اينيوئل فيوچر سٽي ڪامپيٽيشن واشنگٽن ڊي سي
07 اپريل 2021 تي واشنگٽن ڊي سي ۾ ٻارن جو 29 هون انجنيئرنگ annual future city competition ٿي گذريو، جنهن ۾ سڄي آمريڪا مان مختلف اسڪولن جي ٻارن حصو ورتو. هن مقابلي جي خاص ڳالهه اها هئي ته هن ۾ جيڪي پروجيڪٽ ٺاهيا ويا اهي سڀ چنڊ تي نئين شهر کي اڏڻ جي لاءِ مختلف تصور کڻي ٺاهيا ويا هئا، جنهن ۾ هيوسٽن ريجن جي الهادي اسڪول جيڪو هڪ اسلامي تعليم ڏيڻ وارو اسڪول آهي ان جي ٻارن پهريون انعام حاصل ڪيو. هن ڳالهه تي غور ڪجي ته آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ اسلامي تعليماتي نظام تحت ٻار تعليم حاصل ڪري رهيا آهن ته اهي سائنس جي تعليم تي به عبور حاصل ڪري رهيا آهن. جڏهن ته اسان جي اسلامي ملڪ پاڪستان ۾ مڪمل طور تي نه اسان سائنس جي ميدان ۾ ڪو ڪارنامون سرانجام ڏيئي رهيا آهيون جنهن تي اسان فخر ڪري سگهون نه ئي اسان پنهنجي نئين جنريشن کي ان قسم جي ڪا تعليم ۽ تربيت ڏيئي رهيا آهيون جنهن سان انهن جي سوچ ۽ سمجهه ۾ اضافو ٿئي ۽ اهي مستقبل جي باري ۾ ايئن سوچي سگهن جيئن هي ٻار سوچي رهيا آهن. آمريڪا جي مختلف اسڪولن جا ٻار چنڊ تي شهر ٺاهڻ جي لاءِ الائي ڪيترا تصور کڻي آيا هوندا ۽ انهن مان ڪيترن جا تصور عملي طور تي اڳتي هلي ڪاميابي حاصل ڪندا. آمريڪا جا ماڻهو ۽ رياست هاڻي دنيا کي ڇڏي چنڊ کي آباد ڪرڻ جي پلاننگ ۾ رڌل آهي. جڏهن ته اسين پنهنجي ملڪ ۾ اڃان تائين پنهنجن ٻارن کي نه صاف پاڻي مهيا ڪري سگهيا آهيون ۽ نه انهن کي سٺي تعليم ۽ تربيت ڏيئي سگهيا آهيون.