بلاگ

سنڌ ڌرتي جو ڀٽڪيل روح علي بابا…!!!

سنڌ ڌرتي تي سنڌو دريا جي ڪناري سان ٻه جاڙا شهر صدين کان آباد آهن. حيدرآباد سنڌو دريا جي اوڀر ڪناري تي ۽ ڪوٽڙي اولهه ڪناري تي وچان پُل ٻنهين شهرن کي هڪ ٻئي سان ملائي ٿي.

ويجهي ماضي ۾ ڪوٽڙي شهر ۾ رند بلوچ ذات جو هڪ قبيلو جنهن جي هڪ ئي خاندان جا چار فرد وڏي رتبي جا مالڪ بڻيا آهن. هنن پنهنجي خداداد صلاحيتن سان سنڌ جي تاريخ ۾ اهم جاءِ والاري لازوال، بي مثل تاريخي ڪردارن جي صف ۾ پنهنجا نالا ڳڻايا آهن.

برِصغير جي فلمي دنيا ۾ فلمي نالي وارو ”ساقي“ ڪنهن به تعارف جو مهتاج نه آهي. هن پنهنجي اداڪاري جي جوهر سان فلمي دنيا ۾ اوچو مقام حاصل ڪيو آهي. ڪيترين زبانن بشمول انگريزي ۾ به اڪيچار فلمن ۾ اداڪاري ڪري هن فلمي دنيا کي پاڻ ڏانهن متوجه ڪيو آهي. سندس اصل نالو عبدالطيف آهي پاڻ ڪوٽڙي جا رهواسي رند بلوچ قبيلي سان تعلق رکن ٿا.

عبدالله خان بلوچ ڪمشنر گريڊ جو ڪامورو، پر هن جي اها خاصيت هئي ته هن بدترين رشوتي ماحول ۾ رهي به پنهنجي سروس جو سڄو دور ايماندار آفيسر ٿي گذاريو. هن جي خلوص نيت، سچائي، ايمانداري، انسان دوستي، محب وطني جا لکين مثال اڄ به موجود آهن. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ به صفا سادي گهر ۾ رهندو هو. پاڻي جي ڪنواٽي پنهنجي ڪلهن تي کڻي پنهنجي گهر ۾ استعمال لاءِ پاڻي جو پورائو ڪندو هو.

عبدالڪريم بلوچ هن جي شروع ۾ ريڊيو سان وابستگي هئي. انهي بعد جڏهين ٽيليويزن جو دور چالو ٿيو ته هو ٽي وي سان منسلڪ رهيو. انهن ٻنهين دورن ۾ هن جيڪا سنڌ جي ثقافت جي خدمت ڪئي. انهي جا شاهد ٻنهين ادارن سان وابسته هزارون افراد آهن. سنڌي سنگيت جي صداحيات آواز جي مالڪ ماسٽر محمد ابراهيم جو قول آهي ته ”ريڊيو ۽ ٽي وي تي عبدالڪريم بلوچ سنڌي ثقافت جو ڇپر ڇانوءَ هو. هن انهن ادارن سان وابسته هزار ماڻهن جي بي انتها خدمت ڪئي“

انهي رند بلوچ خاندان جو ڇوٿون پايو علي بابا هڪڙي منفرد شخصيت جو مالڪ هو. هن جي ذاتي زندگي لکن نه، پر ڪروڙن ماڻهن ۾ صفا الڳ ٿلڳ، نمايان، مجذوبيت سان ڀرپور لابالي ڪيفيت ۽ البيلائي واري هئي. هن جي شرير ۾ سنڌ ڌرتي جو ڀٽڪيل روح سمائجي ويو هو. هو آغا سليم جي لکيل مشهور ناول ”هم-اوست“ جو تمثيل هو. هن زندگي جي اهڙي ڪٺن راهه اختيار ڪرڻ کان پوءِ به هو قلم جو ڌڻي صفا ارڏو ليکاري هو… نثر يا نظم ۾ هو لفظن جو جادوگر هو. علي بابا لفظن ۾ ساهه وجهي، هو انهن لفظن کان پنهنجي منشا مرضي مطابق ڪم وٺندو هو. لفظ هن جا غلام هئا يا کڻي ائين به چئجي ته لفظ هن جا چيلا هئا. هو انهن جو گُرو هو. هن وٽ ”واچا“ هئي جنهن سان هو لفظ منڊي ڇڏيندو هو. بوقت ضرورت هو انهن کان ڪم وٺندو هو.

هڪڙو عجيب اتفاق آهي. آئون ۽ علي بابا هم عمر آهيون. ائين به چئي سگهجي ٿو ته هڪ ٻئي جا ”سن“ آهيون. وري هڪڙي سڳي ۾ ٻڌل به آهيون. اهو وري اڳتي ذڪر ٿيندو 1940 منهنجو ۽ علي بابا جو ڄمڻ جو سال آهي. علي بابا جو مائٽن ٻانگ ڏيئي نالو علي محمد رکيو هو سندس والد جو نالو محمد رمضان رند بلوچ. سندس والد ريلوي کاتي ۾ ملازم هو. علي محمد سنڌي به پڙهيو ڪجهه انگريزي به پڙهيو. ڪتابي علم جنهن جو ڇيڙو ڊگري تي ٿئي ٿو. هن جو توجهه ڊگري واري علم ڏانهن گهٽ هو. جنهن سبب ڪاغذي ڊگري هن وٽ نه هئي. پر ڪڙو سچ اهو آهي ته علي جو شمار پنهنجي دور ۾ يا ايندڙ دور ۾ به ڊگرين وارن ماڻهن کان علمي حوالي سان صفا مٿانهون آهي ۽ رهندو.

هن سٺ واري ڏهاڪي ۾ لکڻ شروع ڪيو. جنهن دور ۾ ٽماهي مهراڻ رسالي جو عروج هو. عبدالڪريم بلوچ علي محمد (علي بابا) جو صفا ويجهو مائٽ هو. علي محمد جي پهرين لکيل ڪهاڻي هن عبدالڪريم بلوچ کي ڏني ته ڪنهن رسالي ۾ ڇپائي. شمشير الحيدري انهي وقت ٽماهي مهراڻ رسالي ۾ جوائنٽ ايڊيٽر هو. بلوچ صاحب اها ڪهاڻي شمشير الحيدري جي حوالي ڪئي. شمشير الحيدري بلوچ صاحب کي چيو ته ”اسان وٽ ٻيا به لکڻ وارا علي محمد جي نالي سان آهن. انهي ڪري ابهام پئدا ٿيندو. تنهنڪري نالي جي ٿوري تبديلي ضروري آهي. ليکڪ به نئون آهي. هن جو اڳ ۾ ڪوبه ادبي تعارف به نه آهي. انهي ڪري نالي ۾ مناسب تبديلي ڪبي“ حيدري صاحب علي محمد جو نئون ادبي نالو تجويز ڪيو ”علي بابا“ انهي سان اها پهرين ڪهاڻي ٽماهي مهراڻ ۾ ڇپي. انهي ڏينهن کان ٻانگ وارو نالو علي محمد برقعو مٽائي ”علي بابا“ ٿي ويو. اهي ڏينهن ۽ هيءَ ڏينهن ادبي دنيا جي اُفق تي علي بابا جو نالو چوڏهين جي چنڊ مثل روشن ٿي ويو. انهي ڏينهن کانپوءِ علي بابا شمشير الحيدري کي به ڳولي ڏٺو. پهرين ملاقات ۾ ٻنهين جي پريت جا پيچ پختا ٿي ويا بقول لطيف سائين ”هئا ته اڳيئي گڏ ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا“ وارو قصو ٿي ويو. پوءِ علي بابا به اهو اقرار ڪندو هو ته ”مونکي ادبي دنيا ۾ وٺي اچڻ وارو شمشير الحيدري آهي“. کڻي ائين به سمجهجي ته ادبي استادي جو سڳو علي بابا کي شمشير الحيدري ٻڌو. پوءِ ته جهڙاڪر ٻئي هڪڙي گهر جا ڀاتي ٿي ويا. سندن گهڻو وقت هڪ ٻئي جي صحبت ۾ گذرندو هو.

شمشيرالحيدري جي پريت جي سڳي ۾ آئون به هئس. انهي ڪري مون هتي اهڙو اشارو به ڏنو آهي ته حيدري جتي به هوندو هو. حيدرآباد، ڪراچي، بدين يا ٻي ڪٿي ته منهنجو اڪثر حيدري سان رابطو رهندو هو. انهي حوالي سان ڪڏهين ڪڏهين ائين به ٿيندو هو ته منهنجي اچڻ وقت علي بابا حيدري وٽ موجود آهي يا آئون حيدري وٽ آهيان ته علي بابا اچي ويو آهي. هڪڙي ئي سڳي ۾ جهڙاڪر پُوتل هجون. حيدري جي گهر، آفيسن ۽ پروگرامن ۾ سوين دفعا علي بابا سان رفاقت رهي. ليکڪ ته در ڪنار پر علي بابا جي ڪچهري به موتين جي کاڻ هوندي هئي. هو مُصور به اعليٰ پائي جو هو ذري ساعت ۾ اهڙيون خوبصورت تصويرون ٺاهي ويندو هو. هو جيڪڏهن ٿورو توجهه انهي طرف ڏيئي ها ته پنهنجي دور جو وڏي ۾ وڏو مُصور ليکجڻ ۾ اچي ها. ڪارٽون به عجيب غريب ٺاهي ويندو هو. هن جو حافظو به بلا جو هو. سندن مطالعو به وسيع هو. علي بابا بلاشڪ هر فن مولا هو. رڳو هن جي بي ترتيب زندگي هئي. اسان وٽ اهو الميو آهي ته جيترو وڏو ڪلاڪار آهي. اوترو هو ڇڙواڳ آهي. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته هي سنڌ ڌرتي جيئن قدرتي نعمتن ۽ ذراعت سان مالا مال آهي اهڙي ساڳئي ريت انساني قدرن سان به پوري جڳ جهان پوري دنيا لاءِ مشعلي راهه هجي ها…!!!

اسي واري ڏهاڪي جو قصو آهي. 29 ڊي پاڪستان ڪوارٽرس ڪراچي ۾ حيدري صاحب جي دولت خانه ۾ آئون ۽ علي بابا موجود هئاسين. انهي ڏينهن سگا طرفان ساليانو اجتماع ڪراچي جي فائيو اسٽار هوٽل ”انٽر ڪانٽينينٽل“ ۾ ٿي رهيو هو. ٻن پهرن جو ٽائيم هو. حيدري صاحب اسان کي چيو ته ”آئون هلان ٿو. پروگرام جي سيٽنگ ڪرڻي آهي. توهان ٻئي چئين بجي ڌاري پهچي وڃجو“… اسان هوٽل جي رسيپشن گيٽ وٽ پهچي وياسون. اسان جي ڊزائين به فقرائن واري هئي هوٽل جي سيڪيورٽي وارا اسان کي اندر داخل ٿيڻ نه ڏين. ”ڪارڊ دکهائو“… اسان ته ڪاڄ جا ڌڻي سو ڪارڊ اسان وٽ ڪٿان اچي… ”ڄڃ مان ڄاڻي ڪونه سڏائي گهوٽ جي پڦي“… سيڪيورٽي وارن اسان کي کنڀي کنيو… سيڪيورٽي وارن جو تعداد به وڌي ويو… ٻيا ماڻهو به گڏ ٿي ويا. علي بابا ڪنٽرول کان ٻاهر نڪري ويو… وڏو بغادو ڪري بيهي رهيو… جهڙوڪر ذري گهٽ ايمرجنسي واريون حالتون ٿي ويون… سگا وارن کي خبر پئجي ويئي… ڊاڪٽر سليمان شيخ حيدري صاحب ٻيا به پنج ست اچي ويا… علي بابا جهليو نه پيو جهلجي…. چئي ته جيڪي گولڊ ميڊل مونکي مليا آهن. اهي مون کان هيٺ مٿي ٿي ويا آهن ۽ جيڪي ايوارڊ به هيستائين مليا آهن اهي ردي ۾ ڪيڏانهن اڇلجي ويا آهن نه ته اهي سڀ ٽپڙ کڻي هنن جي منهن تي ڦهڪايان ها… پوءِ سگا وارا رهنما علي بابا کي ريبي ريبي اندر هال ۾ وٺي هليا… پر اهو سڄو ڏينهن هن جو پارو چڙهيل هو. علي بابا سان اهڙيون وارداتون جهڙوڪر هڪڙو معمول هو… ”درگذر“ جو سبق به هن کان ڪو سکي چند گهڙين کان پوءِ اهو ساڳيو علي بابا اهڙو مٺڙو من منهنوڙو ٿي ويندو هو جو هرڪو چاهيندو ته هن کي پنهنجي جيءَ ۾ ويهاري ڇڏيان.

صحبت جو اثر به ٿيندو آهي. اها به چوڻي آهي ته ”ڪارو ٻڌ ڪمري سان رنگ نه مٽي ته به اوساڻ ضرور اچي“ منهنجي رفاقت حيدري ۽ علي بابا سان اڻ مٽ اٽوٽ هئي/آهي… زندگي جي آخري گهڙي تائين رهندي… منهنجي لاءِ حيدري ۽ علي بابا ٻئي منهنجا گُرو آهن. ٻنهي جي ڊزائين پيشاني مبارڪ جي حوالي سان ٻئي الهه لوڪ، درويش ڏاڙهي ۽ مڇن جي وارن کان بي نياز هئا. انهي دور ۾ آئون به ٻي ٽي ڏينهن ڏاڙهي لاهيندو هئس، پر مُڇن جي هڪڙي ليڪ ڇڏيل هئي، پر هنن خدا جي بندن جي صحبت ۾ مون انهي مُڇن واري ليڪ کي به ”ون يونٽ“ ڪري ڇڏيو. پوءِ اسان ٽيئي ڄڻا جهڙوڪر ڏاڙهي مڇن کان بي نياز هئاسين. حيدري جو ته قدبت مون ۽ علي بابا جي تور ماپ کان الڳ هو، پر آئون ۽ علي بابا جهڙوڪر هڪٻئي جا ماٽا ڀڃيو بيٺا هئاسين. حيدري ته وري ڪپڙي گندي ۾ ٽپ ٽاپ هوندو هو… ڇو ته هن جو اٿڻ ويهڻ ڌنڌو ڌاڙي اهڙو هو. باقي آئون جڏهن انهي لسٽ ۾ شامل هئس ته ڪپڙي گندي ۾ علي بابا ۽ منهنجا افعال ذري گهٽ هڪجهڙا هئا. انهي ڪري جيڪي ويجها هئا اهي ته اسان ٻنهي کي چڱي طرح سڃاڻندا هئا. باقي پري وارا اڪثر دوکو کائي ويندا هئا. مون سان اڪثر اهڙيون وارداتون ٿينديون رهنديون هيون. آئون پنهنجو پاڻ لاءِ اهو وڏو اعزاز سمجهندو هئس ته ٿوري وقت لاءِ به ڪي ماڻهو ايڏي وڏي تاريخي شخصيت جو تمثيل مونکي سمجهن ٿا. فخر مان آئون پنهنجن ڪپڙن ۾ به نه پيو ماپندو هئس.

1988ع لالي غلام اسحاق خان صدر پاڪستان اليڪشن جو اعلان ڪيو. انهي کان اڳ ۾ هن ملڪ تي قابض فوجي جنرل ”ذيان خور“ هڪ جهاٽڪي ۾ ڦلهيار ٿي ويو. قدرت واري هن ملڪ تان ڏُرت ٽاري. انهي اليڪشن ۾ هڪ محب وطن انسان ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي اقليت جي سيٽ تان قومي اسيمبلي ۾ اميدوار هو. هڪ قومي فرض سمجهي ڪامريڊ لاءِ ڪجهه هم خيال دوستن پنهنجي حساب سان ورڪ شروع ڪري ڇڏيو، جن ۾ سرڳواسي پرمانند ڪنول، نٿو مل مورواڻي، مٺو مهيري ٻيا به ڪيترا جن ۾ آئون به شامل هئس. اسان اهو مناسب سمجهيو ته ڪامريد سوڀي کي به بدين ۾گهرائجي. جنهن لاءِ اسان ڪامريڊ روچيرام وڪيل جون خدمتون حاصل ڪيون. ڪامريڊ سوڀي اسان کي بدين اچڻ لاءِ ٽائيم ڏنو. انهن ڏينهن ۾ قاضا واهه جي ڪناري سان ”گئو شالا“ جو ٽڪاڻو موجود هو. اسان اتي ڪامريڊ سوڀي لاءِ ميڙاڪو گڏ ٿيڻ جو سڏ ڏنو.

مقرر ٽائيم تي ڪامريڊ سوڀو بدين ۾ گئو شالا ٽڪاڻي تي پهچي ويو. ڪامريڊ جو زبردست آڌر ڀاءُ ٿيو. ڪامريڊ سوڀو مون سان تمام گهڻي گرم جوشي سان مليو. هو حد حساب کان به وڌيڪ مونسان احترام سان پيش پي آيو، حالانڪه اسان سان گڏ وڌ ۾وڌ احترام لائق روچيرام، پرمانند ڪنول، سائين نٿو مل مورواڻي هئا، مونکي پنهنجي پر ۾ شرمساري پئي محسوس ٿئي. آئون اهو پيو سمجهان ته ڪامريد سوڀو منهنجي باري ۾ ڪنهن غلط فهمي ۾ مبتلا آهي. ٽڪاڻي ۾ ويٺاسين ڪامريڊ روچيرام تعارف ڪرايو. جڏهن هن منهنجو نالو ”محمد موسيٰ جوکيو“ ورتو ته ڪامريڊ سوڀي کان ڇرڪ نڪري ويو. هن رڙ ڪري چيو ته ”يار آئون ته هن کي علي بابا سمجهيو ويٺو هئس“ پوءِ چيائين ته ”اوهان ۾ ۽ علي بابا ۾ اوڻيهه ويهه جو فرق آهي“ بهرحال ڪامريڊ سوڀي جو پوءِ به مون سان شفقت ۽ احترام وارو رويو هو، پر مون ۾ ۽ علي بابا ۾ ته زمين آسمان جو فرق آهي. اهڙا ناٽڪ ٻين جاين تي مون سان ٿيا.

نوي واري ڏهاڪو آهي شمشير الحيدري جو ننڍو ڀاءُ رفيق احمد جعفري منهنجو پڳ مٽ يار آهي. هن سان روح جو رشتو آهي هو حبيب بينڪ بدين جو مينيجر هو. منهنجي هن وٽ بينڪ ۾ بيٺڪ هوندي هئي. هڪڙي ڏينهن آئون حبيب بينڪ بدين ۾ موجود هئس ڏهين، ساڍي ڏهين صبح وارو ٽائيم هجي، اوچتو علي بابا اچي بينڪ ۾ ٺڪا ڪيو. اسان هن جو گرم جوشي سان آڌرڀاءُ ڪيو، ٿيلهو ڪرسي تي رکي علي بابا باٿ طرف هليو ويو. رفيق مونکي چيو ته ”بينڪ جو ٽائيم ڏاڍو ٽف هوندو آهي. علي بابا باٿ مان اچي، اوهان چانهه پيو، پوءِ علي بابا فقراءَ ماڻهو آهي هي ادا شمشير لاءِ آيل آهي (شمشير انهي وقت بدين ۾ رهندو هو) ادا نندو شهر ويل آهي شام جو ايندو. تون علي بابا جي ڀيت تي پيل آهين. تون اڄوڪو ڏينهن علي بابا لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. اوتارن مڪانن تان گهمائي ڦيرائي فقرائن سان ملاقاتون ڪرائي پنهنجي بيٺڪ تي وٺي وڃج. آئون شام جو بينڪ کان فارغ ٿي توهان وٽ ايندس. ادا به اچي ويندو. پوءِ علي بابا ادا جي حوالي هٿيڪو هوندو.

آئون علي بابا کي گهمائي ڦيرائي منجهند جو پنهنجي بيٺڪ تي وٺي آيس. مون واري غريباڻي بيٺڪ منهين جو واڙو هڪڙو جهڙو تهڙو ڇنو ٺهيل هو. ماني کاڌي سون، آئون گهر ۾ برتن ڇڏڻ ويس، وري اچان ته علي بابا کي ٿيلهو ڪلهي ۾ پسار پيو ڪري. پڇيم ته چيائين ته ”ماني کاڌي اٿئون واڪ پيو ڪريان ته حاضمون ٿيئي“ آئون ويهي رهيس، منهنجي بيٺڪ جي ڀرسان ٿورڙي فاصلي تي ڪڍڻ، علي بندر ڏانهن ويندڙ روڊ آهي علي بابا تکو تکو روڊ طرف پيو وڃي. مون سمجهيو ته واڪ پيو ڪري وري موٽي ايندو. ايتري ۾ ڏسان ته ڪڍڻ ڏانهن ويندڙ بس پئي اچي، علي بابا بس کي بيهڻ لاءِ اشاروڪيو آهي، بس رڪي علي بابا ٽپ ڏئي چڙهيو بس اسپيڊ وٺي رواني ٿي وئي، اهو سڀ اوچتو ٿيو آئون ڊوڙي روڊ تي پهتس ته بس منهنجي اکين کان اوجهل ٿي ويئي.

هاڻي ڇا ڪجي… آئون ته علي بابا جي ڪارگذارين کان واقف هئس. هو نه ٻڌائي ايندو آهي ۽ نه ٻڌائي ڪيڏانهن ويندو آهي… پر ڪڍڻ يا علي بندر ڏانهن هن جي ڪا اهڙي ڏيٺ به ڪونه آهي…. هو ڪيڏانهن ويندو…. ڪنهن وٽ ويندو… سوال ته ڏکيو آهي؟ پر انهي جو جواب انهي کان به ڏکيو آهي…. بدين ۾ ڪڍڻ بس اسٽاپ منهنجي بيٺڪ کي ويجهو آهي…. مونکي ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي اچي…. آئون مون واري بيٺڪ ۽ ڪڍڻ واري بس اسٽاپ انهي وچ ۾ پيو اچ وڃ ڪريان…. نيٺ ڪڍڻ واري بس اسٽاپ تي ڪانڀ ٻڌي ويهي رهيس…. صفا نما شام جو هڪ کٽارو بس پري کان نظر آئي…. ٿورو ويجهو ٿي ته در تي علي بابا لٽڪيل هو…. منهنجي پيٽ ۾ ساهه پئجي ويو…. بس بيٺي مون هن کي ٻانهن مان جهلي ڇڪي لاٿو….. رڙ ڪيائين ته چانهه سگريٽ…. مون چيو ته سڀ ڪجهه آهي بنا دير اسان پنهنجي بيٺڪ تي پهتاسون….. اسڪولي شاگردن وانگر آئون هن کي پڪڙي بيٺڪ تي وٺي آيس.

ساهي پٽي چيائين ته ”ماني پيئي کاڌي سون هڪڙن خيالن دماغ ۾ ولوڙ پيدا ڪئي. مون فيصلو ڪيو ته جيڪڏهن هنن کي پڪڙي قابو نه ڪندس ته هي هڪڙي لهر آهي وري هٿ نه ايندي اڪيلائي جي به تلاش هئي. بس ۾ چڙهي پيس…. ٻه همراءُ بيٺا هئا انهن جاڙا واٽر جو ٽڪيٽ ورتو….. هنن کان پڇيم ته چيائون ته صفا ويجهو آهي مون جاڙا واٽر جو ٽڪيٽ ورتو…. هو همراءُ لٿا ته آئون به لهي پيس…. هنن ويچارن ماني چانهه جي دل جان سان صلاح ڪئي…. مون انڪار ڪيو. پاسي ۾ ٻٻر جو وڏو درخت بيٺو هو آئون انهي جي ڇانءُ ۾ پلٿي هڻي ويهي رهيس. ٽي شعر آهن هڪ شارٽ اسٽوري آهي دماغ تان بار هلڪو ٿيو…. اڃان انهي خبرن ۾ هئاسين ته رفيق جعفري به اچي نڪتو…. ٻڌايائين ته ادا به واپس پهچي ويو آهي…. اوهان جو شديد انتظار آهي…. اسان حيدري صاحب جي آشرم ۾ پهتاسين. ٻنهين وڇڙيل روحن جو ميلاپ ٿي ويو. اتي علي بابا رڙ ڪئي ته ”يار مون وارا ڪاغذ ته تو واري بيٺڪ تي رهجي ويا“ مون چيو ته ”محفوظ هوندا صبح جو اوهان جي امانت اوهان کي ملي ويندي“ شمشير ۽ علي بابا بدين ۾ هفتو گڏ هئا پوءِ وري گڏجي روانا ٿيا.

هڪڙي دوست جي دعوت تي مون سان گڏ منهنجو دل گهريو دوست محمد رمضان خاصخيلي هو… اسان جهمپير وياسين. ريل گاڏي تان لهي اسٽيشن کان ٻاهر نڪتاسين اسان وارو ميزبان به گڏ هو. ”نما شام“ جو ٽائيم هو جهمپير شهر جي موهڙ ۾ هڪ باکڙا هوٽل هجي. انهي جي هڪڙي پراڻي بينچ تي علي بابا صاحب بالم ٿيو جهڙو ”مير مجلس“ ٿيو ويٺو هو. سامهون حاضرين دربارين جي صورت ۾ کچاکچ ويٺل هجن. علي بابا جي وارتا چالو هجي. ”فقير بيان ڪري ٿو“ وارو سماع هجي.

علي بابا جي نظر جڏهن اسان تي پئي، قصو ٿوري دير لاءِ مهمل ڪري ٻه وکون اڳتي وڌي اسان جو نهايت شانائتو آڌرڀاءُ ڪيو. ٻنهي ٻانهن جي ڀاڪر ۾ اسان کي ساڻ وٺي، انهي ساڳي بينچ تي پاسن کان ويهاريو. منهنجي دوست رمضان جي به علي بابا سان گهري نيازمندي هئي. پوءِ جيڪو علي بابا پنهنجي سنگت سان اسان جو تعارف ڪرايو. انهي ۾ لقب القاب ڏيئي اسان کي زمين کان مٿي کڻي ويو پوءِ ناظرين، سامعين جي وچ ۾ اسان جهڙوڪر ”آسماني مخلوق“ هجون. بهرحال علي بابا جو رس چوٽ تي چڙهيل هو، علي بابا جي اڳيان اسان جهڙا سفا جيتامڙا هجون… جهمپير جون دلفريب من موهيندڙ هوائون…. جهمپير جو مشهور زمانه ”کجين جو رس“ (تاڙي) جنهن کي جهمپير جو مشروب چيو وڃي ٿو… جيئن اترين علائقن ۾ ”هنزا واٽر“ مشهور آهي… اهڙي مشهوري جهمپير جي مشروبات جي به آهي انهي کان علاوه ٻيا لوازمات به علي بابا جي خدمت ۾ موجود هئا.

اسان پنهنجي ميزبان کي عرض ڪيو ته ”اسان کي علي بابا جي حضور ۾ حاضري ڏيئي فيض حاصل ڪرڻو آهي… توهان اسان جي سار سومهڻي کان پوءِ لهجو… علي بابا سان انيڪ ڪچهريون ٿيون، پر جهمپير واري ڪچهري پنهنجو مٽ پاڻ هئي. جهمپير جا مڇر توبه نعوذ باالله! اسان جا هٿ پير ڳاڙها ٿي ويا، تڏهن به ڪچهري جو ذوق وڌ کان وڌ رهيو. مقرر ٽائيم تي اسان جو ميزبان آيو. زوري انهي شرط سان علي بابا کان موڪل ملي ته سڀاڻي وڃڻ وقت حاضري ڀربي.

صبح جو ستين ڌاري اسان کي نيرن ملي وئي، اسان پنهنجي ميزبان کان موڪلايو. جڏهن اسان انهي باکڙا هوٽل وٽ آياسين ته هوٽل واري هڪل ڪري اسان کي بيهاري ڇڏيو…. چيائين ته ”علي بابا سامهون آرامي آهي هن جو چوڻ آهي ته اوهان جڏهن هوٽل تي پهچو تڏهن مونکي سجاڳ ڪجو….“ اسان ڏٺو ته اها ساڳي بينچ…. هڪڙي ميري رلي جو آٿر علي بابا جي بت تي ويڙهيل…. پراڻو ڦاٽل ويهاڻو هن جي ڪنڌ هيٺان…. گهري ننڊ…! هوٽل واري علي بابا کي سجاڳ ڪيو. علي بابا منهن کي ڇنڊا هڻي اسان سان گڏ وري به مير مجلس ٿي ويهي رهيو. چانهه سان گڏ کجين جي رس جو دور هليو…. علي بابا کي مون چيو ته ”رات مڇرن اسان جا هٿ پير ڳاڙها ڪري ڇڏيا آهن اڃان تائين هٿن پيرن ۾ باهي ٻري پئي ممڪن آهي ته مليريا جو حملو ٿيئي….. اوهان ته رات جنهن بينچ تي ويٺل آهيو اتي ئي ستا رهيا…. صفا چاڪ چوبند لڳا پيا آهيو…. ڇا ماجرا آهي؟”

علي بابا جو جواب ”لاجواب“ هو هن چيو ته سنجهي مان اسان ڪيف جي مستين ۾ ٻڏل هئاسين، مڇرن جي ڪابه پرواهه نه هئي آڌي رات کان پوءِ اسان واري مستي مڇرن تي غالب پئجي وئي ڇو ته سنجهي مان هنن اسان جو رت پيتو انهي رت جي اثر ڪري آڌي کان پوءِ هو پنهنجي مستي موج ۾ مگن هئا…. رات گذري وئي ڪابه خبر نه پئي….. رات ڪيئن گذري….

پوءِ به انيڪ دفعا گڏجاڻيون ٿينديون رهيون. پڇاڙي ۾ جڏهن حيدري صاحب بيماري ٿي پيو، اسپتال ۾ داخل هو اتي به منهنجو ٽي دفعا وڃڻ ٿيو. آئون جڏهن به ويس ته مون علي بابا کي حيدري صاحب وٽ موجود ڏٺو آخري ملاقات تي جڏهن منهنجو وڃڻ ٿيو ته علي بابا ڏاڍو اٻاڻڪو پيئي لڳو…. ڌيمي ۽ ڏک واري لهجي ۾ چيائين ته ”يار حيدري پاڻ سان هاڻ ته ڳالهائي به نٿو“…. آئون جيترو وقت اسپتال ۾ موجود هئس علي بابا جي هلچل هئي…. حيدري صاحب جي بستري تي وڃي….. وري جهڪي حيدري صاحب جي پيشاني ڏسي…. وري ٿڌو شوڪارو ڀري…. علي بابا جي انهي ڏينهن واري ڪيفيت منهنجي اندر جي اکين ۾ جهڙوڪر عڪس ٿي ويئي….. حيدري صاحب سان هزارن ماڻهن جو نينهن جو رشتو جڙيل هو…. منهنجي ته هو روح ۾ سمايل آهي…. پر علي بابا ته جهڙوڪر حيدري ۾ جذب ٿي چڪو هو…. حيدري جي وڃڻ کانپوءِ علي بابا ساڳيو نه رهيو حيدري ۽ علي بابا جي وچ ۾ چئن سالن جو وقفو آهي 10 آگسٽ 2012 حيدري جو وڇوڙو، 8 آگسٽ 2016 علي بابا جو لاڏاڻو.

انهي وچواري عرصي دوران علي بابا جي ڪابه سرگرمي ڪٿي به نظر نه آئي…. ڄڻ ته هو هن دنيا ۾ نه هو…. سنڌ ڌرتي جو ڀٽڪندڙ روح علي بابا جنهن کي ڪنهن به هڪ جاءِ تي ٿانيڪو ٿي ويهي رهڻ ۾ جمعيت نه ايندي هئي…. هن جو قلم سدائين تحرڪ ۾ هوندو هو…. ڪيڏي ڪرب ۽ اذيت سان اهو عرصو ان ڪيئن گذاريو هوندو….!!؟ ٻيو ته ٺهيو…. قلم جيڪو هن جو جياپو هو انهي قلم کان به منهن موڙي ويو…. هاڻي موهن جي دڙي واري ناول جو بقايا حصو…. اهو ڪيئن مڪمل ٿيندو….؟ ڪولهي اتحاد جو رهنما رڻشال داس به ڏاڍو سوڳوار آهي…. هو روئڻهارڪي انداز ۾ چوي ٿو ته علي بابا ”ڪارونجهر جو قيدي“ لکي روپلي ڪولهي کي نئون جنم ڏنو. اڄ روپلي ڪولهي جو نالو سنڌ ڌرتي جي هيرن جي صف ۾ شامل آهي.

صفا ويجهي ماضي ۾ شمشير الحيدري، آغا سليم، علي بابا جي وڇوڙي جي ڪري سنڌ جي سڄاڻ انسانن کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي. انهن زخمن کي سميٽجڻ لاءِ ڪنهن لقمان حڪيم جو انتظار ڪرڻو پوندو.

علي بابا کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ ڀيٽا طور لطيف سائين جو هي بيت اسان جي سوگ واري ڪيفيت جي ترجماني ڪري ٿو.

جوڳي جيڪس ويا جبروت،

ماءُ ڏٺم اڄ ماٺ مڙين ۾…..!!