪ جي ٽيڪنالاجي ڪمپني طرفان هڪ وڊيو شيئر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ باندر کي دماغ جو استعمال ڪندي ڪمپيوٽر گيم پونگ کيڏندي ڏسي سگهجي ٿو. وڊيو ۾ 9 ساله مڪاڪ (هڪ قسم جو ڀولڙو) کي ڪمپيوٽر ۾ گيم کيڏندي ڏسي سگهجي ٿو. ڪمپني موجب ڀولڙي جي دماغ جي ٻنهي طرفن کان ڊوائس لڳائي وئي آهي. في الحال نيورالنڪ مختصر ريسيور جي ذريعي ڪمپيوٽر سان ڳنڍيل ۽ دماغ ۾ لڳڻ جي لاءِ چپ متعارف ڪرائي وئي آهي جيڪا ان کان اڳ به جانورن ۾ متعارف ڪرائي وئي آهي. وڊيو ۾ ڀولڙي کي جواءِ اسٽڪ جي ذريعي اسڪرين آن ڪندي به ڏيکاريو ويو آهي. هوڏانهن ايلن مسڪ پنهنجي هڪ پيغام ۾ چيو آهي ته جلد انسانن ۾ به اهڙي قسم جي تجربن جو اعلان ڪيو ويندو. ايلن مسڪ پنهنجي پيغام ۾ وڌيڪ چيو آهي ته ڪامياب تجربن کانپوءِ اهڙيون پراڊڪٽ جلدي آنديون وينديون جيڪي فالج کان متاثر ماڻهن جي لاءِ سمارٽ فون استعمال ڪرڻ ممڪن بنائي سگهن.