اڃان رات باقي آهي…! منظور ڪلهوڙو August 2021

بابو مزدور هو، رنگ جو ڪم ڪندو هو. امان ٻڌائيندي هئي ڳوٺ ۾ اسان جو هڪ ڪچي ڪمري تي مشتمل گهر هو. گهر ڇا؟ هڪ ڪچو ڪوٺو! چڱو خاصو اڱڻ ۽ ان ۾ بيٺل هڪ نم جو وڻ.

امان بابي کي پسند آئي هئي. چوندي هئي پڻهي ابي کي ٽيھه هزار ڏئي منهنجو سڱ ورتو. بابو قدآور، سنهڙو، پر رنگ جو سانورو هو ۽ امان وري قد جي پُوري پُني، بت ۾ ٿورڙي ڀريل، غضب جي نقشن واري ۽ سهڻي اهڙي جو ويٺو ڏس. چوندي هئي ڳوٺ وارا پڻهي تي جڪون کائيندا هئا ته هي مئو ڳورپٽ ڏس ۽ خانم به ڏس!

چوندي هئي پڻهي دادو ۾ رنگ جو ڪم ڪندو هو، ٻه ٻه ٽي ٽي ڏينهن گهر نه ايندو هو. ادي حسنه بانبڙا ڏيڻ لڳي ته امان ٻڌايو هو ته مان پڻهي سان جهيڙا ڪرڻ لڳيس ته اسان کي به دادو وٺي هل. گهٽ ۾ گهٽ تون رات جو ته گهر ايندين نه. هتي ڳوٺ تون ايترا ايترا ڏينهن نٿو اچين ته پٺيان مون سان ڪهڙي حالت ٿئي ٿي؟ ابو به ڪڏهن ڪڏهن رات جو نٿو اچي ته ويهي راتيون ٿي ڪٽيان! بيماري سيماري آ مان اڪيلي زال ڪيئن نباھ ڪريان. جڏهن تون ڄائينءَ ته امان چوندي هئي ته مان بيبيءَ کان اڳواٽ پڇي ڇڏيو هو ته جيڪڏهن ڌيءَ ٿي ته نالو ڇا رکانس؟ جڏهن تون پيدا ٿئينءَ ته بيبي جي ٻڌايل نالي تي تنهنجو نالو ”افشين“ رکيم.

هاڻي پڻهين سان منهنجو روز جهيڙو هوندو هو ته يا مون کي دادو وٺي هل يا ڳوٺ ۾ ڪا ڪڙمت ڪر يا ڪو ٻيو ڌنڌو ڌاڙي ڪر. نيٺ هڪ ڏينهن ٻن چئن ڏينهن جي وقفي کانپوءِ منجهند ٽاڪ جو سهڪندو آيو.

چيائين اُٿ تيار ٿي، سامان سڙو ٻڌ ته پاڻ دادو ٿا هلون. مون کي دادو ۾ رئيس شاهنواز خان جي بنگلي جي رنگ جو ڪم مليو آهي. شاهنواز خان کي منهنجي رنگ جو ڪم ڏاڍو پسند آيو آهي. ٽي چار مهينا ته ڪم پڪو هلندو. بنگلي جي ڀرسان رئيس جي ٻن ڪمرن واري جاءِ آهي جڏهن ٻڌايومانس ته رئيس پوئتي ڳوٺ ۾ ٻار اڪيلا آهن، ڏاڍي چنتا ٿي رهي سائين. توهان جي جاءِ به خالي پئي آهي. منهنجو جيڪو غريباڻو حال آهي اوتري مسواڙ ڏيندس جي مهرباني ڪري رهڻ لاءِ ڏيو ته ٻار وٺي اچي هڪ من و دلجاءِ سان بنگلي جو ڪم ڪريان. اڄ کڻي ها ڪيائين، تون به مٿو چٽي وئي هئينءَ، هاڻي هل سائين دادو!

بچل، جنهن کي بچو بچو ڪري سڏيندا هئا اهو رئيس شاهنواز خان جي شهر واري بنگلي تي نوڪر، چوڪيدار، بورچي ۽ ڊرائيور جو به ڪم ڪندو هو. اهو پڻهين جو دوست ٿي ويو هو. اهو بنگلي تان برف، چانھ، رڌل ٻوڙ ڀاڄي ڀُتي، پڻهين هوندي يا ڪڏهن بنگلي تي پڻهين ڪم ڪندو هو ته سودو سلف ڏيئي ويندو هو. گرميون زورن تي هيون ۽ توهان ٻئي ٿڌي پاڻي لاءِ روئينديون هيون ته مون هڪ ڏينهن بچو کي چيو ته شام جو به برف جو هڪ وٽو ڏيو وڃ ٻار ٿڌي پاڻي لاءِ ڏاڍو روئن ٿا. ها ڪري ويو ۽ پوءِ هر روز شام جو به برف جو وٽو ڏيئي ويندو هو.

هڪ ڪچڙي منجهند جو بچو برف کڻي آيو. ڇا ڏسان بچوءَ سان جواڻ جماڻ، موڪري ڇاتي، وٽيل سٽيل شهپر، اکين تي ڪارو چشمو ۽ بوسڪي جو وڳو پهريل به گهر اندر هليو آيو. مان هڪي ٻڪي ٿي ويس. هن جيئن ئي مون کي ڏٺو ته اکين تان ڪارو چشمو لاهي منهنجي منهن ۾ گُهورڻ لڳو. بچو ڏند ٽيڙيندي چيو، ڀاڄائي هي رئيس بهرام خان آهي، رئيس شاهنواز خان جو وڏو نينگر. مان صفا ڏڪي ويس، مون کان اکر نه پئي اڪليو. بهرام خان جي چهري ۾ اهڙي ته هشمت هئي جو مان ان جي اکين ۾ نهاري نه پئي سگهيس، پر هو اکيون ڦاڙي مون کي ڏسندو رهيو. مان بيهي نه سگهيس بچوءَ کان برف جو وٽو وٺي توکي اندر کڻي هلي ويس. اهو سڄو ڏينهن ۽ رات ان اڻتڻ ۾ گذري ته پڻهين کي ٻڌايان يا نه؟ ته ٻئي ڏينهن منجهند جو ڏاڍي گرمي هئي. ڪانوءَ جي اک پئي نڪتي، حسنه مون سان کٽ تي ستل هئي ۽ توکي مان کٽ ۾ ٻڌل پينگهي ۾ لوڏي رهي هئس. ڇا ڏسان ته بهرام خان تڪڙو تڪڙو سڌو ڪمري ۾ ڌوڪيندو آيو. مان اڃان اهو چوڻ چاهيو ته هي ڇا آهي؟ هيڏي ڪاڏي…؟ ته منهنجي منهن مان ڀاپيندي منهنجي وات تي هٿ رکي چيائين آهستي ٻار ستا پيا آهن، جاڳي نه پون. منهنجي جسم ۾ رڦڻي ٿي. ڀوءَ وچان رت مڙي منهنجي منهن ۾ آئي. چيائين ڏڪين ڇو ٿي؟ مان به انسان آهيان. ڊڄ نه تنهنجي ان ”ڪاري ٽيٽيهر“ کي بچوءَ سان شهر رنگ وٺڻ لاءِ موڪليو اٿم. چوندي منهنجي وات تان هٿ هٽايائين. منهنجو هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺي پاڻ سان گڏ کٽ تي ويهاري منهنجي چهري ۾ گهوريندي ڳالهايائين، مون تي منهنجي ڏاڏي جو نالو بهرام خان پيل آهي، پر مون کي سڪندر خان به سڏيندا آهن. پنج هزار جريبن جو مالڪ آهيان، اسان هتان جا ڌڻي آهيون. جيڪو چاهيون، جيئن چاهيون اهو ڪري سگهون ٿا. هي بنگلو ڏسين ٿي جتي تو وارو مڙس ڪم ٿو ڪري اهڙا بنگلا منهنجا وڏن شهرن ڪراچي ۽ حيدرآباد… ۾ به اٿئي!

مون کي بچو جڏهن تنهنجي متعلق ٻڌايو ته مون کي يقين نه آيو. ڪلھ جڏهن توکي ڏٺم ته اڄ توڏانهن اچڻ کانسواءِ رهي نه سگهيس، نه ته اسان تي ته راڄ مرن ٿا ۽ اسان ڪنهن کي اک کڻي ڏسون به نه!! پر تنهنجو معاملو ٻيو آهي، تون پاڻ کي به ڏس ۽ ان ڪاري ٽيٽيهر کي به ڏس.

مون کي ته سمجھ ۾ نٿو اچي ته تون ان… ٽيٽيهر سان گذارو ڪيئن ٿي ڪرين؟!

ههڙي حورن جهڙي سهڻي سيبتي، مورن جهڙي… ان ڪاري ڪٺ سان ڏُکن ڏوجهرن ۾ ڪيئن پئي گهارين ته پاڻ سان گڏ انهن معصومن کي به پئي تڙپائين. بهرام خان ڳالهائيندو رهيو. هاڻي امان جي جان ۾ جان آئي. ٿورو خوف ڍرو ٿيس.

ڳالهائين ڇو نٿي؟

امان خاموش جهڙي ڀت! اکيون بهرام خان جي چهري تي کتل هئس. بهرام خان جي چهري جي هشمت اڄ اڃان وڌيڪ امان کي گهائي رهي هئي.

امان کي چپن ۾ رڦڻي ٿي، پر ڳالهائي نه سگهي.

مون سان شادي ڪندينءَ؟ کلي امان کي چيائين. سچ ٿو چوان، مون سان شادي ڪندينءَ؟ پنهنجي راڻي بڻائي رکندو سانءِ. تون ان ٽيٽيهر جو خيال نه ڪر ان جو بندوبست مان پاڻهي ڪندس! چوندي اٿي بيٺو. امان وائڙن وانگر کيس ڏسندي رهي.

چڱو اڄ هلان ٿو، سڀاڻي وري ايندس. تون خوف نه ڪر تنهنجو ڪو نالو به نه وٺندو. مان ويٺو آهيان نه. چوندي تڪڙو تڪڙو ٻاهر نڪري ويو.

ٽن مهينن گذرڻ کان اڳ ئي اوچتو هڪ ڏينهن بهرام خان بابي کي جاءِ خالي ڪرڻ لاءِ چيو. بابو ڏاڍو پريشان ٿيو ته اوچتو اهڙو ڇا ٿيو جو بهرام خان سڀاڻي جو سڀاڻي جاءِ خالي ڪرڻ لاءِ چيو، پر بچوءَ جي ايلاز منٿن تي رئيس هڪ ٻن ڏينهنن جي مهلت ڏنس ۽ بچو هٿ پير هڻي غريب آباد ۾ ٻن ڪمرن واري هڪ پراڻي جاءِ مسواڙ تي ڳولي ڏنس. بابو ويچارو بچوءَ جا ڳڻ ڳائڻ لڳو هو ته بچو جيڪڏهن مڙسي نه ڪري ها ته پاڻ ڏاڍو دربدر ٿيون ها.

اسان غريب آباد واري گهر ۾ اچي ويٺاسين. بابو رئيس جي بنگلي تي ڪم ڪندو رهيو. هيڏانهن بابو بنگلي تي رنگ لاءِ پهچندو هو هوڏانهن بهرام خان اسان جي غريب آباد واري گهر هليو ايندو هو. حسنه سمجھ ڀري هئي. امان ۽ بچوءَ جي چوڻ تي بابي حسنه کي اسڪول داخل ڪرائي ڇڏيو. هاڻي امان کي اهو فڪر به نه رهيو، رئيس کي ته اڳ ئي پرواھ نه هئي! اڳتي هلي بابي ۽ بچو امان جي چوڻ تي مون کي به اسڪول ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو. بچو هاڻي اسان جي گهر جو ڀاتي هو. هو اسان جي گهر بنا روڪ ٽوڪ ۽ اطلاع ڏيڻ جي هليو ايندو هو. ۽ بچو هاڻي بابي جو پڳ مٽ يار هو.

بهرام خان هاڻي جڏهن هفتن جا هفتا نه ايندو هو ته امان ڏاڍي چڙچڙي ٿيندي هئي. بابي سان ٿوري ٿوري ڳالھ تي وڙهي پوندي هئي.

اسان کي به ماريندي هئي، پر بابو درگذر ڪندو رهندو هو.

مان جڏهن ٽئين ڪلاس ۾ آيس ته بابو اوچتو ڏاڍو بيمار ٿي پيو تڏهن به ويچارو ڪم تي ويندو هو. چوندو هو ته جيڪڏهن ڪم تي نه ويندس ته جاءِ جي مسواڙ جا پئسا ڪير ڀريندو؟ گهر جو گاڏو ڪيئن هلندو؟ ايئن هڪ ڏينهن گرميءَ ۾ ڪم ڪندي مٿو ڦري ويس ۽ ڏاڪڻ تان ڪري پيو. رنگ وارا ڪاريگر اسپتال ۾ ڏيکاري گهر ڇڏي ويس. بابو ڏاڍو عليل ٿي ويو هو. سڀ چوندا هئا هاڻي مشڪل بچي، پر هڪ رنگ وارو دوست جيڪڏهن مدد ڪري علاج نه ڪرائيس ها ۽ خيال نه ڪريس ها ته واقعي بابو الله کي پيارو ٿي وڃي ها.

بابو ٺيڪ ٿيو ته هاڻي ڪم تي وڃڻ لڳو.

هڪ شام جو بابو جيئن ئي گهر موٽيو ته امان سان ڏاڍو جهيڙو ڪيائين. پهريون دفعو سخت نموني سان مار به ڏنائينس. امان کي سمجھ ۾ نه آيو ته آخر ٿيو ڇا آهي؟

بابو هر هر امان کي چئي رهيو هو ته تون شهر اچڻ لاءِ ان ڪري مرندي هئينءَ؟ اڙي غيرت… عزت سڀ ڪجھ آهي. ڀلي بک ڀرم جي شال نه وڃي شان… مون کي سڀ تنهنجون خبرون پئجي ويون آهن ۽ پوءِ بچوءَ کي گارين ۾ شروع ٿيو. چوي اهو هاڻي اچي ته ان جي منڍي ٿو لاهيان. اندران ڪهاڙي کڻي ان کي ٺپڻ ويٺو. امان ڪڇي ڄڻ ڀت!

ان رات اسان جلد ماني کائي سمهي پياسين. صبح جو امان جي پار ڪڍي روئڻ تي جاڳي پياسين. امان دانهون ڪري ٻڌايو ته بابو رات مري ويو!!

ڪجھ وقت کانپوءِ اسان دادو ڇڏيو. بهرام خان پهريان اسان کي ڪوئيٽا وٺي آيو. شاندار بنگلو، باغيچو، گاڏيون، نوان نوان ڪپڙا، سينڊل، کائڻ پيئڻ لاءِ گهڻيون گهڻيون شيون… ڇا ڇا نه هو. اهو سڀ ڪجھ اسان پهريون دفعو ڏٺو هو.

امان کي ته بابو ياد ئي نه هو، پر ڪجھ ڏينهن کانپوءِ اسان کان به وسري ويو. هڪ ٻه هفتا بهرام خان اسان سان رهيو، پر پوءِ بچو کي اسان وٽ ڇڏي پاڻ دادو هليو ويو.

هاڻي امان اسان کي ڪوئيٽا جي اسڪول ۾ داخل ڪرايو. اسان پنهنجي گاڏي ۾ اسڪول ايندا ويندا هئاسين ۽ شام جو هڪ ٽيوٽر اسان جي گهر اچي اسان کي ٽيوشن پڙهائيندو هو.

هاڻي بچو اسان جو نوڪر، ڊرائيور ۽ بورچي هو. امان ڪڏهن ڪڏهن چوندي هئس، بچو اڄ مان جيڪو سکيو ٽڪر کانوان ٿي اهو سڀ ڪجھ تنهنجي ڪري آهي ته بچو ڦڪي ٻٽيهي ڪڍي واڇون ٽيڙي چوندو هو ڇا رکيو هو ان ڪاري ٽيٽيهر ۾!

مون کي اهي ڳالهيون سمجھ ۾ نه اينديون هيون، پر ادي حسنه جو الائي ڇو موڊ آف ٿي ويندو هو ۽ هوءَ اٿي ڪمري اندر هلي ويندي هئي.

رئيس بهرام اسان کي ڪجھ سال ڪوئيٽا ۾ رهايو پوءِ اسان کي سکر وٺي آيو. هاڻي هو هفتي پندرهين ڏينهن نه، پر مهيني ماسي ايندو هو. پهرين ايندو هو ته هفتن جا هفتا رهي پوندو هو، پر هاڻي مشڪل سان هڪ ٻه ڏينهن رهي هليو ويندو هو. هڪ دفعي ته پورا ڇھ مهينا نه آيو. امان بچو کان بار بار پڇندي هئي، پر اسان کي ڏسي خاموش ٿي ويندي هئي.

ادي حسنه ڪاليج مان انٽر پاس ڪرڻ کانپوءِ پڙهڻ کان جواب ڏيئي ڇڏيو هو. مان به ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪري چڪي هئس.

رئيس وڌيڪ ٻه مهينا اسان ڏي نه آيو. مون هڪ دفعي لڪي ٻڌو ته بچو امان کي چئي رهيو هو ته دادو مان هڪ سيٺ واڻيو آسن داس اغوا ٿيو آهي. ايس پي چوي ٿو آسن داس کي رئيس اغوا ڪرائي ٻه ڪروڙ ڀنگ ورتو آهي. ان ڪري رئيس ايس پي جي بدلي ۽ بلي ڪرڻ ۾ لڳو پيو آهي. ان ڪري رئيس جي خبر ئي نٿي پوي ته رئيس رهي ڪٿي ٿو!

بچو ۽ امان جون ڳالهيون لڪي لڪي ٻڌڻ کانپوءِ هاڻي مون کي پتو پوڻ لڳو هو ته رئيس بهرام خان آدي بڻيادي امير هوندي به فطرتن ڏوهاري ذهنيت وارو هو. امير هوندي اغوائون، ڦرون، ڪار لفٽنگ، هٿيارن جي ڪاروبار سميت ٻين سنگين ڏوهن جا شوق پاليندو اچي پيو.

هڪ ڏينهن اوچتو رئيس اسان وٽ آيو. امان ڏاڍي خوش ٿي، پر رات جو امان جي ڪمري ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا. امان جي دانهن مٿان دانهن هئي. مان ۽ ادي حسنه پنهنجي ڪمري مان نڪري امان جي ڪمري جي در ٻاهران بيهي رهياسين. رئيس ڪمري اندر امان کي ماري رهيو هو. امان جون دانهون هاڻي اسان جي برداشت کان ٻاهر هيون. حسنه ڏاڍي ڊڄڻي هئي، صفا ڏڪي رهي هئي. مون همت ڪري دروازو کڙڪائي امان کي سڏيو. جيئن ئي دروازو کليو رئيس اگهاڙو نانگو هو. سڄو جسم وارن سان ڀڀوت هئس. رئيس هاڻي ننڍي ڏاڙهي رکڻ شروع ڪئي هئي. ڏاڙهي ۽ ڪاوڙ ڪري اڃان وڌيڪ غضبناڪ لڳي رهيو هو. حسنه رئيس کي ان حالت ۾ ڏسندي ئي رڙيون ڪندي پنهنجي ڪمري اندر ڀڄي وئي. رئيس جون ڳاڙهيون لال اکيون، خوفائتو چهرو ڊيڄارڻ لاءِ ڪافي هو.

مان به بيهي نه سگهيس ڊڪ پائي ڪمري ۾ حسنه کي چنبڙي رڙيون ڪري روئڻ لڳس. حسنه اڃان امان کي اگهاڙي بت سان نه ڏٺو هو. مون ان کي ڏٺو، امان جي منهن ۽ سڄي جسم تي نيرا، ساوا داغ ۽ ڊٻڙ هئا. امان جون ٻئي اکيون سڄيل ۽ سايون هيون. ان رات وقفي وقفي سان امان جي روئڻ جو آواز اسان جي ڪمري ۾ ايندو رهيو.

صبح جو رئيس هليو ويو. ڪجھ ڏينهن جي گذرڻ کانپوءِ امان جا ڦٽ ڇٽڻ لڳا هئا. هڪ شام رئيس وري اسان وٽ آيو. امان پنهنجي ڪمري ۾ هئي. سومهڻي جو وقت هو. رئيس لائونج ۾ ويٺي شراب پئي پيتو. اوچتو مون کي سڏ ڪري چيائين ماءُ واري ڪمري مان منهنجون گوريون کڻي اچ. مان جيئن ئي ڪمري ۾ داخل ٿيس ته پٺيان رئيس يڪدم ڪمري جو در ٻاهران بند ڪري ڇڏيو.

امان رڙيون ڪري در کي ڌڪ هڻڻ لڳي. مون کي ڪجھ سمجھ ۾ نه آيو. مان به امان کي اُڀ ڦاڙ رڙيون ڪندي ڏسي روئڻ لڳس، روئندي روئندي امان کي ڇنبڙي پيس.

هاڻي پرئين ڪمري مان ادي حسنه جون دانهون اچڻ لڳيون. اهڙيون دانهون جيڪي مون اڳ نه ٻڌيون هيون. حسنه جي دانهن ۾ اسان جون دانهون دٻجي پئي ويون. هاڻي مون کي سڀ ڪجھ سمجھ ۾ اچڻ لڳو. مون کي امان کان نفرت ٿيڻ لڳي. مون ان کي ڌڪو ڏئي پاڻ کان پري ڪري ڇڏيو. آهستي آهستي حسنه جون دانهون مرنديون رهيون.

ڪافي دير کانپوءِ بچو اسان جو دروازو کوليو. مان امان کان اڳ ۾ حسنه جي ڪمري ۾ داخل ٿيس. حسنه رت ۾ لت پت هئي. اکيون ڇت ۾ هئس. ساھ ئي نه پئي کنيائين. مون سمجهيو رئيس حسنه کي ماري ڀڄي ويو. مون کي ششدر ڏسي اوچتو حسنه اڀ ڦار رڙ ڪئي. امان در تي بيٺي در سان سر ٽڪرائي ڪيهاٽ ڪرڻ لڳي.

اسان جو گهر کان ٻاهر نڪرڻ بند ٿي ويو. سختي وڌي وئي هئي. رئيس ٻه گارڊ در تي ويهاري ڇڏيا هئا. هاڻي رئيس امان جي ڪمري ۾ نه ويندو هو، حسنه ڏي ويندو هو، پر ڪڏهن به رات نه ٽڪندو هو. اهو سلسلو لڳاتار ٽي چار مهينا هلندو رهيو. ان دوران ڪا مزاحمت نه ڏسندي رئيس اسان تان ڪافي سختي گهٽائي چڪو هو. مان ڪاليج وڃي امتحان ڏئي آئي هئس.

هڪ ڏينهن ڪجھ عورتون اسان جي گهر آيون. امان انهن کي ڀليڪار ڪيو، ڳالهايو ٻولهايو، ڄڻ امان کي اڳواٽ خبر هئي. انهن عورتن حسنه کي ميندي هنئي، شادي جو وڳو ۽ زيور پارايا. اوچتو رئيس به گهر آيو. ٿوري دير ۾ حسنه جو نڪاح ٿيو  ۽ هو حسنه کي پاڻ سان گڏ وٺي هليا ويا. رئيس حسنه جا لک وٺي پنهنجي هڪ ڪاٽڪو سان پرڻائي ڇڏيو. حسنه ان ڏينهن اداس ۽ ويڳاڻي ٿي ويٺي رهي، نه مون سان ڳالهايائين نه امان سان. نه اک ۾ ڪو ڳوڙهو هئس نه چهري تي ڪو تاثر هئس. هوءَ اسان جي گهر مان هڪ زنده لاش جيان وڃي رهي هئي ته آخر ۾ ويندي ويندي جڏهن مان دروازي تي ادي!… چئي ٻک وڌومانس ته ڀريل ڪڪر جيان هارجي پئي هئي، پر اتي جو اتي پاڻ سنڀالي امان کي نفرت وچان ڏسندي هلي وئي!!!

هاڻي منهنجو وارو هو امان ۽ مون خوب پئي ڄاتو. رئيس ڇتي ڪتي جيان گگ ڳاڙڻ لڳو هو هاڻي جڏهن به ايندو هو مون کي ويٺو گهوريندو هو. امان هاڻي رئيس لاءِ لٻيل، پاروٿو ۽ اوسني… مال جيان هئي.

رئيس اسان لاءِ اهو نانگ هو جنهن پهريان امان کي پوءِ حسنه کي ۽ هاڻي مون کي ڏنگڻ لاءِ تيار ويٺو هو.

امان کان مون کي هاڻي نفرت ٿي وئي هئي. منهنجو اندر رڻ جي پٽ جيان ويران، سڪل ۽ اجاڙ بڻجي چڪو هو. امان سان ويتر نفرت دشمني ۾ بدلجي وئي هئي، جڏهن حسنه ويندي ويندي مون کي ٻڌائي وئي هئي ته جڏهن بابا کي رئيس ۽ امان جي چڪر جي خبر پئجي وئي هئي ته امان ان جهيڙي واري رات بابا کي زهر ڏئي ماري ڇڏيو هو. امان ڪوڙ هڻندي آهي ته بهرام خان مون سان شادي ڪئي آهي، پر رئيس امان سان  ڪا شادي نه ڪئي آهي امان رئيس جي سُريت آهي.

ان شام جو ڏاڍي تيز برسات پئي هئي امان اوچتو منهنجي ڪمري ۾ آئي. هٿ ۾ ٿيلهي هئس روئندي مون کي ڀاڪر وجهي ٿيلهي هٿ ۾ ڏيندي چيائين افشين جلدي ڪر گهر مان ڀڄي وڃ. هن ٿيلهي ۾ زيور ۽ ڪجھ پئسا اٿئي. رئيس اچڻ وارو آهي. بچو رات لاءِ ان جو سامان وٺڻ ويو آهي. جلدي ڪر نڪر نه ته اڄ تنهنجو وارو آهي.

مون نفرت وچان امان کي پاڻ کان پري ڪندي ڌڪو ڏنو… امان جيئن ئي ڀت سان وڃي لڳي ته وات مان رت جي وڏي الٽي آيس، مٿو چڪرائجڻ لڳس. چچريل اکرن ۾ چيائين افشي… ن… افشي… ن جلدي ڪر نڪر… آڪاش وٽ هلي وڃ.

آڪاش جو نالو امان جي واتان ٻڌندي مون کان ڇرڪ نڪري ويا. آڪاش جي امان کي ڪيئن خبر پئي؟ اها خبر ته رڳو حسنه کي هئي.

امان کي وري رت جي الٽي آئي. ڊوڙي وڃي ڀاڪر ۾ ڀري پڇيومانس، امان هي ڇا هي؟

نظرون منهنجي چهري تي کپائي ڇڏيائين اکين مان نير نيسارا ٿي وهي پيس. سڏڪندي چيائين جلدي ن… ڪ… رر… هو ظالم نه اچي. مون زهر کائي ڇڏيو آهي.

مون رڙ ڪئي امان!… تو هي ڇا ڪيو؟!

امان کي وري رت جي الٽي آئي، اوچتو ايڏو طاقت سان ڦٿڙي جو منهنجي ٻانهن مان ڇڏائي فرش تي منهنجي سامهون کرڙيون هڻي آخر ۾ وڏو ساھ کڻي دم ڏنائين.

پوءِ مان آڪاش وٽ ڪيئن پهتس، آڪاش ۽ مان ڪيئن اسلام آباد جي جهنگ جا واسي ٿياسين؟ اهو وري ڪنهن ٻئي دفعي، افشين پنهنجي ڌيءَ سُندس جي اکين ۾ اکيون ملائيندي ٻنهي هٿن کي ان جي هٿن ۾ مضبوط پڪڙيندي چيو ته سُندس جي اکين مان ڳوڙها ڳڙي پيا. ماءُ کي زودار ڀاڪر ۾ ڀري چمي ڏئي چيائينس،

امي ايڏو درد سالن کان سانڍيو ويٺا رهيا آهيو.

اوچتو ڪمري جو دروازو کليو آڪاش ماءُ ۽ ڌيءَ کي جاڳندي ڏسي چيو،

خير ته آهي رات جا ٽي ٿي رهيا آهن. اسلام آباد جي قهري سرديءَ ۾ به اوهان کي سيءُ نٿو لڳي.

اسان کي ته نٿو ٿئي، لڳي ٿو توکي اڪيلي سمهندي سيءُ ٿيو آهي. افشين کلندي آڪاش کي چيو.

ٻيو نه ته!

فڪر نه ڪريو ”اڃان رات باقي آهي.“ افشين اهو چوندي ڌيءَ جي ڪمري مان اٿي سُندس کي گڊ نائيٽ چئي آڪاش سان پنهنجي ڪمري ۾ هلي وئي.

سُندس وڏو ٿڌو

ساھ کڻي چيو،

او خدايا… ايڏو درد… منهنجي اميءَ کي.

ٻاهر آسمان ۾ گجگوڙ ٿي، کنوڻين جا چمڪاٽ ٿيا. ٻاهر برسات ڇم ڇم ڪري وسي پئي. اندر ڪمري ۾ سُندس پنهنجي بستري ۾ آسمان جيان نير وهائيندي اوندھ ۾ اکيون ٽمڪائيندي رهي ڇو ته ننڊ نيڻن مان ڪونهين ڏور هلي وئي هئس!

***