آمريڪي صدر جي ڪتي “ڪمانڊر” کي وائٽ هائوس مان نيڪالي
آمريڪي صدر جوبائيڊن جي پالتو ڪتي جرمن شيفرڊ “ڪمانڊر” کي خاتون اول جِل بائيڊن جي ترجمان مطابق وائٽ هائوس مان ان ڪري نيڪالي ڏني وئي آهي ته هو مسلسل سيڪرٽ سروس ايجنٽن ۽ وائٽ هائوس جي عملي کي ڏاڙهي رهيو هو، ان ڪري کيس اتان ڌڪي ڪڍيو ويو آهي. تازوئي ڪمانڊر هڪ خفيه سروس ايجنٽ کي ڏاڙهي ڇڏيو هو. خفيه سروس ايجنٽ مٿان اهو يارهون تصديق ٿيل حملو هو، جنهن کانپوءِ ان ايجنٽ کي فوري طبي امداد جي ضرورت پئي. ترجمان وائيٽ هائوس مطابق ان واقعي کانپوءِ ٻن سالن جي جرمن شيفرڊ ڪمانڊر کي وائٽ هائوس مان نامعلوم جاءِ تي اماڻيو ويو آهي.

