”يوٿوپيا“-ماضي،حال ۽ مستقبل!
(ڪليم ٻٽ جي ناول”يوٿوپيا“جو تجزيو)
هن دنيا ۾ انساني ترقيءَ جو ڀرپور سفر سائنس جي آڌار تي ئي رهيو آهي. مذهب انساني شعور اڳيان ڪنهن بند جيان ئي پئي رهيو آهي. انساني زندگيءَ جي سڀني شعبن ۾ هر روز ايندڙ نيون نيون تبديليون سوچ جي وڌندڙ سفر جي گواهي ڏين ٿيون. جتي دنيا تبديليءَ جي تناظر مان گذرندي پنهنجي اَڻ مِٽ اثرن ۾ هر شيءِ تي پنهنجا رنگ ۽ عڪس ڇڏيندي رهي آهي، بلڪل ان ريت ادب جي دنيا به انهن اثرن کان بچي نه سگهي آهي.
لوڪ ڏاهپ/ادب، ڪلاسيڪيت توڙي روايتي ادب، جديديت، وجوديت توڙي جديديت پڄاڻان وارا ادبي رويا عالمي ادب سميت سنڌي ادب تي به پنهنجا پاڇاوان ڇڏيندا رهيا آهن.
اڄ هن جديديت پڄاڻان جي دور ۾ جتي ادب ان جي اثر هيٺ رهيو آهي، اُتي سموري دنيا پڻ ان جي رويي ۾ پاڻ کي تحليل ڪري چڪي آهي.
اڄ دنيا جا قدر سڪڙجي، جديديت پڄاڻان جي دائري ۾ اچي پنهنجي اهميت ۽ حيثيت ڪنهن تجريديت واري بڻائي ويٺا آهن، جتي ڪنهن وقت، ڪجهه به ٿيڻ جو انديشو نانگ جي ڦڻ وانگر ڪر کنيو پيو ماڻهوءَ کي تڪي. اهڙي دور ۾ انساني رشتن ناتن، لاڳاپن، سوچ سمجهه، ڳالهائڻ، اٿڻ ويهڻ، ملڻ ۽ کلڻ تائين سڀ احساس مصنوعيت جي ور چڙهي، پنهنجي اصل فطرت کان ڪٽجي نه سمجهه ۾ ايندڙ هڪ عجيب بيگانگيءَ جي صورت وٺي انسان ۾ سرايت ڪري ويا آهن، جو دنياوي ڪاروهنوار جو انداز سڌوسنئون رستو ڇڏي منجهيل رستن جو راهي بڻجي پيو آهي. دنيا پل پل نون زاوين مان گُذرندي عارضيت جي ورجاءُ ۾ وٺبي پئي وڃي، جنهن جو ڪو به نظريو ناهي. هن غير نظرياتي دنيا جي ترقيءَ ۾ اڄ جو انسان سائنس جي چوواٽي تي ميلي ۾ وڃايل ڪنهن ٻار جيان حيران ۽ پريشان خاموش بيٺو آهي. انساني رويا، قدر پنهنجي دائميت وڃائي، اڻ ڄاڻائيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڏينهون ڏينهن غرق پيا ٿيندا وڃن. دولت جي هن دقيانوسي دور ماڻهپي جون سڀئي حدون اورانگهي حيوانيت جي حاصلات کي ئي سڀ کان اُتم ڄاتو آهي. ترقيءَ جي تيز تلوار ماڻهوءَ جا پير وڍي ڇڏيا آهن ۽ ٽيڪنالوجي جي ٽياس تي هٿن کي مصلوب ڪيو ويو آهي. اصل جو پاڇو به اغوا ڪري اهڙو ته گُم ڪيو ويو آهي، جو ماڻهو نقل جي نوڪ تي ڦٿڪي رهيا آهن. جتي علم، ادب، سياست، سائنس، آرٽ مطلب ته زندگيءَ جا سڀئي شعبا ترقيءَ جي طوفان ۾ ڪک پن ٿي، پنهنجي وڃايل سڃاڻپ کي ڳولي رهيا آهن. اهڙي وقت ۾ جتي هر شيءِ بازار جو وکر هجي، اتي اڄ جو خريدار ڪنهن خواب جو پاڇو ئي وڃي رهيو آهي. اهڙي سمجهه انساني دل ۽ دماغ کي پنهنجي سحر ۾ اهڙو ته سوگهو کڻي ڪيو آهي جو اهي دنيا جي پل پل بدلجندڙ روين کان پنهنجو پلاند آجو نه ڪري سگهيا آهن.
فلسفو، سائنس، سياست، مذهب، ادب، آرٽ، نفسيات، جنسيات، سماجيات يا ٻيا سڀئي شعبا جديديت پڄاڻان جي اُبتي گنگا جي وهڪري ۾ وهندي پنهنجي اصل فطرت کان ڪٽجي، اڻ ڄاڻائيءَ جو دوزخ ڀوڳي رهيا آهن. سمجهه کان بالاتر، سوچ جي دائرن کان دور جديديت پڄاڻان جي اثرن ۾ هر شيءِ بي ترتيبيءَ جي اُوندھ کڻي ڊجيٽل دنيا ۾ داخل ٿئي ٿي. جتي تصور جي دنيا چَمڙي جيئن ڪنهن اونداهي غار ۾ اوندهي لڙڪيل آهي.
”يوٿوپيا“ڪليم ٻُٽ جي تصور جي جديديت پڄاڻان دنيا جو اهڙو ناول آهي جنهن ۾ داخل ٿي ڪنهن ديواني جي هٿ ۾ جهليل دٻي ۾ ٺڪرين جيئن کڙڪندي دماغ دٻو ٿي هن دنيا جي جديديت پڄاڻان جي عڪاسي ڪندي اُلجهنن جي ڪُنن ۾ گهوماٽيون کائڻ لڳي ٿو.
”يوٿوپيا“ ناول جديديت پڄاڻان جي اثر ۾ لکيل هڪ اهڙو ناول آهي، جنهن جو ڪيئنواس جوڙڻ لاءِ جوڙيل ڪهاڻيون، سندن ڪردار، ڪرادرن جي بي ترتيبي، انهن جي جياپي جو انداز توڙي جو علامتي رنگ ۾ جوڙيل آهي پر ان جا اشارا يا پيرا ڪنهن به تاريخي شعور رکندڙ کان ڳُجها نٿا رهي سگهن.
دراصل هي ناول ”يوٿوپيا“ جي ڪهاڻي جديديت پڄاڻان واري دنيا جي منجهيل ۽ سمجهه کان مٿاهين روش ۽ ان سان گڏ سنڌ جي ويجهي ماضيءَ جي سياسي حالتن جي اڄ سوڌو پس پرده عڪاسي آهي۔
”يوٿوپيا“ تاريخ جي ديوَ اڳيان رڳو تخريبڪاري، دهشت، انتها پسندي، سياست جي نَوَٽِڻ، مسلسل عسڪري مداخلت ماڻهوءَ کي پنهنجي مرضيءَ مطابق سوچرائڻ ۽ عمل ڪرائڻ ۽ آرٽ جهڙي اعليٰ ۽ سگهاري وٿ کي ڪجهه نه سمجهڻ جهڙا اوگڻ هن ناول جو بنياد آهن، جن کي ڪليم ٻٽ سٺي نموني نڀائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر پوءِ به سندس لکڻيءَ وارو ساڳيو رويو جيڪو سندس اڳين ناولن ۾ مثلن تاريخي، مذهبي يا ڏندڪٿائي رنگ وارو ملي ٿو، پر اهو اڃا به پختگي جي گُهر ڪري ٿو. جملن ۾ اظهار لاءِ ڪتب آندل ٻولي ڪا خاص دلچسپ ناهي، پر ڪٿي ڪٿي تز ۽ ادبي وڻندڙ جملا يا پيرا گراف پڻ موجود آهن، جيڪي ”يوٿوپيا“ جي دنيا واري ناول کي وڌيڪ سگهارو ڪن ٿا.
ناول ”يوٿوپيا“ جي ڪهاڻيءَ جي بيهڪ جا حصا ڪجهه هن ريت آهن، جيبي، ماسمو، گنجيڙيءَ جو سياستدان ٿيڻ، جيبي، ماسمو، آئسوليشن سٽي واري رٿ، گنجيڙيءَ جو ڌرڻو، آئيسوليشن سٽي واري رٿ، جيبي ۽ ماسمو.
پهرين حصي ۾ جيبي مخاطب ٿيندي پنهنجي خاندان جي ڪهاڻي ٻڌائي ٿو/ٿي. ويجهي تاريخي پسمنظر ۾ سندس سياسي خاندان هن رياست يعني ”يوٿوپيا“ جي وڏي عوامي پارٽي سان تعلق رکي ٿو. جيبي پنهنجو جنسي تعارف ڪرائيندي ٻڌائي ٿو/ٿي ته هو/هوءَ پيدائشي طور تي اڌ عورت ۽ اڌ مرد آهي. جنهن جي جسم جو ساڄو حصو عورتاڻو ۽ کاٻو حصو مرداڻو آهي. سندس ڄم واري سرٽيفڪيٽ ۾ جنس جي خاني ۾ انسان لکيو ويو آهي. سندس خاندان جو ٻيو فرد جيڪو/جيڪا پڻ جيبي جيان اڌ مرد ۽ اڌ عورت يعني سندس اڌ ماسي ۽ اڌ مامو فرحيه آهي. جنهن کي هو يا هوءَ ماسمو سڏيندي آهي. جنهن جي عمر پنجونجاھ سال آهي.
جيبي ان حصي ۾ دريائي صوبي جي هڪ مشهور ڏند ڪٿا ٻڌائي ٿو/ٿي. جنهن ۾ جيبي ديوي (جيڪا حسن، ڏاهپ ۽ زرخيزي جي علامت ٻڌائي وئي آهي) ۽ بانسي راڪشس جي ڪهاڻي آهي. جيبي انجلسيا ۾ پنهنجي ماسمو سان گڏ رهي ٿو/ٿي، جتان هو/هوءَ گنجيڙي جي حڪومت، ماين خلاف هڪڙو غليظ بل پاس ڪرڻ واري آهي جنهن لاءِ کيس يوٿوپيا وڃي احتجاج ڪرڻو آهي ۽ لکين عورتن جون زندگيون بچائڻيون آهن. ايئن هن ناول جي پهرين حصي ۾ جيبي پنهنجي خانداني تعارف ۾ خان بهادر صاحب جو سياسي ذڪر ڪري ٿي/ٿو. ان سان گڏ گڏيل هندستان جي سياسي تاريخ جا ڪجهه اولڙا پسائيندي سنڌ ۽ هڪ اهم قومپرست سياستدان جو حوالو پڻ ح.م جي مختصر لفظن ۾ بيان ڪري ٿي/ٿو.
خان بهادر خان جو هڪ رقاصا مناري سان عشق ٿي وڃڻ ۽ پوءِ ان دوران 1936ع ۾ ڇٽي ثاني جو پيدا ٿيڻ، مسجد منزل گاھ وارو مذهبي واقعو، دريائي صوبي جو بمسي پريزيڊنسي کان آزاد ٿيڻ، اڪتاوي مذهب، لساني فساد، اسي جي ڏهاڪي ۾ تباھ ٿيل ڪاڻي کوجيءَ جو جهاز يا يوٿوپيا جي رياست مان ئي هڪ عوامي جهاز کي اغوا ڪري وڃڻ جهڙا واقعا، هن ناول کي هڪ سفر عطا ڪن ٿا يا هن ناول جي مختلف ڪهاڻين جا ڪجهه ڪردار جن ۾ ڪاڻو کوجي، ماسترياڻي سسٽر ڪيٿرين، انجلسي آفيسر ڪمانڊر ڊگلس، ڊگلس جي اسٽينو گرافر اسٽيله، پروفيسر ناگراج، مائي لاجي، مولو، ڊاڪٽر گنگا، برتيڪا، ڪپتان ميڪولي، مجلو امام دين، ٻاوو گيدڙي، ڪرمان داد، روزين، ڪمانڊر اسٽاڪ، مارٿا، مس برنڊا، ماچورا سيٺ، مولو مارڪڻ، ڪاڪول، پارو، بادل لنجار، جوسو، ڪاڪو جمالو، نازو، راضي، منصور، افضل، تابش، دانش، صابر، شالني، شهناز، ڊاڪٽر ناگائي، برکا، ماجي، گنڊيري، ميئر، صغير، ريچل، مڊل ڪمانڊر تاقر، ارساد، نرزش، ڪمانڊر جابر، موٽو ڀاءَ، بسمي آپا، بيلا، سوجهل، نرما، ساراق، ابيس، ناني هوتي خان مرادي، جهونگار، مجلو ڪاشر، جانشي، پروفيسر شاد، بنديا، اموز، ناجو، لٽل ڪمانڊر، جمل، تيگور، انڪل هوتي ثاني، مجلي مستا آهن. جيڪي پنهنجي رنگ ۽ ڍنگ سان ڪهاڻيءَ جي ڪيئنواس تي ايندا ويندا رهن ٿا.
مطلب ته هي حصو يعني ”جيبي“ ناول جو بنياد آهي، جيڪو ماضي حال ۽ مستقبل جي پيچرن تان گذرندو آخري حصي يعني ”ماسمو“ تي پهچي ٿو. هي سڄو حصو سائنس فڪشن طور سائنسي ترقيءَ جي منفي استعمال طور سفر ڪري ٿو ته ڪيئن نه يوٿوپيا جي هڪ لڪل ۽ جديد سائنسي ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي آڌار تي جوڙيل آئيسوليشن سٽيءَ ۾ مردن ۽ عورتن کي ڪنڌ وٽ چپون هڻي سندن ذهنن کي پنهنجي وس ۾ ڪري پنهنجي مقصد يعنيٰ مذهبي انتهاپسنديءَ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو، جتي عورت ۽ مرد کي هڪٻئي کان الڳ ۽ اڻڄاڻ رکيو وڃي ٿو، پر ڊاڪٽر ناگائي جڏهن جيبي جو مرداڻو ۽ عورتاڻو جسم ڏسي ٿو ته اُڻتڻ ۾ پئجي وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته ڪنهن به فرد کي هڪ وقت صرف هڪ ئي چپ هڻي سگهجي ٿي. جڏهن ته جيبي مرد ۽ عورت گڏ گڏ هجڻ ڪري اُها چپ جيبي تي ڪو به پنهنجو اثر نٿي ڪري ۽ ايئن مختلف سائنسي صورتحال مان گُذرڻ کانپوءِ جيبي تي مختلف تجربا ڪندي کيس مجبورن تمام خراب حالت ۾ ڇڏيو وڃي ٿو. جنهن کي شالني، ماجيءَ جي مدد سان کڻي وڃي ٿي ۽ ماجيءَ جي دعائن سان جيبي صحيح حالت ۾ اچي وڃي ٿو/ٿي.
”ماسمو“ واري حصي ۾ سائنس فڪشن وارو انداز پڙهي ڪري هالي ووڊ جي 2014ع ۾ آيل سائنس فڪشن تي فلم”“Divergent ياد اچي وڃي ٿي. جنهن ۾ وِلين عورت جو ڪردار، رومانٽيڪ مووي ”“Titanic کان مشهوري ماڻيندڙ اداڪاره ”“Kate Winslet نڀايو آهي. جڏهن ته هيرو ۽ هيروئن طور “Theo James” ۽ ”“Shailene Woodley نڀايو آهي. ان فلم جي ڪهاڻي ”يوٿوپيا“ ناول جي آخري حصي ”ماسمو“ واري حصي جي ڪهاڻي جو مرڪزي ٿيم آهي.
دراصل ڪليم ٻٽ جو هي جديديت پڄاڻان ناول ”يوٿوپيا“، تصور ۽ حقيقت جو هڪ اهڙو تجريدي اسڪيچ آهي جنهن جي اُکيل هر پڙهندڙ پنهنجي انداز سان ڪري سگهي ٿو.
”يوٿوپيا“ ناول ۾ ليکڪ مختلف ڏند ڪٿائي يا تاريخي قصا يا حوالا ڏئي اُن کي دلچسپ بڻائڻ سان گڏ پڙهندڙ کي معلومات پڻ ڏئي ٿو. مثال طور پهرين حصي ”جيبي“ ۾ يونان جي هڪ نوجوان نرسي ڪس آڳاٽي زماني ۾ طلسمي باجو وڄائيندڙ، جيبي ديوي ۽ بانسي راڪشس، سرسوتي ماتا، مرلن ۽ آرٿر، شهرزاد، سونو، مونو ۽ ستارا جا قصا اچن ٿا.
پهرين حصي ”جيبي“ جي صفحي نمبر 92 ۽ 93 تي ليکڪ ڏاڍي دلچسپ ڳالهه ڪري ٿو.
”منهنجا پيارا پڙهندڙو! ڇا اوهان ڪڏهن ان ڳالهه تي غور ڪيو آهي. جيڪي ماڻهو سندن شاگرديءَ واري دور ۾ پٺين قطارن ۾ ويهندا آهن، جن کي اسين بيڪ بينچر سڏيندا آهيون، اُهي اڳين قطار ۾ ويهندڙ شاگردن کان وڌيڪ تخليقي هوندا آهن. اڳين قطار ۾ ويٺل شاگرد، جيئن ته سڌو سنئون اُستادن جي نظرن جي سامهون هوندا آهن. ان ڪري اهي هر وقت خوف ۾ مبتلا رهندا آهن ۽ اُن خوف جي ڪري لڪير جا فقير ٿي پوندا آهن. سندن سوچ رڳو ان تي وڃي بيهندي آهي ته کين ڪنهن به صورت ۾ اُستادن کي خوش ڪرڻو آهي ۽ اُنهي ئي چڪرن ۾ اُهي پنهنجو پاڻ کي وڃائي ويهندا آهن. اُنهن جي ڀيٽ ۾ پٺين قطار ۾ ويٺل شاگردن کي حرڪت ڪرڻ جا ڪيترائي موقعا ملي ويندا آهن.“
يا وري ٽين حصي ”جيبي“ ۾ صفحي 134 ۽ 135 تي ليکڪ لکي ٿو ته ”مان هيرو کان وڌيڪ اينٽي هيرو ۾ يقين رکان ٿو. اينٽي هيرو هجڻ ڪا به خراب ڳالهه نه آهي. منهنجي لاءِ ماڻهو هيرو تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن هو هزارين ناڪامين کانپوءِ به اُنهن کي قبول ڪري اڳيان وڌڻ جي ڪوشش ڪري، نڪي اهو جيڪو پنهنجي ناڪامين کي لڪائي يا اُنهن جو الزام ڪنهن ٻئي مٿان هڻي. ”اٺين حصي“ آئسوليشن سٽي واري رٿ ”۾ صفحي 211 تي ليکڪ لکي ٿو ته ”مون سدائين آرٽ کي سڀ کان وڏو هٿيار ڀانيو آهي. سدائين اِهو ئي سوچيم ته آرٽ سان سهپ وارو ماحول پيدا ٿي سگهي ٿو، پر هاڻي سوچيان ٿو ته يوٿوپيا جهڙين رياستن ۾ آرٽ جي ڪهڙي اهميت آهي؟“
ساڳي ئي حصي ۽ صفحي تي اچي ٿو ته ”صديون اڳ شيڪسپيئر سندس شاعريءَ وسيلي هڪ سوال اُٿاريو هو ته اسان آهيون يا نه آهيون؟ (To be or not to be) جيڪڏهن نه آهيون ته پوءِ اسان جي اوسي پاسي ۾ ڇا پيو ٿئي، ڪير ڪسجي رهيو آهي، ڪير بکيو مري رهيو آهي، ڪير غلام آهي، ڪير آقا آهي، ڪير مومن آهي، ڪير ڪافر آهي، ڪو به فرق نٿو پوي، پر جيڪڏهن اسان آهيون ته پوءِ فرق پوي ٿو ۽ جيڪڏهن آهيون ته پنهنجي هجڻ جو احساس ڏيارڻو پوندو ”يا چوٿين حصي ”جيبي“ جي صفحي 133 تي ليکڪ لکي ٿو ته ”منهنجا پيارا پڙهندڙئو! هر شروع ٿيل ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي ضروري آهي. اُهوئي افسانوي دنيا جو اصول آهي، پر اُن هوندي به اُن جا ڪجهه اصول آهن ۽ اُنهن اصولن مان هڪ اصول اهو به آهي ته جيڪا ڪهاڻي شروع ڪئي وئي آهي، اُن جي پڄاڻي به ٿيندي، پر اوهان کي اُن ناولنگار جو جملو ته اسان اهڙي زماني ۾ رهون پيا جنهن ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو کي وسارڻ نه گهرجي“
اهڙيءَ ريت ”يوٿوپيا“ ناول پنهنجين مختلف ڪهاڻين جي ساٿ سان اڳتي وڌندو هلي ٿو ته ناول ۾ ليکڪ پاران ڪيل ڪجهه ڳالهيون ذهن سان ٽڪراءُ ۾ به اچڻ لڳن ٿيون. مثال طور: پهرين حصي ”جيبي“ جي صفحي 18 تي اچي ٿو ته ”خان بهادر ڇٽي اول هڪ رقاصه مناري سان عشق ڪري ٿو جنهن دوران مناري کي هڪ پٽ ڇٽي ثاني ڄمي ٿو. جيڪو هڪ ڏينهن جڏهن پنهنجي محل نما گهر ۾ اچي ٿو ته سندس ماءُ مناري گُهنگهرو ٻڌي ڪمري ۾ رقص ڪري رهي هوندي آهي. جنهن تان ستن سالن جو ڇٽي ثاني گهنگهروئن جو آواز ٻڌي تپي وڃي ٿو ۽ هو ٻن تاڪن واري در کي ڌڪو ڏئي کولي ٿو ۽ ڪاوڙ مان پيءُ جي ڪپڙن واري الماريءَ مان پٽو ڪڍي پنهنجي ماءُ تي ڪڙڪي پئي ٿو ۽ ماءُ مناري کي چڙ ۾ چئي ٿو ته ”ٻڌ ڪڃري اڄ کان پوءِ تنهنجي پيرن ۾ اهي گهنگهرو ڏٺم ته توکي هن ئي ڪمري ۾ جيئرو پورائي ڇڏيندس. ”هن مناري کي اکيون ڏيکاريندي چيو ۽ گاريون ڏيندو ڪمري کان ٻاهر هليو ويو ”يا“ جڏهن انسان جي هٿ مان سڀ ڪجهه ترڪي ويندو آهي، تڏهن ڪهاڻي اُن ۾ اميد جاڳائڻ ايندي آهي. ڪهاڻيءَ کي صحيح نموني ٻڌائي ڪي ولي ٿي پيا ته ڪي وري آسمان واري جا خاص چونڊيل نمائيندا ٿي پيا، پر اُنهن مان بِنھ ٿورن ڏاهن کي ئي سمجهه ۾ آيو ته اصل ۾ اُهي ڪهاڻيڪار آهن.“
ايئن ڪليم ٻٽ جو ناول ”يوٿوپيا“ پنهنجي خامين ۽ خوبين سان پنهنجي هجڻ جو احساس ڏياري ٿو. ڇاڪاڻ ته هي ناول جديديت پڄاڻان جي رنگ ۾ هن دنيا جي لڳ ڀڳ هوبهو عڪاسي ڪري ٿو ۽ اُن جي مختلف پهلوئن کي پنهنجي ٻولي، خيالن، تصورن توڙي احساسن سان هم آهنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. سنڌي ادب جي نامياري ليکڪ ڊاڪٽر مبارڪ لاشاريءَ چواڻي ته ”جديديت پڄاڻان موضوع اسان وٽ افسانوي ادب ۾ نڪور ۽ اڇوتو تصور آهي. جيتوڻيڪ ڪجهه افسانه نگار اُن کي اهڙي قسم جون ٽچز ڏيئي رهيا آهن، پر ٽيڪنيڪي طرح گهٽ ڏسڻ ۾ ايندو آهي. پياري ڪليم ٻٽ جي هن منفرد ناول يوٿوپيا ۾ جديديت پڄاڻان ٽيڪنيڪ جادوئي حقيقت نگاري، بلئڪ هومر، انٽرٽيڪسچوئلٽي، ڊيسنٽرلڊ ورلڊ طور موجود آهي.“
***

