انساني جسم جي سڀ کان ننڍي هڏي ڪهڙي آهي؟

1339 Shares

اوهان انسان جي ڪنن جي  حوالي سان تحقيق نه پيا ڪريو پر تنهن هوندي به ڪجهه عام شيون اوهان کي خبر هونديون. جيئن ڪن جو اندريون حصو ۽ پردا وغيرا، شايد اها به ڄاڻ هجي ته اندروني ڪن توازن لاءِ اهم آهي ۽ ڪن جي صفائي لاءِ ڪيو ٽپ جو استعمال هاڃيڪار آهي، پر ڇا اوهان کي خبر آهي ته اوهان جو ڪن ئي جسم جي ٽن سڀ کان ننڍين هڏين جو گهرڙو آهي. هنن هڏين کي ossicles  چيو وڃي ٿو، جيڪو لاطيني لفظ آهي، جنهن جو مطلب آهي ننڍي هڏي. هنن هڏين جا نالا به لاطيني ٻولي مان ورتا ويا آهن. هڪ جو نالو ماليوز، ٻي جو انڪيوز، ٽئين جو اسٽيپس آهي. ٽنهي کي گڏائجي ته اهي نارنگي جي ٻج جيتريون ٿينديون ۽ اسٽيپس هڏي ٽنهي مان سڀ کان ننڍي آهي. هي هڏيون ڪن جي وچولي حصي ۾ پردي ۽ اندروني ڪن جي وچ ۾ موجود آهن ۽ انهن جو ڪم آواز کي هڪ مقام کان ٻئي مقام تي منتقل ڪرڻ آهي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments