سياست ۽ ادب جا بند دروازا
رياست، حڪومت، انتظاميا، سياسي پارٽيون، سول سوسائٽي ادارا نيڪي جي ڪم جا سمورا دروازا بند ڪيو ويٺا آهن، برائيءَ، بد انتظامي، خودغرضي، حرص، ذخيره اندوزي، قبضي لاءِ دروازا کليل ڇڏي ڏنا آهن. انصاف جي نالي تي کليل عدالتن انصاف جي اميد کي ختم ڪري ڇڏيو آهي.
پرنٽ، اليڪٽرانڪ ميڊيا کانپوءِ سوشل ميڊيا تي به چند غالب مافيائن جي هڪ ھٽي قائم ٿي چڪي آهي، اڪثر حقيقتون ۽ ڪردار پسمنظر ۾ رهجي ويا آهن، مثالي ڪردار ۽ اصل حقيقتون همعصر دور ۾ اڀري نه پيون سگهن يا انهن کي جڳھ نه پئي ملي سگهي، ڇاڪاڻ ته درست طريقي يا اصولي طور جڳھ والارڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچن ٿيون. زماني ساز ۽ موقعي پرست باآساني سامھون اچي وڃن ٿا. جيڪي وقتي طور نمايان نظر اچن ٿا، پر تاريخ ۾ گم ٿي وڃن ٿا. تاريخ ۾ رڳو اصل ڪردار ۽ حقيقتون قائم رهي سگهن ٿيون.
ڪو به اڳواڻ، سياسي پارٽي، سول سوسائٽي، گروھ سماجي تنظيم ناهي جيڪا سنڌ جي شهرن کي انتظامي نااهلي کان بچائڻ لاءِ اڳتي اچي ڪردار ادا ڪري.
تمام مثالي ڪردار گمنامي ۽ پسمنظر ۾ رهجي ويا آهن.
سنڌ جي مها ڏاهن ۽ اڳواڻن کان اڌ صديءَ جي بي مقصد سياست ۽ دانشوري جو پڇاڻو ٿيڻ گهرجي.
سياست ۽ دانشوري کي رڳو مظلومن تي نه ڀاڙڻ گهرجي، ان کان اڳتي اصلاحات ۽ پاليسي جي ايجنڊا تي ڪم ڪرڻ کپي. سنڌ جي دانشمند قيادت ۽ سياسي قيادت گذريل 40 سالن کان ساڳيو رينگٽ جاري رکيو پئي اچي، رڳو مظلوم پئي ڳولي. وک وک تي، گهر گهر، گهٽي گهٽي اڳواڻ جي روايت کي ٻنجو ڏيڻو پوندو ۽ مظلوم جو راڳ به بند ڪرڻو پوندو.
سنڌ ۾ نظام کي چئلينج ڪندڙ سياست اڃان تائين شروع ناهي ٿي، رڳو حصيداري ۽ پنهنجي سياست چمڪائڻ لاءِ گهڻا اٿي پيا آهن جيڪي رڳو مظلوم جو راڳ پيا ڳائين اصل انقلابي سياست جو ڪو نالو نشان ناهي. جنهن سياست، ادب، دانشوري جي ڪفالت مخصوص ادارا ڪندا هجن، اها سياست، ادب ۽ دانشوري انقلابي يا ترقي پسند نه ٿي سگهندي.
افسوس هر پروگرام ۾ ساڳيا چهرا ڏسي هاڻي ته ڪرسيون به شرمسار آهن. هو هر محفل جا مور بڻجي سمجهن ٿا، ڄڻ هنن همعصر دور کي فتح ڪري تاريخ ۾ جڳھ والاري ورتي آهي، پر هنن کي ياد رکڻ کپي ته شاھ لطيف پنهنجي دور ۾ پسمنظر ۾ رهيو هو.
دانشمندي کي ويجھڙائي ۾ ڪھڙا چئلينج موجود رھيا آهن؟ منهنجي خيال ۾ جمھوريت ۽ آمريت جي ناڪامي! ۽ انهن جو متبادل جو پيدا نه ٿيڻ، ڪرپٽ حڪمرانن کي ووٽ ڏيڻ وارو عوام، انهن جو باڊي گارڊ به عوام، انهن جو ذاتي خدمتگذار به عوام، ڪرپٽ آفيسر به عوام منجهان، سڄي نظام جو اصل پرزو عوام، ججن کي سيڪيورٽي ڏيندڙ به عام سپاهي، ملڪ جون سرحدون سنڀالڻ وارو به عام ماڻهو، عوام تي لٺيون وسائيندڙ به عام سپاهي هوندو آهي، ساڳي وقت سڄي حڪومت خلاف دانهون ڪرڻ وارو به عوام آهي پوءِ انصاف ڪٿان ملندو.
دانشورن جي ھمعصر تاريخ:
دانشور سماج جو اھو باشعور ۽ اھل راءِ فرد آهي جيڪو زماني شناس ۽ زماني تي اثرانداز ٿيڻ جي سگھ رکندڙ ھوندو آهي وقت جا حاڪم ان جي حمايت جا تمنائي ۽ مخالفت کان پريشان رھندا آيا آهن، موجوده دور ۾ جمھوريت ۾ به سندس ڪجھ حد تائين اھميت رهي آهي.
ميڊيا جي دور ۾ صحافي دانشور سڀني کان گهڻو نمايان ٿي اڀريو آهي ۽ حڪومت سان گهڻي ويجھڙائي به انهن جي رهي ٿي، ان کي سرڪاري موقف جي حمايت لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو، ساڳي وقت مخالفت به ان جي ھٿان وڌيڪ ٿئي، ان کان علاوه ادبي دانشور ٿين ٿا، جيڪي ٻولي ۽ ثقافت جي حوالي سان مھارت رکن ٿا، جيڪي پڻ حڪومت جي ڪاروھنوار تي اثرانداز ٿيندا آهن.
ٻولي ۽ ثقافت کاتي طرفان انهن جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون آهن، جيئن ھن وقت سنڌ ثقافت کاتو چند اديب دانشورن جون خدمتون حاصل ڪري رھيو آهي، جن ۾ مدد علي سنڌي، اسحاق سميجو، نواز علي شوق، امر فياض ٻرڙو، مظهر علي ڏوٽيو قابل ذڪر آهن، انهن جي برعڪس ڪجھ اھڙا اديب دانشور جيڪي حڪومت جي پاليسي جي مخالفت ڪندا رھيا آهن، جن ۾ قيصر بنگالي، پرويز ھودٻائي، انعام شيخ، جامي چانديو، گل حسن ڪلمتي، علي احمد رند شامل آهن.
سيئي سورطبيب، جنين سور سڃ ڪئي
(شاھ)
سياستدان ۽ آفيسرن کي اندازو ناهي ته هنن جي بدعنواني ۽ اقرباپروري سبب عوام ايڏو تڪليف ۽ مشڪلاتن سان منهن پيو ڏيئي، مهنگائي جو مک ڪارڻ هنن جي ڪرپشن آھي، دعوائون ڏيون سنڌ هاءِ ڪورٽ کي جنهن هنن کي نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيو آهي، حددخلين جو ڪيس، ڊي سيز کان سوشل فنڊ جي پڇاڻي جو ڪيس ۽ ٻيلي کاتي جي زمين جو ڪيس هنن لاءِ وڏو سبق ٿي سگهي ٿو.
سول سوسائٽي، دانشور ۽ ميڊيا اهڙي جمهوريت جي حمايت ڇو ٿا ڪن، اهڙي نظام جو حصو ڇو ٿا بڻجن؟ جنهن ۾ هنن لاءِ ڪا به جاءِ ناهي، جنهن اليڪشن ۾ ڪو به دانشور ڪامياب نه ٿو ٿي سگهي..! جنهن انتخابات ۾ 70 في صد اڻ پڙهيل ۽ غلام ووٽر هجن، هي اهڙي گيم جو حصو ڇو ٿا بڻجن..! هي دانشور بالغ راءِ دهي جي مخالفت ڇو نٿا ڪن؟
ڇا هي ڄاڻي واڻي هن خراب نظام کي جاري رکڻ چاهين ٿا؟
هي مهذب ماڻهو آخر صحيح ۽ غلط جو فرق ڇو نه ٿا رکن؟
هي رڳو همدردي ۽ جذبات ۾ ڇو ٿا وهي وڃن؟ دانشور ۽ سياستدان جو فرق ڇو ختم ٿي ويو آهي؟ دانشور سياست ۾ دانشوري وارو ڪم ڇو نه ٿا ڪن؟
جرنلسٽ، رائيٽرس ڪائونسل کي تجويز
ظلم، ناانصافي خلاف هي احتجاج جي روايت ڪافي پراڻي ٿي چڪي آهي، پر ظالم ڀوتارن، سنڌ حڪومت کي ڪجھ به ناهي ٿيو، اڳي کان وڌيڪ طاقتور ۽ ڪرپٽ ٿي پئي آهي، غلام بالغ ووٽ هنن جي کيسي ۾ پيو آهي، هي بيگناھ سچ ڳالهائڻ وارن صحافين، پروفيسر جو قتل ڪنهن به قبائلي دشمني نه، پر هنن جي سسٽم جي مخالفت تي هنن جي ھش يا پٺي ٺپڻ تي هنن جا غلام بالغ ووٽر ڪن ٿا، جن کي ڀوتارن طرفان تحفظ جي خاطري ڪرائي وڃي ٿي، جنهن جي ڪري هي واقعا بار بار پيش اچن ٿا، ڪا به قانوني پڪڙ نه رهي آهي، سنڌي سماج ۾ عام ماڻهن کي ڏوهاري طور استعمال ڪرڻ جي هڪ ذهنيت رکندڙ هي طبقو آهي جيڪو حڪومت ۾ شامل هجڻ، عوامي حمايت هجڻ ڪري قانون کان مٿانهون ٿي پيو آهي، عدالتون ۽ پوليس هنن جي هٿ وس ٿي پيا آهن، هن لاءِ قانوني ۽ ڪرپٽ نظام مان نجات لاءِ ڪو به سياسي جدوجهد جو رستو نه بچيو آهي.
آئيني طور هنن پاڻ کي مڪمل محفوظ بڻائي ڇڏيو آهي، اسيمبلي ۾ هنن کانسواءِ ڪو به فرد اچي نه ٿو سگهي، آئين ۾ ڪابه ترميم هنن جي مرضي کانسواءِ نه ٿي اچي سگھي، آئيني تبديلي جو رستو به هنن بند ڪري ڇڏيو آهي، ٽين ڌر جي مداخلت کي به هنن اقتدار ۾ حصيداري سان روڪي ڇڏيو آهي، سواءِ سول سوسائٽي جي بغاوت جي، جنھن ۾ بالغ ووٽ جو انڪار ڪرڻ کانسواءِ ڪو چارو ناهي. بالغ ووٽ جي انڪار سان هنن جي حڪومت مان نجات ممڪن ٿي سگهي ٿي. بالغ ووٽ تي تعليم ۽ عمر جي شرط سان محدود ڪري سگهجي ٿو، جنهن سان چونڊ نظام ۽ ووٽنگ Behavior تبديل ٿي سگهي ٿو، جنھن سان تبديلي ممڪن آهي، ان موضوع تي دانشورن کي هڪ ميز تي ويهي مڪالمو ڪرڻ گهرجي.
سنڌ ۾ غير پارلياماني سياسي پارٽين ۽ سول سوسائٽي جي فورمن جي تنظيمي تقريبن جي ڪفالت جو ذريعو ڳجهو هجڻ يا واضح نه هجڻ سبب سندن ايجنڊا تي ڪافي سوال پيدا ٿين ٿا. عملي طور اهو نظر اچي ٿو ته اڪثر سياسي ۽ سول سوسائٽي جي قيادت پنهنجي ايجنڊا کي واضح نه ڪري سگهي آهي. ٻيو انهن جي 40 سالن جي ناڪام جدوجهد به ان حوالي سان شڪ پيدا ڪري ٿي. ان جي مقابلي ۾ فردن جي جدوجهد يا ايجنڊا ڪافي واضح ۽ آزاد نظر اچي ٿي جنهن جو چٽو مثال قيصر بنگالي جو نقطه نظر کي ڪافي مڃتا ماڻي ورتي آهي.
ساڳي وقت سنڌ ۾ قومپرست سياست جي ناڪامي لاءِ پڻ ائين محسوس ٿئي ٿو ته سندن ڪفالت ڪندڙ ڳجھيون قوتون سندن ايجنڊا تي گهڻو اثر انداز بڻيل آهن، جنهن جي ڪري هو ڪو مثالي ڪردار ادا ڪري نه سگهي آهي.
ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته سنڌ جي سياست ۽ دانشمند قيادت ڪفالت ڪندڙ قوتن هٿان مجبور بڻيل آهي. جنهن جي ڪري هو ڪو به تبديلي وارو يا مثالي ڪردار ادا ڪري نه سگهي آهي. سندن جدوجهد رڳو رسمي مخالفت تائين محدود آهي. ان جو ٻيو مثال سنڌ ۾ سياسي ۽ سول سوسائٽي جي جدوجهد يا پليٽ فارم تي اڪثر ساڳيون شخصيتون گردش ڪري رهيون آهن، ڪنهن به نئين قيادت کي اڀرڻ نه ٿو ڏنو وڃي.
تازو جرنلسٽ ۽ رائيٽرس ڪائونسل جي احتجاج ۾ پڻ قومپرست سياسي قيادت شامل نظر آئي، جڏهن ته هي احتجاج صحافين جي تنظيم طرفان هو. نتيجي ۾ ميڊيا رڳو انهن سياسي اڳواڻن کان انٽرويو وٺڻ ۾ پوري هئي، صحافي قيادت ڏسندي رهجي وئي. سول سوسائٽي جي قيادت کي بلڪل الڳ سامهون اچڻ کپي، خاص طور تي سياسي ايجنڊا جي حوالي سان هڪ نعرو يا گس ٺاهڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
***

