انسانيت لَڄي، ويڳي پيءَ ڌيءَ کي ڳورهاري ڪري ڇڏيو
ملڪ ۾ آئي ڏينهن اهڙا جنسي زيادتي جا واقعا سامهون ايندا آهن، جنهن سان انسانيت جو ڪنڌ شرم وچان جهڪيو وڃي. 14 آگسٽ تي ٽڪ ٽاڪر عورت کي هجوم طرفان حراسان ۽ بي لباس ڪرڻ جو واقعي کي اڃا ڪجهه وقت مَس گذريو هو ته اهڙي قسم جا ٻيا افسوسناڪ واقعا سامهون اچڻ لڳا، جن ۾ ڪڏهن رستي ويندڙ عورت کي حراسان ڪرڻ جي خبر سامهون اچي رهي آهي ته ڪڏهن وري عورتن سان اجتماعي لڄالٽ جا واقعا سامهون اچي رهيا آهن. اهڙو ئي هڪ جيءُ جهوريندڙ واقعو ڪراچي ۾ به پيش آيو، جنهن ۾ ويڳي پيءَ مبينا طور زيادتي جو نشانو بڻائي ڌيءَ کي ڳورهاري ڪري ڇڏيو، اهڙو انڪشاف مقامي عدالت ۾ نيو ڪراچي ٿاڻي جي حد ۾ ويڳي ڌيءَ سان مبينا طور زيادتي ڪندڙ پيءُ کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ تي ٿيو. جوابدار محمد شاهد کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ کانپوءِ پوليس اختيارين ٻڌايو ته ناريءَ جي ماءُ جوابدار سان ٻي شادي ڪئي هئي، جوابدار پنهنجي ويڳي ڌيءَ سان ڪيترائي ڀيرا زيادتي ڪئي، جنهن جي ڪري کيس جنوري 2021 ۾ هڪ ٻار به ٿيو. پوليس ٻڌايو ته ڪيس وومين پروٽيڪشن ڊيسڪ جي شڪايت تي داخل ڪيو ويو آهي، عدالت جوابدار کي عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.

