خاص

اهي جايون جتي سڀ کان وڌيڪ دنيا جا امير ترين ماڻهو رهن ٿا

آمريڪي شهر نيو يارڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ امير ترين ماڻهو رهندا آهن. برطانوي ڪمپني هينلي اينڊ پارٽنرز جي ڊيٽا موجب هن وقت دولت مند ماڻهو آمريڪا جي شهر نيو يارڪ ۾ رهندا آهن جن جو انگ ٽي لک پنجيتاليهه هزار ڇهه سئو آهي. رپورٽ موجب هي ماڻهو اهي آهن جن وٽ هن وقت گهٽ ۾ گهٽ ڏهه لک ڊالرن کان وڌيڪ دولت جي ملڪيت آهي. جاپان جو شهر ٽوڪيو ان لسٽ ۾ ٻئي نمبر تي آهي جتي ٽي لک چار هزار نو سئو لک پتي ماڻهو رهندا آهن. آمريڪي شهر سين فرانسسڪو ان لسٽ ۾ ٽئي نمبر تي آهي جتي رهندڙ لک پتي ماڻهن جو انگ ٻه لک ڇاهتر هزار چار سئو ماڻهو رهندا آهن. رپورٽ موجب برطانوي شهر لنڊن چوٿين پوزيشن تي آهي جتي هن وقت ٻه لک ٻاهتر هزار چار سئو لک پتي ماڻهو رهن ٿا. سنگاپور پنجين نمبر تي آهي جتي ٻه لک اوڻونجاهه هزار اٺ سئو لک پتي ماڻهو موجود آهن. ان لسٽ ۾ آمريڪي شهرن لاس اينجلس جو نمبر ڇهون، شڪاگو جو ستون ۽ هيوسٽن اٺون نمبر آهي. جڏهن ته چين جو شهر بيجنگ ۽ شنگهائي ان لسٽ ۾ نائين ۽ ڏهين نمبر تي آهن. رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته 2022 جي پهرين ڇهن مهينن ۾ انهن ڏهن ملڪن مان ستن شهرن ۾ رهندڙ ماڻهن ۾ گذريل سالن ۾ گهٽتائي نظر آئي آهي. رڳو نيو يارڪ شهر ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ٻارنهن سيڪڙو جڏهن ته ٽوڪيو ۾ اٺ سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، جن ملڪن ۾ لک پتي ماڻهن ۾ واڌارو نظر اچي پيو انهن ۾ سعودي عرب اندر پهرين نمبر تي رياض، ٻئي تي شارجا ۽ چوٿين تي دبئي آهي. ابو ظهبي ان لسٽ ۾ ڇهين نمبر تي آهي جتي ماڻهن جي ذاتي ملڪيت ۾ واڌارو نظر اچي پيو.