تذڪره نويسي جي اهميت ۽ ڊاڪٽر حامد علي خانائي جا تذڪرا
(حصون پهريون)
مطالعي مان جا ڳالهه ظاهر ٿي آهي ته، ڊاڪٽر حامد علي خانائي پنهنجي تحقيق ۾ ڪيترن ئي موضوعن جي چونڊ ڪري سنڌ جي تاريخ ۽ ادب کي وسعت بخشي آهي. ان ۾ سندس ڪابه لالچ نه هئي. خالص سنڌي زبان ۽ ادب سان عشق جو اظهار ڪيو آهي. تحقيق مان اها ڳالهه به آڏو آئي آهي ته ناميارن عالمن جي چوڻ مطابق تذڪره نويسي واري صنف عربي زبان مان ورتي وئي آهي ته ڪن عالمن جو اهو به خيال آهي ته، هي صنف فارسي زبان مان آئي آهي ۽ لغوي اعتبار کان جيڪا هن جي معنيٰ بيهي ٿي سا آهي ياد ڪرڻ خيال اچڻ ۽ يادگار طور مستعمل ٿئي ٿي. ’تذڪره‘ عام طور اهڙو ڪتاب سمجهيو وڃي ٿو، جنهن ۾ شاعرن جي حالات ۽ انهن جي ڪلام جا نمونا پيش ڪيا ويندا آهن، پر ڪڏهن ڪڏهن ’تذڪره نگار‘ دين جي بزرگن، عالمن، فاضلن ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکڻ وارن مشاهيرن جي احوال ۽ آثار تي به تحرير ٿيل آهن.
فن تذڪره نويسي جي تاريخ جي اڀياس مان اها ڳالهه آڏو اچي ٿي ته تذڪره، تاريخ ۽ سوانح عمري جو پاڻ ۾ گهرو تعلق نظر اچي ٿو. تذڪرن جي اڀياس مان هي ڳالهه به ڏٺي وئي آهي ته تاريخ، تذڪره ۽ سوانح عمري کان ڪنهن قدر انفراديت به رکي ٿي، ڇاڪاڻ جو، سوانح عمري ۽ تذڪره نگاري تاريخ جو حصو ٿي سگهي ٿي، پر تاريخ ڪنهن سوانح عمري يا تذڪري جي ذريعي، جيڪو ان جو حق آهي معلوم نٿو ڪري سگهجي، ڇو ته تاريخ ۾ گذريل زماني جي داستان جي هر پهلو ۽ زاويي کان بيان ڪيو ويندو آهي ۽ ان جو تعلق عمرانيات، شخصيات، سياست، معاشيات، علم و فنون ۽ ثقافت ۽ تمدن سان سڌي ريت آهي.
جديد دور ۾ هن فن جي اهميت مڃتا ماڻي چڪي آهي، ڇاڪاڻ جو اسان جڏهن سنڌي تذڪره نويسن جي ڪتابن جو اڀياس ڪيون ٿا، تنهن صنف ۾ انهن مدبرن جي ڪم ۾، اعليٰ ادبي تحقيق ۽ تنقيد وارو لاڙو ملي ٿو. اسان محقق ۽ نقاد جي حيثيت ۾، جڏهن تذڪره نويسي جي اهميت ۽ افاديت کي مدنظر رکي، مختلف پهلوئن سان انهن کي ڏسڻ ۽ جاچڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اسان جڏهن سنڌي تذڪره نگارن جي فن جو جائزو وٺنداسين ته انهن تذڪرن مان هيٺيان نڪتا نروار ٿين ٿا.
1. سنڌي تذڪره نگارن پنهنجي تذڪرن جي وسيلي ڪنهن خاص دور جي حالتن، وڏن اميرن ۽ اڪابرن، اعليٰ حڪومتي عهديدارن جي باري ۾ معلومات ڏني آهي. جيئن ڊاڪٽر حامد علي خانائي جي تذڪره ’تذڪره ڪوٽائي سادات روهڙي‘ ۾ نواب سيد يعقوب علي خان رضوي جو ذڪر ملي ٿو.
2. سنڌي تذڪره نگارن هن فن جي ذريعي مختلف شاعرن جي احوال ۽ آثار، حالات ۽ ڪوائف، فڪر ۽ خيالن جي بابت جملي معلومات هن صنف ۾ آندي آهي. ڊاڪٽر حامد علي خانائي جي تذڪرن ۾ اها معلومات حاصل ٿي آهي.
3. جيئن ته، ڊاڪٽر حامد علي خانائي ’تذڪره ڪوٽائي سادات روهڙي‘ ۽ ’تذڪره پوراني سادات سکر‘ ۾ ٻنهي شهرن جي سياسي، سماجي ۽ ثقافتي حالتن کان آگاھ ڪيو آهي جو ڪن خاص شخصيتن جي زندگي جي دور ۾ انهن شهرن متعلق اهم دستاويز آهي.
4. ڊاڪٽر حامد علي خانائي جي تذڪرن مان ڪن اوليائن ڪرامن، اڳ ۾ لکيل ڪتابن جي غلطين، زرعي سڌارن، جاگيرن ۽ آمدني، يادگار ۽ آثارن، ڪوٽن، قلعن ۽ باغن ۽ قبرستانن، ماڻهن قومن، قبيلن ۽ ڪيترين هستين جي حالات زندگين جي بابت پڙهي نئين معلومات حاصل ٿئي ٿي.
5. ڊاڪٽر حامد علي خانائي جي تذڪره نگاري جي جائزي مان اها به معلومات ملي ٿي ته، هن پنهنجن ٽنهي تذڪرن ۾ سنڌي زبان جي ناميارن شاعرن جي ڪلام جي انتهائي معياري چونڊ ڪري پنهنجن تذڪرن ۾ شامل ڪيا آهن. انهن شاعرن جي ڪلام کي پڙهي ٻين کي تذڪرن جي اڀياس ڪرڻ جو شوق پيدا ٿئي ٿو ۽ شعر ڳولڻ جو جذبو اڀري ٿو.
6. ڊاڪٽر حامد علي خانائي جي تذڪرن ۾ تحقيقي ۽ تنقيدي پهلو به نظر اچي ٿو، انهيءَ پيش ڪيل ڳالهين ۾، محقق ۽ نقاد دلچسپي وٺن ٿا.
7. جيئن ته، ٻين ماهرن جي ڪمن جي اڀياس مان هي به معلوم ٿئي ٿو، ته تذڪرن جا ٻه قسم آهن. تذڪره عام ۽ تذڪره خاص ٻنهي جي اهميت محقق ۽ نقاد لاءِ تمام گهڻي هوندي آهي.
8. ڊاڪٽر حامد علي خانائي جو هڪ تذڪرو ’تذڪره ڪوٽائي سادات روهڙي‘ جي خاص اهميت معلوم ٿي رهي آهي، ڇاڪاڻ جو هن تذڪري ۾ سنڌ جي تاريخ جي وڃايل ڪڙين جو ذڪر ڪيو ويو آهي ۽ ان سان گڏ، هندستان جي هاڪارن مغل بادشاهن، جهڙوڪ: شاهجهان ۽ اورنگزيب جي دور جي وڏن اميرن، اڪابرن ۽ اعليٰ سياسي شخصيتن جي مختصر ذڪر سان هڪ اهم شخصيت نواب مير يعقوب علي خان جي دور جي مدبرن، واقعن ۽ تاريخي ڳالهين ۽ شاعرن جي احوال کي نمايان ڪري پيش ڪيو ويو آهي.
9. ڊاڪٽر حامد علي خانائي ’تذڪره پُوراني سادات سکر‘ ۽ ’تذڪره شعراءِ روهڙي‘ ۾ ماضي ۽ حال جي اهم شاعرن ۽ انهن جي خاندانن، مشاهيرن جون ديني ۽ دنيوي رهنمائن جي زندگي جي حالتن ۽ واقعن جو احاطو ڪري انهن کي نمايان ڪري پيش ڪيو ويو آهي.
10. ڊاڪٽر حامد علي خانائي، ٽنهي تذڪرن جي ذريعي مختلف دورن جي سياسي حالتن ۽ واقعن جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن ۾ هُو اسان کي هڪ محقق ۽ نقاد طور نظر اچي ٿو، جنهن مان نئين ٽهيءَ جا محقق فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا.
11. ’تذڪره ڪوٽائي سادات روهڙي‘،’تذڪره پُوراني سادات سکر‘ ۽ ’تذڪره شعراءِ روهڙي‘ ڊاڪٽر حامد علي ’خانائي‘ جي شوقيه محنت ۽ جذبو آهي، جنهن ۾ محقق سنڌ جي قديم مردم خيز شهرن، سکر ۽ روهڙي، جي تاريخ ساز شخصيتن ۽ شاعرن جي سوانح ۽ چونڊ ڪلام مان ڪي مثال پيش ڪري نئين ٽهيءَ ۾ تحقيق پيدا ڪرڻ جو جوش جاڳايو آهي.
هت هيٺ قريشي حامد علي خانائي جي تذڪره نويسيءَ جا تحقيقي معيار ۽ تنقيدي اصول پيش ڪري رهيا آهيون:
پروفيسر گل محمد گلاڻي ۽ داڪٽر حامد علي خانائي جي ڪم جو تقابلي جائزو اسان کي ڊاڪٽر حامد علي خانائي جي ادبي تحقيق مان معلوم ٿيو آهي، ته سندس تحقيقي ڪمن ۾’تاريخ نصرپو‘،’ساهتي خطي‘، ’سکر‘ ۽ ’روهڙي‘ جي تاريخ ۽ ادب سان سان تمام گهڻي دلچسپي رهي آهي. هونئن، ته سندس موضوعن جو مرڪز سنڌ، سنڌ جي تاريخ، سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي رهيو آهي، پر مذڪوره شهرن ۽ خطي جي ادب ۽ تاريخ سان والهانه درجي جو عشق ڪيو اٿس. سنڌ جي قديم تاريخي ثقافتي، مذهبي ۽ ادبي شهر روهڙي بابت راقم الحروف کي سندس چار ڪتاب مطالعي هيٺ گذريا آهن، جنهن مان ٻه ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن ۽ ٻه ڪتاب اڻ ڇپيل حالت ۾، بشير احمد هيسباڻي وٽ محفوظ آهن، جيڪي ڪتاب ڊاڪٽر خانائي، تحقيق ۽ ترتيب، تصنيف ۽ ترجمو ڪيا آهن تن ۾:
1. تذڪره ڪوٽائي سادات روهڙي 1998ع (ڇپيل)، 2. وِکريل وَٿُون (تحقيق ۽ ترتيب) 2011ع (ڇپيل)، 3. موئي مبارڪ: (تحقيق ۽ ترجمو) (اڻ ڇپيل)، 4. تذڪره شعراءِ روهڙي (تحقيق) (اڻڇپيل).
اسان ڊاڪٽر حامد علي خانائي جي ٻن تذڪرن ’تذڪره ڪوٽائي سادات روهڙي‘ ۽ ’تذڪره شعراءِ روهڙي‘جو اڀياس ڪريون ٿا ته، اسان کي ذڪرڪيل ٻنهي تذڪرن مان جا ڳالهه نظر اچي ٿي، ته سندس تحقيق جي دلچسپين ۾ تذڪره نگاري واري فن تي به تمام گهڻي کان گهڻو ڌيان ڌريو آهي. اڳ ۾ جن به عالمن تذڪرا لکيا آهن تن جو تمام گهرائي سان مطالعو ڪري ان جي موٽ ۾ پنهنجو تحقيقي ڪم پيش ڪيو آهي، اڳ ٿيل ڪم کي آڏو رکي ان کان پوءِ، ڊاڪٽر حامد علي خانائي پنهنجي طرفان نئين تحقيق پيش ڪري تذڪرن ۾ وڏو اضافو آندو آهي، اُن جو هڪ مثال پيش ڪريون ٿا. جيئن اسان مٿي ٻڌائي آيا آهيون ته، ڊاڪٽر حامد علي خانائي روهڙي شهر بابت ٻه تذڪرا لکيا آهن، ٻنهي تذڪرن کان اڳ ۾، پروفيسر گل محمد گلاڻي جو هڪ تذڪرو ’تذڪره شعراء روهڙي‘ به ملي ٿو، جنهن ۾ پروفيسر صاحب ڇويهن شاعرن جو تذڪرو بيان ڪيو آهي. 1. قادر بخش ’بيدل‘ 2. همت علي شاھ 3. فقير محمد محسن ’بيڪس‘ 4. فقير ايسرداس 5. نواب شاھ ’سڪايل‘ 6. مير جان الله ثالث 7. سيد اميد علي شاھ 8. علي اڪبر شاھ ثاني 9. ساقي 10. قاضي فقير محمد ’قانع‘ 11. قاضي غلام علي 12. مراد علي ’ڪاظم‘ 13. لکڻ شاھ 14. روچلداس 15. قاضي علي اڪبر درازي 16. قاضي عبدالغني ’غني‘ 17. محمد حسين ’عاصم‘ 18. پروفيسر عبدالعلي قلباڻي 19. مائي بيگم فقيرياڻي 20. ’درگاهي‘ ميراڻي 21. ’جاويد‘ بلوچ 22. شمس ’صابر‘ 23. آخوند عبدالعزيز ’عبد‘ 24. مشتاق محبوب 25. دولت ’پريمي‘ 26. اختر درگاهي اچي وڃن ٿا. هي سمورو تذڪرو چوهٺ صفحن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، جولاءِ 1978ع ۾، همدرد پريس ڀٽا روڊ سکر مان شايع ڪيو ويو، ۽ ڪتاب جي قيمت ٽي رپيا رکي وئي، جڏهن ته، مذڪوره تذڪري جو اڀياس ڪجي ٿو، ته هن تذڪري ۾، ڪجهه شاعرن جي ڪلام جي نموني سان گڏ سوانح به ڏني وئي آهي. اسان هتي سندس تذڪري مان هڪ مثال پيش ڪريون ٿا هڪ شاعر جي سوانح ۽ احوال ۾ لکي ٿو ته: ”فقير ايسرداس پرمانند اصل ۾ رانوتيءَ ۾ 1835ع ۾ ڄائو. ويهن، ٻاويهن سالن جي عمر ۾ درازن جي درگاھ تي آيو. فقير نظر محمد جي فيض سان مالا مال ٿي سير و سفر تي نڪتو ۽ گرنار ۾ تيرٿ ڀيٽي وري درازن جي درگاھ تي آيو، جتي ان وقت سخي قبول محمد شاھ (ثاني) جا گادي نشين هئا. سندس حڪم مطابق روهڙيءَ ۾ اچي درياھ جي ڀر ۾ پپر جي وڻ هيٺ ويٺا. 14 مارچ 1890ع ۾ سندن مرتيو ٿيو.“(گلاڻي: 1978ع: ص، 29)
فقير ايسرداس جي هڪ سرائڪي ۽ سنڌي جي هڪ گاڏڙ ڪافيءَ جو نمونو، ۽ هڪ سنڌي اشلوڪ ڏنو ويو آهي:
جيئن ته، پروفيسر گل محمد گلاڻي اڳ ۾ پيش ڪيل تحقيق ۾ ڪوبه اضافو نه آندو آهي، ان جو هڪ مثال ڏجي ٿو. ساقي شاعر جي خبر نه ٿي پوي، هُو ڪير هو ڪڏهن ڄائو، سندس اصل نالو ڇا آهي؟ ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي ’تذڪره شعراء سکر‘ ۾ اهو ساڳيو ذڪر ڪيو ويو آهي، جيڪو پروفيسر گل محمد گلاڻي ڪيو آهي. جيئن ته، ٽنهي تذڪره نگارن جو تعلق ڪاليج ايجوڪيشن ۾ استاد جهڙي عظيم پيشي سان هو، ان ڪري هر ڪنهن وٽ مواد جي معلومات ڏيڻ ۾ ڪنهن قدر انفراديت به، نظر اچي ٿي، پر ڪن ڳالهين ۾ هڪٻئي جي تقليد به ڪئي وئي آهي، جيڪا ڳالهه تحقيق ۾ ڪبت پئي لڳي. گلاڻي مرحوم ائين نه ڪيو آهي، جيئن ايسرداس ۽ روچلداس جو تذڪرو، ڊاڪٽر حامد علي خانائي به بيان ڪيو آهي ۽ پروفيسر گل محمد گلاڻي به ڪيو آهي ۽ ان بابت گلاڻي مرحوم روچلداس بابت لکي ٿو، ته: ”روچلداس 6 جنوري 1880ع ڌاري روهڙيءَ ۾ ڄائو. ڊاڪٽريءَ جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ پهريان سرڪاري ملازمت ڪيائين، پر پوءِ روهڙيءَ ۾ پنهنجي اسپتال کولي مريضن جي خدمت ڪرڻ لڳو. ورهاڱي کان پوءِ ڪلياڻ ۾ وڃي رهيو ۽ اتي به بيمارن جي خدمت ڪرڻ لڳو ۽ اتي ئي 1 ڊسمبر 1957ع تي چالاڻو ڪيائون. صوفي منش هئا، سندس ڪلام ۾ بيت ۽ ڪافيون آهن، جن تي ويدانت جو رنگ غالب آهي.“(گلاڻي: 1978ع: ص، 44)
اسان جڏهن پروفيسر گل محمد گلاڻي مرحوم ۽ ڊاڪٽر حامد علي خانائي مرحوم جي تذڪرن جو اڀياس ڪريون ٿا ته، ڊاڪٽر حامد علي خانائي ’تذڪره ڪوٽائي سادات روهڙي‘ ۾ هڪ شاعر سيد همت علي شاھ جو ذڪر ڪيو آهي، ۽ ساڳئي شخصيت جو ذڪر، پروفيسر گلاڻي ’تذڪره شعراء روهڙي‘۾ به، ڪيو آهي، فرق اهو آهي، جو ٻنهي محققن جي تذڪرن ۾ ڌار ڌار نموني، سيد همت علي شاھ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. اهو به ٻڌائيندو هلان ته، پروفيسر گل محمد گلاڻي جو تذڪرو 1978ع ۾ لکيو ويو ۽ شايع ٿيو ۽ ڊاڪٽر حامد علي جو تذڪرو 1998ع يعني ويهن سالن کان پوءِ شايع ٿيو آهي. پروفيسر گل محمد گلاڻي لکي ٿو ته: ”سيد همت علي شاھ روهڙيءَ جي رضوي ساداتن مان هو ۽ ڪوٽ مير يعقوب علي شاھ ۾ رهندو هو. هي ڪوٽ روهڙي ريلوي اسٽيشن جي پاسي ۾ آهي ۽ هنن سيدن کي عام طور ’ڪوٽائي سيد‘ چئبو آهي. شاھ صاحب پنهنجي دور جو وڏو شاعر هو. سندن ڪلام سوز و گداز سان ڀريل آهي. سندن ڪلام ۾ بيت، ٽيھ اکريون، لوليون، گهڙولا (گهڙوليون) ۽ مناجاتون شامل آهن. سندن وفات تيرهن صدي هجريءَ جي آخر ۾ ٿي.“ (گلاڻي: 1978ع: ص، 23)
پروفيسر گلاڻي سيد همت علي شاھ جي والد جو نالو به نه لکيو آهي، پر همت علي شاھ جي ڪلام مان مجازي ٻه شعر رامڪلي، لولي ۽ مناجات مان شعر ڏنا آهن. ڊاڪٽر حامد علي خانائي ’تذڪره ڪوٽائي سادات روهڙي‘ ۾، سيد همت علي شاھ بابت هڪ تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي، ان سان گڏ ان جي ڪلام ۽ سوانح ۽ حالات بابت جامع نموني احوال قلمبند ڪيو آهي، جنهن سان سندس شخصيت ۽ ڪلام نروار ٿي آڏو اچي ٿو. سيد همت علي شاھ جي جنم کان ويندي سندس فارسي، اردو، هندي، سنڌي ۽ سرائڪي ڪلام بابت به معلومات ڏني وئي آهي.
ڊاڪٽر حامد علي خانائي لکي ٿو، ته: ”سيد همت علي شاھ نه صرف هڪ ذاڪر جي حيثيت ۾، سنڌي زبان ۾ مجلسون پڙهندو هو، پر ڪيترين ئي مجلسن کي سنڌي نثر ۾ تحرير پڻ ڪيو هئائين. سندس اهو اڪثر علمي ۽ ادبي سرمايو، ٻئي قلمي ذخيري سميت تلف ٿي ويا. اسان شاھ صاحب جون تصنيف ڪيل چند مجلسون جيڪي سن 1880ع کان 1885ع واري عرصي دوران لکيون ويون هيون، هٿ ڪيون آهن. اهو علمي ذخيرو، سندس پوين مان سيد دولت علي شاھ وٽ قلمي صورت ۾ محفوظ آهي.“ (قريشي: 1998ع: ص، 103)
هلندڙ….
***