اين ڊي ايم اي کي ڪراچي سان گڏ ميرپورخاص کي به پنهنجو ڪرڻو پوندو: بلاول
بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) کي ڪراچي جي ٽن نالن جي ذميواري ڏني وئي آهي، انهن کي ميرپورخاص کي پنهنجو ڪرڻو پوندو. نئون ڪوٽ ۾ ٻوڏ متاثرين کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت کان عوام جو حق کسي وٺنداسين، سپريم ڪورٽ کي درخواست آهي ته سنڌ کي پئسا ڏي ته جيئن اهي پئسا سنڌ جي عوام تي خرچ ٿين. پيپلز پارٽي جي چيئرمين ميرپورخاص ۾ طوفاني برسات ۽ ٻوڏ متاثر ٿيل علائقن جو دورو ڪيو ۽ ٻوڏ متاثرين سان ملاقات ڪئي. نئون ڪوٽ ۾ خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اين ڊي ايم اي کي ڪراچي سان گڏوگڏ ميرپورخاص کي به پنهنجو ڪرڻو پوندو. هن چيو ته جتي نيشنل ڊيزاسٽر اچي ٿو اين ڊي ايم اي کي ڏسڻ گهرجي، هڪ ٻه هفتا گذري چڪا آهن اين ڊي ايم اي نئون ڪوٽ کي ناهي ڏٺو. بلاول چيو ته اسلام آباد وڃي مطالبو ڪنداسين ته توهان جا مسئلا حل ڪيا وڃن. ڪوٽ ميرس ۾ ٻوڏ متاثرين کي خطاب ڪندي بلاول چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت کان اوهان جا حق کسي وٺنداسين. بلاول ڀٽي جو چوڻ هو ته سنڌ جو پئسو سپريم ڪورٽ وٽ پيل آهي، سپريم ڪورٽ کي درخواست آهي ته اهي پئسا ڏنا وڃن ته جيئن ڪراچي کان ٿرپارڪر تائين ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪئي وڃي.