ايپل تيز رفتار نئون آءِ پيڊ پرو متعارف ڪرائي ڇڏيو
آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپني ايپل تيز رفتار نئون آءِ پيڊ پرو متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب ايپل جي متعارف ڪرايل آءِ پيڊ پرو ۾ ايمون چپ به موجود آهي. آءِ پيڊ پرو 11 ۽ 12 انچ جي سائز ۾ موجود آهي. هنن نئين آءِ پيڊ ۾ ايپل پنهنجي نئين آءِ ميگ ۾ استعمال ٿيندڙ پراسيسر ايم 1 کي شامل ڪيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ان جي اسپيڊ ۾ ڊرامائي بهتري نظر ۾ ايندي. هن پراسيسر سبب يو ايس بي 4 پورٽ کان ڊيٽا جي تيز رفتاري سان ٽرانسفر ڪري سگهبو. جڏهن ته ڊسپلي ڪنيڪٽيوٽي بهتر ٿيندي. نئين آءِ پيڊ پرو جو ڊزائين گذريل سال جي ڊيوائس جهڙو آهي ۽ اصل تبديلي اندر ڪئي وئي آهي. هن ڀيري آءِ پيڊ پرو ۾ 5 جي سپورٽ موجود آهي ۽ اهڙي طرح هي آءِ فون 12 جي تيز رفتار انٽرنيٽ اسپيڊ جو مقابلو ڪري سگهندو. ڪمپني موجب نئون آءِ پيڊ 30 اپريل کان پري آرڊر ۾ دستياب هوندو ۽ مئي ۾ صارفين تائين پهچي ويندو.