خاص

انڊين هاءِ ڪميشن جا 38 آفيسر پاڪستان ڇڏي ويا.

اسلام آباد ۾ انڊين هاءِ ڪميشن جا 38 عملدار پاڪستان ڇڏي ويا. سفارتي ذريعن ٻڌايو ته ڀارتي هاءِ ڪميشن جا عملدار واگها اٽاري ذريعي ڀارت روانا ٿي ويا، جن ۾ 6 سفارتڪار به شامل آهن. ٻئي طرف انڊيا ۾ پاڪستان هاءِ ڪميشن جا 100 اهلڪار ۽ انهن جا خاندان به واپس اچي چڪا آهن جيڪي واگها ذريعي وطن واپس آيا آهن. ياد رهي ته 1 جون تي هندستان پاڪستان هاءِ ڪميشن جي ٻن عملدارن کي ناپسنديده قرار ڏنو هو، جنهن تي پاڪستان طرفان سخت احتجاج ڪيو ويو هو. هن واقعي کانپوءِ به هندستان سفارتي آداب جي ڀڃڪڙي ڪندو رهيو ۽ 15 جون تي هندستاني سيڪيورٽي فورسز نئين دهلي ۾ پاڪستان هاءِ ڪميشن جو گهيراءُ ڪيو ۽ پاڪستاني عملدارن کي حراسان ڪيو. جڏهن ته محاصرو 16 جون تي به جاري رهيو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان هاءِ ڪميشن جو عملو موٽندو ته هندستان جو عملو به واپس ويندو ۽ انڊيا به پنهنجي هاءِ ڪميشن جي 50 سيڪڙو ملازمن جي واپسي جو بندوبست ڪري.