انڪم سپورٽ سانگي شبير ڪنڀر

منهنجو پيارو دوست پريم اڄ ڏاڍو پريشان پريشان نظر پئي آيو، ھن کي اداس ڏسي ويجهو وڃي کانئس پڇيومانس ته يار پريم ڏي خبر اڄ ايڏو پريشان ڇو آھين سڀ خير ته آهي؟

“اڙي يار نه پڇ” پريم جھيڻي آواز ۾ چيو، “ڇا ٿيو آهي!!؟”

مون پريم جي اداس چھري ۾ نھاريندي پڇيو:

“ڇا وري ڇا اسان جي ھن ملڪ ۾ غريب ٿي پيدا ٿيڻ ئي وڏو ڏوهه آهي پاپ آهي” پريم ڪاوڙ ۽ ڪروڌ منجهان وراڻيو.

“آخر ڳالهه ڇا آهي مون کي به ٻڌائي؟” مون پريم کي آٿت ڏيندي چيو:

“يار سچ پڇين ته اڄ مان ذليل ٿيو آھيان”،

“ڇو ڀلا ڇا ٿيو آهي”؟ مون پڇيو،

“يار ڪجهه ڏينهن پھرين امان جا بينظير انڪم سپورٽ وارا پئسا آيا ۽ اھي کڻڻ لاءِ اڄ انڪم سپورٽ آفيس ويو ھئس انڪم سپورٽ جي آفيس ۾ ايتري ته ماڻهن جي رش ھئي جو مون ائين ٿي محسوس ڪيو ڄڻ مان انڪم سپورٽ جي آفيس ۾ نه بلڪه ڪنهن سياسي وڏيري جي آجيان ڪرڻ آيو ھجان سڄو ڏينهن عوامي قطار ۾ بيٺو رھيس گرمي ڪري چڪر پئي آيم گهڻي وقت کانپوءِ جڏهن شام ٿي منهنجو به وارو وريو ته ڪرسي تي ويٺل آفيسر کي امان جو ڪارڊ ڏنم ھن الائجي ڇا چيڪ ڪيو ۽ جلدي ۾ ھڪ نظر منهنجي منهن ۾ نھاريندي چيائين اوھان جا پئسا ڪونه آيا آهن اتي وڃي ويھو مان ٻيھر ڏسان ٿو انهيءَ آفيسر مون کي سامهون پيل ڀڳل ڪرسي تي ويھڻ جو اشارو ڪندي چيو. آئون اتي وڃي ويٺس ٿوري دير کانپوءِ مون ڏٺو ته انهيءَ آفيسر پنهنجي آفيس جي ھڪڙي ملازم کي پاڻ ڏانهن سڏائي ڪن ۾ الائجي ڇا چيو، ٿوري ئي دير ۾ اھو ساڳيو ملازم مون ڏانهن آيو ۽ جھيڻي آواز ۾ منهنجي ڪن ۾ اچي چيائين: صاحب کي خرچي ڪرائي ته ڪم جھٽ ۾ ٿي ويندو، مون کي اچرج وٺي وئي مان حيران ۽ پريشان ٿي ويس ۽ من اندر ۾ سوچيم صاحب کي خرچي ڪرائجي، پر منهنجي ضمير مون کي موڪل نه ڏني. اھو ملڪ جنهن کي اسان سچ جا وڏا واڪا ڪري سڏيون ٿا انهيءَ جي سچائي ته منهنجي اڳيان اڄ پڌري ٿي پئي آهي. اھو ملڪ آهي امن جو پيار جو جتي ھڪ غريب ۽ مسڪين جو حق ھضم ڪيو ٿو وڃي. آئون اھو سوچيندي گهر ڏانهن آيس پئي ته منهنجي من ۾ ھڪ خيال آيو ته ھاڻي ھمت ڪبي ڪنهن جي پن جي ٽڪرن تي گذر ناهي ڪرڻو بيمار ماءُ جو علاج مان ھن خيراتي پئسن مان نه بلڪه پنهنجي محنت سان ڪمايل پئسن مان ڪرائيندس. اھا ئي ڳالهه ھئي جنهن سبب مان پريشان ھئس.”

پريم وڏي سچائي سان پنهنجي اندر جي ڳالهه مون سان ڪئي. ھن جي اندر جا نوان جذبا ڏسي مون کي تمام گهڻي خوشي پوءِ آٿت ڏيندي چيم،

“پريم تو ھڪ سٺي ڳالهه ڪئي آهي تو ڀلو فيصلو ڪيو آهي”

اسان اڃان گڏ ھئاسين ته پريم جي فون جي بيل وڳي ڪنهن نئين نمبر تان ڪال ڪري چيو اوھان جا انڪم سپورٽ وارا پئسا آيا آهن آفيس اچي کڻي وڃو. پريم ورندي ڏيندي چيو،

“سائين انهن پئسن جي اسان کان وڌيڪ اوھان کي ضرورت آهي ملڪ جي آفيسرن کي ضرورت آهي” ۽ پوءِ پريم بنا ڪجهه ڪڇڻ جي فون ڪال ڪٽي ڇڏي!

 

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments