پيرس فيشن ويڪ ۾ شريڪ شخصيتن کي سنگين خطرو
فرانس جي گاديءَ واري هنڌ پيرس ۾ منعقد “پيرس فيشن ويڪ” ۾ شريڪ مشهور شخصيتن کي سنگين خطرو سامهون آيو آهي. غير ملڪي ميڊيا رپورٽن موجب پيرس سميت فرانس جي ٻين شهرن ۾ مُنگهڻن جو تعداد تمام وڌي ويو آهي ۽ ان سان ماڻهن ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو آهي. چيو وڃي ٿو ته ڪابه جاءِ انهن کان محفوظ ناهي رهي. هاڻي خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته “پيرس فيشن ويڪ” ۾ شريڪ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ معروف شخصيتون فيشن ويڪ جي ختم ٿيڻ تي پنهنجي سامان سان گڏ مُنگهڻ به کڻي وينديون. ياد رهي ته پيرس 2024 جي اولمپڪس جي ميزباني ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو آهي، پر ان کان پهريان پيرس سميت فرانس جي ٻين شهرن ۾ مُنگهڻن جي حملي بس اسٽاپن، ريلوي اسٽيشنن، هوٽلن، ريسٽورنٽن ۽ هوائي اڏن سوڌو ڪيترن ئي جاين تي قبضو ڪري ورتو آهي ۽ ڪابه جاءِ نه ڇڏي آهي. مُنگهڻ انساني خون پي وڏا ٿيندا آهن، جنهن سان شديد قسم جي الرجي به ٿي سگهي ٿي. ان حوالي سان پيرس جي ڊپٽي ميئر سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پيغام جاري ڪري چيو آهي ته انتظاميه وزيراعظم کي خط لکي سڄي صورتحال کان آگاهه ڪيو آهي.