انجلينا جولي پاڪستان پهچي وئي، دادو ۾ ٻوڏ صورتحال جو جائزو

بالي ووڊ جي جڳ مشهور اداڪارا ۽ گڏيل قومن جي خاص سفير انجلينا جولي پاڪستان پهچي وئي. انساني حقن جي متحرڪ ڪارڪن انجلينا جولي ٻوڏ متاثرن سان ملاقات ۽ صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ پاڪستان پهتي آهي. هوءَ گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪميشن جي خاص سفير آهي. انجلينا جولي سنڌ جي ضلعي دادو پهتي، جتي هن ٻوڏ متاثرن سان ملاقات ڪئي. اداڪارا نه رڳو هيلي ڪاپٽر ذريعي دادو جو جائزو ورتو پر ٻيڙي ۾ به سوار ٿي ٻوڏ صورتحال جو جائزو ورتو. ذريعن جو چوڻ آهي ته انجلينا جولي جو دورو ميڊيا کان ڳجهو رکيو ويو، جڏهن ته دوري جي موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments