خاص

ايندڙ سال پاڪستان جي (جي ڊي پي) 1.8 سيڪڙو رهڻ جو امڪان: آءِ ايم ايف.

عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) ريجنل اڪنامڪ آئوٽ لُڪ (مستقبل جو علاقائي معاشي منظرنامو) رپورٽ جاري ڪئي آهي جنهن ۾ ايندڙ سال پاڪستان سميت خطي جي مجموعي پيداوار (جي ڊي پي) 1.8 سيڪڙو رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. آءِ ايم ايف مطابق ڪورونا وائرس سبب معاشي غير يقيني صورتحال جو سامهون اچڻ آهي جنهن ڪري پاڪستان سميت خطي جي (جي ڊي پي) 1.8 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 2021 ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو منفي 4.6 سيڪڙو تائين رهڻ جي توقع آهي ۽ مهانگائي جي شرح 9.8 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي. عالمي مالياتي فنڊ مطابق پاڪستان لاڪ ڊائون کي نرم ڪيو آهي، مانيٽري پاليسي جي شرح سود ۾ به ڪمي ڪئي وئي آهي. آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ ٽيڪس وصولين کي معطل ڪيو ويو، جڏهن ته ڪورونا وائرس تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ گئس ۽ بجلي جي بلن جون وصوليون روڪيون ويون آهن.