اِنيموري (قيلوله)، جاپاني زالون ۽ هيلو ڪِٽي
الطاف شيخ جو سفر نامون “جي وڃين تون جاپان” مان کنيل
اِنيموري (قيلوله)، جاپاني زالون ۽ هيلو ڪِٽي
الطاف شيخ
ڪيترن ئي ملڪن ۾ منجهند جي مانيءَ کانپوءِ ڪلاڪ اڌ ننڊ ڪرڻ عام ڳالهه آهي. ان ملڪ جي ڪلچر جو حصو آهي. دراصل هاڻ پاڻ اهو ٿوري دير سمهڻ، جنهن کي Nap به سڏجي ٿو، گهٽيل نظر اچي ٿو. نه ته 1960ع واري ڏهاڪي ۾، جڏهن کان اسان جهاز هلائڻ شروع ڪيا، يورپ جي به ڪجهه ملڪن ۾ لنچ کانپوءِ سمهڻ هڪ عام ڳالهه هئي… خاص ڪري اسپين جهڙن ملڪن ۾. آفريڪا جي ته ڪيترن ئي ملڪن ۾، خاص ڪري موراڪو کان ممباسا، دارالسلام، زئنزيبار ۾ منجهند جو سمهڻ تمام گهڻو هو. ويندي جهاز تي ڪم لاءِ آيل مزدور به ڪلاڪ کن سمهي پوندا هئا. اسان جي ملڪ ۾ به انگريزن اسڪولن جا وقت اهڙا ٺاهيا جو منجهند جو ڪلاڪ کن سمهڻ ضروري هوندو هو. صبح جو ستين يا اٺين کان ٻارهين تائين اسڪول ٿيندو هو وري شام جو اڍائي يا ٽين کان پنجين تائين ٻيو دفعو اسڪول وڃبو هو. اهو سسٽم بعد ۾ ختم ٿيو، پر اسان جي ڏينهن ۾ هوندو هو ان ڪري اڄ ڏينهن تائين اسان جي عمر وارن کي منجهند جو ٿوري دير سمهڻ جي عادت آهي.
ڳالهه اها آهي ته منجهند واري اڌ ڪلاڪ ننڊ باقي ڏينهن فريش ٿي رکي. ملائيشيا جي ڏهه سال کن ڪناري واري نوڪري ۾ لنچ بريڪ ٻه ڪلاڪ ٿيندي هئي ۽ هرڪو ماني کائي ٽيبل تي مٿو رکي سمهي رهندو هو، پر هاڻ ڏسان ٿو ته اها ڳالهه جتي ڪٿي گهٽبي وڃي. ڪٿي ته لنچ بريڪ 20 منٽ به ڪا مس ٿئي ٿي جنهن ۾ آفيس ۾ ويٺي ويٺي سئنڊوِچ کائي سگهجي ٿو. ان ڪري آئون سنڌ ۾ پنهنجن مائٽن مٽن کي اهائي صلاح ڏيندو آهيان ته ٻارن کي هاڻ منجهند جو سمهڻ جي عادت نه وجهو. اها ٻي ڳالهه آهي ته سنڌ، ملتان يا ممباسا، زئنزيبار جهڙن گِهميل ۽ گرم ملڪن ۾ منجهند جو ٿورو آرام ڪرڻ ضروري آهي، پر پوءِ ان ٻار کي ٻئي ڪنهن ملڪ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ يا نوڪري ڪرڻ ڏکيو ڪم ٿيو پوي.
ايشيا جي ٻين ملڪن وانگر جاپان ۾ به منجهند جو ٿوري دير ننڊ ڪرڻ جو رواج زماني کان رهيو آهي جنهن کي جيئن عرب قيلوله سڏين ٿا ۽ ايران پاسي خواب نيمروزي يا اسپين پاسي سائيستا (Siesta) تيئن جاپان ۾ ڏينهن جي وقت ان مختصر ننڊ کي انيموري (Inemuri) سڏين ٿا. هاڻ ذرا منجهيل معاملو آهي. جاپان جي ڪن آفيسن ۽ ڪارخانن ۾ انيموري خراب سمجهيو وڃي ٿو ته ڪٿي ان جي انتظاميا طرفان اجازت مليل آهي. ڪيترين آفيسن ۽ ڪارخانن ۾ جيڪو جاپاني انيموري ڪري ٿو ان لاءِ هن جي باس جو سٺو ويچار رهي ٿو. هو اهوئي سمجهي ٿو ته هن اڌ ڏينهن سخت محنت سان ڪم ڪيو آهي ۽ هاڻ ٿڪجي آرام ڪري رهيو آهي ننڊ سان هو تازو توانو ٿي ويندو ۽ سندس باقي اڌ ڏينهن وري گهڻو ڪم ڪرڻ ڪري ڪمپنيءَ کي فائدو ٿيندو.
جاپان ۾ گهڻي مينهن وسڻ ڪري جاپاني، خاص ڪري نوجوان واٽر پروف موبائل فون خريد ڪرڻ چاهين ٿا جيئن هو وسندڙ مينهن ۾ به موبائل استعمال ڪري سگهن.
جاپاني هڪٻئي سان ملڻ وقت هٿ ملائڻ بدران هڪٻئي اڳيان جهڪن ٿا. جيتري گهڻي چيلهه چٻي ڪري جهڪڻ اوتري هڪٻئي لاءِ عزت سمجهي وڃي ٿي.
چين ۽ ڏور اوڀر جي ٻين ملڪن تائيوان، ڪوريا وغيره وانگر، جاپان ۾ به چمچي ڪانٽي بدران “چاپ اسٽڪ” استعمال ٿين ٿيون. اهي ڪٿي ڪٿي شيشي، چاندي يا ڪنهن ٻئي اوچي ڌاتوءَ جون استعمال ٿين ٿيون نه ته 99 سيڪڙو چاپ اسٽڪس (ماني کائڻ جون ڪاٺيون) ڪاٺ جون ڊسپوزبل ٿين ٿيون. يعني استعمال بعد اڇلايون وڃن ٿيون. چاپ اسٽڪس کي جاپانيءَ ۾ “واري باشي (Waribashi) ” سڏجي ٿو. هڪ اندازي موجب جاپان ۾ هڪ سال ۾ 25 بلين ڪاٺيون استعمال ٿين ٿيون. انهن ۾ ايترو ڪاٺ ضايع ٿئي ٿو جو ان ڪاٺ مان 17000 گهر ٺهي سگهن.
دنيا جي تعليمي ادارن ۾ شاگردن کان Quiz يا جنرل ناليج ۾ اڪثر اهو سوال پڇيو ويندو آهي ته انڊيا کان علاوه اهو ڪهڙو ملڪ آهي جنهن جو سرڪاري مذهب هندو ازم آهي. اهو آهي انڊونيشيا جو ٻيٽ “بالي” جتي جا سڀ ماڻهو هندو آهن. اتي هندن جا مندر آهن ۽ آدم شماري اڌ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي. ائين ته ٿورا گهڻا مسلمان، عيسائي ۽ ٻڌ به آهن، پر 85 سيڪڙو هندو آهن. اهڙي طرح هڪ ٻيو عام سوال پڇيو ويندو آهي ته اهو ڪهڙو ملڪ آهي جنهن ۾ جاپان کان علاوه سڀ کان گهڻا جاپاني رهن ٿا. ان سوال جي جواب ۾ شاگرد اڪثر ڪوريا يا چين جو نالو کڻندا آهن جو اهي جاپان جا پاڙيسري ملڪ آهن، پر اصل ۾ اهو ملڪ برازيل آهي جيڪو دنيا جي ٻئي ڇيڙي تي آهي. ان بابت پنهنجي سفر نامي “برونائيءَ کان برازيل” ۾ لکي چڪو آهيان ته ڪيئن اڄ کان هڪ صدي اڳ، غربت ڪري جاپان جا هاري ڪمائڻ خاطر برازيل روانا ٿيا هئا پوءِ اتي ئي ٽِڪي پيا. توهان کي جاپان ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون جاپاني ڇوڪريون ملنديون جيڪي عام جاپاني ڇوڪرين وانگر شرميليون نه هونديون. هو کلئي عام سگريٽ جا سوٽا به پيون هڻنديون. هو ٻين سان ضرور جاپانيءَ ۾ ڳالهائينديون، پر پنهنجو پاڻ ۾ پورچوگاليءَ ۾ ڳالهائينديون. ياد رهي ته برازيل ۾ پورچوگالي ڳالهائي وڃي ٿي.
جاپاني زالن لاءِ مشهور آهي ته هو وفادار ۽ پورهيت آهن. مڙسن جي چڱيءَ طرح خدمت ڪن ٿيون. پوءِ اهي مڙس سندن جاپاني هجن يا ڌاريان. ان هوندي به جاپاني مرد جو سڄو زور جاپاني عورتن کي سڌارڻ ۽ خدمت گار بنائڻ ۾ رهي ٿو. ان لاءِ توهان جاپاني لوڪ ڪهاڻيون پڙهو يا پهاڪا، جاپاني مرد عورتن کي هر ڳالهه ۾ خوب نندي ٿو ۽ هن کي بيوقوف ثابت ڪري ٿو. يورپ ۾ شادي ٿيندي ته ٻائو ٻنهي کان، هڪٻئي سان وفادار ٿي رهڻ جو وچن وٺندو، پر هن پاسي سڄو بار عورت تي وڌو وڃي ٿو. جاپان ۾ شنتو ڌرم موجب جيڪي شاديون ٿين ٿيون انهن ۾ شاديءَ رات ڪنوار هڪ اڇي رنگ جي ٽوپي مٿي تي رکي ٿي جيڪا “تسونو ڪاڪُوشي(Tsunu Kakushi) ” سڏجي ٿي. مون کي کل آئي جڏهن منهنجي پڇڻ ته گهوٽيتن ٻڌايو ته ان ٽوپي پائڻ سان عورت کي مڙس لاءِ جيڪي اڻ نظر ايندڙ ساڙ جا سڱ ٿين ٿا اهي ڍڪجو وڃن. هڪ ٻئي ٻڌايو ته سلڪ جي ڪپڙي جي هيءَ سفيد ٽوپي پائڻ سان ڪنوار اهو عهد ڪري ٿي ته هوءَ مڙس جي گهر ۾ هن جي چئيوان ۽ نوڙت واري ٿي رهندي! اهڙن موقعن تي جڏهن آئون جاپانين کان پڇندو آهيان ته عورتن لاءِ ته قاعده قانون ۽ پابنديون آهن، پر جاپاني مردن لاءِ به ڪي آهن يا نه؟ ته هو خاموش ٿيو وڃن، پر هڪ ڳالهه آهي ته اڄ کان 50 سال اڳ جڏهن پهريون دفعو جاپان وڃڻ ٿيو هو، ان وقت ۽ اڄ جي جاپاني عورتن ۾ تمام وڏو فرق اچي ويو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هو اڄ به دٻيل دٻيل ۽ هيسيل هيسيل نظر اچن ٿيون، پر اهڙو نه جهڙو هو اڌ صدي اڳ هيون. ان لاءِ آئون لکندو اچان ته جاپاني عورتن کي هوشيار تعليم، ٽي وي، مغربي فلمن ۽ انٽرنيٽ ڪيو آهي.
هيلو ڪِٽي (Hello Kitty) جون ڪيتريون ئي شيون دنيا ۾ مشهور آهن خاص ڪري ٻارن ۾. ڪِٽي لفظ گهڻو ڪري ٻليءَ لاءِ استعمال ٿئي ٿو ۽ انهن شين تي جيڪا تصوير آهي ان لاءِ ڪيترا چون ٿا ته ٻليءَ جي آهي. ڪي چون ٿا ته ننڍڙي ڇوڪريءَ جي پر دراصل اهو هڪ ڪارٽوني ڪردار آهي جيئن ڊونالڊ ڊڪ يا مِڪي مائوس جي آهي. سانرئو (Sanrio) نالي جاپاني ڪمپنيءَ جنهن هي هڪ فِڪشنل ڪئريڪٽر “هيلو ڪٽي” ايجاد ڪيو آهي اُهي هن کي “هارو ڪِٽي” سڏين ٿا. جاپاني ٻوليءَ ۾ لام (L) جو اچار ناهي ان ڪري هو هيلو بدران هرو يا هارو چون ٿا جيئن منهنجي نالي ۾L هجڻ ڪري هو الطاف بدران اريطاف سڏين ٿا. هن ڪمپنيءَ هي Character ٻارن جي پرس لاءِ ٺاهيو جنهن ۾ سِڪا وجهي سگهجن. اهو ڪم هنن 1975ع ۾ شروع ڪيو ۽ اهو ايترو ته مشهور ٿيو ۽ سڄي دنيا ۾ وڪرو ٿيو جو هن جاپاني ڪمپنيءَ ٻارن لاءِ ٻيون به ڪيتريون ئي شيون. اسٽيشنري، ڪتاب، ڪاپيون، بوٽ، ٽوپيون، سئنڊل، ڪارٽون ٺاهڻ شروع ڪيا.
۽ اڄ دنيا ۾ 50 هزار کان مٿي “هيلو ڪِٽي” جي نالي سان برانڊيڊ (Branded) شيون ٺهن ٿيون… ويندي ڪپڙا، اليڪٽرڪ جو سامان، ڪِچن جو سامان: ٽوسٽر، مڪسر، جيوسر، پليٽون ڪوپ، واشنگ مشينون، ٽي ويون، ڪمپيوٽر ويندي جيٽ هوائي جهاز Hello Kitty Jet ايئربس A330-200 ڪمرشل پئسينجر جيٽ ايئر لائينر وغيره. ان کان علاوه ڳهه ڳٺا ۽ ريسٽورنٽون هن نالي سان مشهور آهن. تائپي (تائيوان) ۾ هيلو ڪِٽي ريسٽورنٽ آهي جنهن ۾ هن شڪل جا چاڪليٽ ۽ بسڪيٽ وڪامجن ٿا. سڊني (آسٽريليا) ۾ “هيلو ڪٽي ڊائنر” هوٽل آهي. اهڙي طرح ڪولون (هانگ ڪانگ) ۾ به هيلو ڪِٽي نالي هوٽل مشهور آهي.
“هيلو ڪٽي ڪيفي” ته دنيا جي ڪيترن ئي شهرن ۾ آهن جيئن ته سول (ڏکڻ ڪوريا) ۽ ان ملڪ جي ته ٻين شهرن ۾ به، بئنڪاڪ (ٿائلينڊ)، Adelaide ۽ آسٽريليا جي ٻين شهرن ۾، آمريڪا جي ڪئليفورنيا رياست جي ارون ۽ سانتا انيتا مال ۾. تائيوان جي هڪ شهر Yuanlin ۾ ته “هيلو ڪِٽي مئٽرنٽي اسپتال” به آهي جتي هر چادر، بلاڪيٽ، وهاڻي، نرسن جي يونيفارم… ويندي ٻارن جي سرٽيفڪيٽن تي “هيلو ڪِٽي” جو مونو گرام ٺهيل آهي. آئون ته اهو چوندس ته هڪ ته سانريو ڪمپني جو مالڪ شنتارو تسوجي (Shintaro Tsuji) خوش نصيب آهي ۽ ٻيو هن ٻلي نما جاپاني ڇوڪري Kitty جي ڊزائينرر يوڪو شميزو (Yoko Shimizu) جنهن اهڙو ڪردار ايجاد ڪري خوب ڪمايو. يوڪيو شميزو عمر ۾ اسان جيڏي ٿيندي ۽ ٽوڪيو ۾ رهي ٿي.