امن بحال کپي، ڪم نه ڪندڙ پوليس آفيسرن کي ڊيوٽي تان فارغ ڪرڻ جي ھدايت
1715
Shares
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آھي ته بولٽن مارڪيٽ ڌماڪو ڪراچي ۾ ٿوري عرصي اندر دهشتگردي جو ٽيون واقعو آهي، دهشتگردي جي نئين لهر کي مڪمل ختم ڪرڻو آهي. وڏي وزير جي صدارت ھيٺ امن امان بابت اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري، ڊي جي رينجرز، گهرو سيڪريٽري ۽ حساس ادارن جي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو آهي ته ڪنهن به صورت ۾ امن خراب ڪرڻ نه ڏينداسين، دهشتگردي کي مڪمل طور چِٿڻو آهي. مراد علي شاھ چيو ته پوليس، رينجرز ۽ حساس ادارا گڏجي رٿابندي ڪن، اسان کي نتيجا گهرجن، پوليس کي جيڪي به آفيسر گهرجن، اُهي کنيا وڃن، جيڪو ڪم نٿو ڪري، اُن کي فارغ ڪريو.