سمرقند
قسط سترهين ۽ ارڙهين

ترجمو: زاهده ابڙو

الاموت -ڦٽل جبل، وسريل ڍنڍن، انتهائي لاهيءَ وارن پٿرن ۽ سوڙهن لنگهن واري علائقي ۾ ڇهه هزار فوٽن جي بلنديءَ تي هڪ ننڍڙو قلعو جتي وڏي کان وڏي فوج به صرف هڪ ئي قطار ۾ ان تائين پهچي سگهي ٿي ۽ مضبوط کان مضبوط منجنيق به ان جي ديوار کي نقصان پهچائڻ کان عاجز هئي-

درياهه شاهه رُود، جيڪو عام طور تي ”جنوني درياءَ“ سڏرائبو هو، جبلن مٿان قابض، بهار جي موسم ۾ البرد جبل تان برف ڳرڻ کانپوءِ پاڻي ڄڻ ڦاٽي پوندو هو ۽ پنهنجي اڳيان ايندڙ هر شيءِ کي ڇا وڻ، ڇا پٿر سڀني کي پاڻ سان گڏ کنيو ويندو هو. بدنصيب هوندو هو جيڪو ڏانهس وڌندو هو. غرق ٿئي اهو لشڪر جيڪو سندس ڪنارن ڀرسان خيمه کوڙڻ جي همت ڪري!

هر شام جو درياءَ ۽ ڍنڍن مان هڪ هلڪو ڪوهيڙو ٿي اُڀريو ۽ ننڍن ننڍن پهاڙن جي اڌ تائين بلند ٿي اُتي ئي بيهي ٿي رهيو. انهن ماڻهن لاءِ جيڪي اُتي هئا، الاموت جو قلعو ان وقت ڄڻ ڪڪرن جي ڪنهن جزيري وانگر نظر ايندو هو. هيٺان کان ڏسڻ وارن کي هي جنن، ڀوتن جو مڪان لڳندو هو.

مقامي ٻوليءَ ۾، الاموت جي معنيٰ ”عُقاب جو سبق“ آهي. چيو وڃي ٿو ته جڏهن هڪ بادشاهه پهاڙن جي ان سلسلي تي قبضي جي نيت سان هڪ قلعو تعمير ڪرڻ چاهيو ته هن هڪ پاليل شڪاري پکي اُڏايو. پکي آسمان ۾ گهمندو اچي ان جبل تي لٿو. مالڪ سمجهي ويو ته ان کان وڌيڪ بهتر ٻيو ڪوبه مقام نٿو ٿي سگهي.

حسن صباح عقاب جو نقل ڪيو. هن ايران جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين هڪ اهڙي جڳهه جي ڳولا لاءِ ڪُنڊ ڪڙڇ هيٺ مٿي ڪري ڇڏي ته جيئن کيس اهڙي جاءِ ملي سگهي جتي هو پنهنجي وفادارن کي جمع ڪري سگهي، تعليم ڏئي سگهي ۽ منظم ڪري سگهي. هن سمرقند ۾ پنهنجي بدقسمتيءَ مان اهو سکيو هو ته ڪنهن وڏي شهر تي قبضو ڪرڻ ڏاڍو غير حقيقي هو. ڇو ته ان ۾ فوري طور تي سلجوقن سان مقابلو ڪرڻو پوي ها، جيڪو آخرڪار سلطنت جي حق ۾ ختم ٿئي ها. اهڙيءَ ريت هن کي ڪنهن ٻي شئي جي ضرورت هئي. ڪو پهاڙي قلعو جنهن تائين ڪنهن جي رسائي نه هجي ۽ اهو آساني سان فتح به نه ٿي سگهي، هڪ اهڙو امن جو جهان جتي هو پنهنجون ڳجهيون سرگرميون هر رُخ کان جاري رکي سگهي.

اڃا اصفهان جي گهٽين ۽ گهيڙن ۾ ماوراءُ نهر جا قبضا ڪيل جهنڊا کوليا پي ويا ته حسن الاموت جي اوسي پاسي پهچي چڪو هو. هي مقام مٿس ڪنهن الهام وانگر نازل ٿيو هو. اُن کي پري کان ڏسندي ئي هو سمجهي ويو هو ته سندس ڪم بس هتي ئي مڪمل ٿيندو، ڪنهن ٻي جاءِ تي نه، ۽ سندس بادشاهت قائم ٿي رهندي. ان وقتن ۾ الاموت مورچابند ڳوٺن مان هڪ هو. جتي ڪجهه سپاهي پنهنجن خاندانن سميت آباد هئا، گڏوگڏ ڪجهه ڪاريگر، هاري ۽ هڪ حاڪم به اُتي رهندو هو. جنهن کي نظام الملڪ مقرر ڪيو هو، جيڪو مهدي علوي نالي وارو خانداني رئيس هو. ان کي جيڪڏهن ڪنهن شئي سان ڪم هو ته اهو هو آبياريءَ لاءِ پاڻي يا سندس خشڪ ميون، ڪشمش ۽ ڏاڙهن جي فصلن سان. سلطنت ۾ جيڪو زلزلو آيل هو، ان سندس ننڊ کي بلڪل به متاثر نه ڪيو هو.

حسن شروعات ائين ڪئي جو پنهنجن ڪجهه ساٿين کي جيڪي اُتان جا مقامي ماڻهو هئا، موڪليو ته وڃي فوج ۾ شامل ٿين، اُتي اسماعيلي تعليم جو پرچار ڪن ۽ ماڻهن کي اسماعيلي بڻائين. ڪجهه مهينن کانپوءِ هو پنهنجي آقا کي خبر ڏيڻ لاءِ تيار هئا ته زمين هموار ٿي چڪي آهي ۽ هو هاڻي هيڏانهن اچي سگهي ٿو. معمول مطابق هو هڪ صوفي درويش جي ويس ۾ اتي پهتو. هيڏانهن هوڏانهن گهمي ڦري ڏٺائين، هر شئي جو جائزو ورتائين. ڳوٺ جي حاڪم مردِ خدا کي ڀليڪاريو ۽ پڇيو ته هو سندس ڪهڙي خاطرداري ڪري سگهي ٿو.

”مونکي هن قلعي جي ضرورت آهي،“ حسن چيو

حاڪم مُرڪيو، ان خيال کان ته درويش ۾ يقينن خوش طبعي جي ڪا گهٽتائي نه آهي. سندس مهمان بهرحال مُرڪي نه رهيو هو.

”مان هن جڳهه کي پنهنجي قبضي ۾ وٺڻ آيو آهيان. مونکي فوج گاهه جي سڀني سپاهين جي پٺڀرائي حاصل آهي.“

هن ڳالهه ٻولهه جو نتيجو، مڃڻو پوندو، ايترو ئي غير معمولي هو جيترو ناقابل يقين. مغرب جي علم ۽ فن جي ماهرن (مستشرقين) کي ان وقت جي واقعن سان رجوع ڪيو آهي، خاص طور اهي بيان جيڪي اسماعيلين خود لکيا آهن، انهن کي پڙهڻ ۽ بار بار پڙهڻ جي ضرورت محسوس ڪئي هئي ته جيئن اهي پڪ ڪري سگهن ته هو ڪنهن فريب جو شڪار ته نه ٿي رهيا آهن.

ٺيڪ آهي، هلون ٿا هڪ ٻئي منظر تي نظر وجهڻ.

هي يارهين صديءَ جي پڇاڙي هئي يا بلڪه ٺيڪ ٺيڪ 6 ڊسمبر 1090. حسن صباح، تنظيمِ حشاشين جو بيحد ذهين ۽ تيز طبيعت وارو باني، بس قلعي تي قبضو ڪرڻ وارو ئي هو جو ايندڙ 166 سالن تائين تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ هانءَ ڏاريندڙ فرقي جو رهبر ثابت ٿيڻ وارو هو. ان وقت هو حاڪم جي سامهون پلٿي هنيو ويٺو هو ۽ ان کي چئي رهيو هو، آواز کي بلند ڪرڻ کانسواءِ !

”مان الاموت کي پنهنجي قبضي ۾ وٺڻ آيو آهيان.“

”هي قلعو مونکي سلطان جي نالي تي ڏنو ويو آهي،“ حاڪم جواب ڏنو.

”مون ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ قيمت ادا ڪئي آهي.“

”ڪيتري؟“

”ٽي هزار سونا دينار!“

”حسن صباح هڪ ڪاغذ جو پرزو کنيو ۽ لکيو! مهدي علوي کي الاموت قلعي جي عيوض ٽي هزار سونا دينار ادا ڪيا وڃن. خدا اسان جي ضرورتن جي پورائي ڪندو، ڇو ته اهو ئي اعليٰ ترين محافظ آهي.“ حاڪم گهٻرائجي ويو ۽ يقين نٿي آيس ته هڪ اهڙي شخص جي صحيح جنهن کي تمام معمولي لباس پاتل آهي، ايتري وڏي رقم جي ادائگيءَ لاءِ قابل قبول هوندي. بهرحال، جڏهن هو دامغان جي شهر پهتو، ته کيس بنا دير پنهنجو پئسو ملي ويو.

جڏهن الاموت تي قبضي جي خبر اصفهان پهتي ته ماڻهن جو ڪو گهڻو ڌيان نه ڇڪرائي سگهي. شهر کي ان کان وڌيڪ ان ڇڪتاڻ ۾ دلچسپي هئي، جيڪا في الوقت نظام ۽ محل ۾ هلي رهي هئي. ترڪين خاتون وزير کي پنهنجي خانداني معاملن خلاف صف بنديءَ تي معاف نه ڪيو هو. هن ملڪ شاهه کي درخواست ڪئي ته هو هڪدم پنهنجي طاقتور وزير کان جان ڇڏائي. جيڪڏهن پيءَ جي موت تي سلطان جو تربيت ڏيندڙ مقرر ٿيو هو، ته اها ڳالهه ترڪين خاتون جي حساب سان بلڪل معمول مطابق هئي، ڇو ته ان وقت سلطان جي عمر صرف 17 سال هئي، پر اڄ هو خير سان 35 سالن جو هو، هڪ پڪو پختو ماڻهو، ۽ اها ڳالهه مناسب نه هئي ته هو حڪومت جو انتظام اڻ ڄاتل مدي تائين پنهنجي ”اتا“ جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏي، وقت اچي ويو آهي ته ماڻهن کي معلوم ٿيڻ گهرجي ته سلطنت جو حقيقي فرمانروا ڪير آهي! ڇا سمرقند جي واقعي اهو ثابت ناهي ڪري ڇڏيو ته نظام مٿس پنهنجي مرضي مسلط ڪري رهيو هو، پنهنجي آقا کي فريب ڏئي رهيو هو ۽ سڄي دنيا جي سامهون ساڻس ڪنهن نابالغ وانگر سلوڪ ڪري رهيو هو؟

ملڪ شاهه جيتوڻيڪ اهو قدم کڻندي ڊڄي رهيو هو ته هڪ واقعي کيس ان قدم کڻڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو. نظام پنهنجي پوٽي کي مَرو جو والي مقرر ڪري ڇڏيو هو. ان خود پسند نوجوان کي پنهنجي ڏاڏي جي طاقت تي ڏاڍو گهمنڊ هو، ايتري تائين جو هڪ پوڙهي ترڪ امير جي سرعام بي عزتي ڪرڻ کان به نه ڊنو. امير اکين ۾ آب کڻي، ملڪ شاهه وٽ شڪايت ڪرڻ آيو، جيڪو آپي کان ٻاهر نڪري ويو ۽ اتي جو اتي نظام کي اهو پيغام لکرائي موڪليائين: ”جيڪڏهن تون منهنجو ماتحت آهين ته توکي منهنجي اطاعت ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجن مٽن مائٽن کي منهنجن ماڻهن جي بي عزتي ڪرڻ کان جهلڻ گهرجي، جيڪڏهن تون خود کي منهنجي برابر سمجهين ٿو، منهنجي اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهين ته مان ضروري فيصلا ڪندس“.

نظام پنهنجو جوابي پيغام موڪلي ڇڏيو، جنهن کي سلطنت جي اعليٰ مرتبي وارن ماڻهن جو هڪ وفد کڻي پهتو: ”سلطان کي ٻڌايو، جيڪڏهن اڃا تائين هو بي خبر آهي، ته مان حقيقت ۾ هن جو شريڪِ اقتدار آهيان ۽ هو مون کانسواءِ ڪڏهن به پنهنجي طاقت جمع نٿو ڪري سگهي! ڇا هن کان اها ڳالهه وسري وئي آهي ته مون ئي سندس پيءَ جي موت وقت سندس معاملن جي سارسنڀال ڪئي هئي، ۽ مون ئي ٻين تخت جي دعويدارن کي چپ ڪرايو هو ۽ سڀني باغين جو خاتمو ڪيو هو؟ اڄ جيڪڏهن زمين جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين سندس عزت ٿي رهي آهي ته اها صرف منهنجي سبب آهي. ها ان کي اهو به وڃي ٻڌايو ته سندس سر جي قيمت منهنجي مس سان ٻڌل آهي!“

قاصد حيران رهجي ويا. نظام الملڪ جهڙو داناءَ آخر سلطان سان انهن لفظن ۾ ڪيئن مخاطب ٿي سگهيو ٿي، جيڪا سندس تباهي، ۽ بلاشڪ سندس موت جو باعث هئا؟ ڇا سندس گستاخي چريائپ تائين پهچي وئي هئي؟

ان ڏينهن، صرف هڪ ماڻهو ئي هو، جيڪو ان ڳجهي عزم کي ٿوري گهٽ وڌائي سان وضاحت ڪري سگهيو ٿي ۽ اهو هو عمرخيام. ڪيترن ئي هفتن کان نظام ساڻس پنهنجي منحوس، سورن جي شڪايت ڪري رهيو هو، جيڪي کيس رات جو سمهڻ ۽ ڏينهن جو ڪم نه ڪرڻ ڏيندا هئا. معائني کانپوءِ هن پنهنجي آڱرين سان سندس جسم جو معائنو ڪيو ۽ مختلف سوال ڪيا، عمر رسولي تشخيص ڪئي، جيڪا کيس گهڻن ڏينهن تائين زنده نه رهڻ ڏئي ها.

اها رات واقعي ڏاڍي ناخوشگوار هئي، جڏهن عمر کي پنهنجي دوست کي ان صحيح صورتحال کان آگاهه ڪرڻو پيو.

”ڪيترا ڏينهن اڃا وڌيڪ جيئرو رهي سگهان ٿو؟“

”ڪجهه مهينا.“

”ڇا تڪليف جاري رهندي؟“

”تڪليف ۾ گهٽتائيءَ لاءِ مان آفيم جو نسخو لکي ڏئي سگهان ٿو، پر ان سبب هر وقت چڪر ايندئي ۽ ڪم نه ڪري سگهندين.“

”ڇا لکي پڙهي سگهندس يا نه؟“

”۽ نه ڳالهائي ٻولهائي“

”ته پوءِ مونکي تڪليف کڻڻ منظور آهي.“

هڪ حاضر جوابي ۽ پوءِ طويل خاموشي جا وقفا آيا ۽ تڪليف جا جنهن کي ڏاڍي وقار سان ضبط ڪيو ٿي ويو.

”توکي آخرت کان ڊپ نٿو لڳي، خيام؟“

”ان ۾ ڊڄڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ موت کانپوءِ يا ته ڪجهه ڪونهي يا درگذر آهي.“

”۽ اها سڄي بدي جنهن جو مان مرتڪب ٿيو آهيان؟“ تنهنجيون غلطيون چاهي ڪيتريون به وڏيون ڇو نه هجن، خدا جي رحمت ان کان به وڏي آهي.“ ان سان نظام کي ڪجهه تسلي ٿيڻ لڳي.

”مون نيڪيون به ڪيون آهن. مون مسجدون به تعمير ڪرايون آهن ۽ مدرسه، ۽ بدعت خلاف جنگ آرائي ڪئي آهي.“

جڏهن خيام ان جي ترديد نه ڪئي ته هو ڳالهائيندو ويو: ”ڇا سو سالن کانپوءِ به ماڻهو مونکي ياد رکندا، هزار سالن کانپوءِ ياد رکندا؟“

”ان جي خبر نٿي پئجي سگهي.“

نظام کيس شڪ جي نظر سان سختيءَ سان گهوريو، ۽ پوءِ ڳالهائندو رهيو:

”تون اهو ناهين، جنهن هڪ ڏينهن چيو هو: زندگي باهه وانگر آهي، شعلا جنهن کي راهگير وساري ويهندا آهن، رک جنهن کي هوا منتشر ڪري ڇڏيندي آهي. هڪ انسان زنده رهيو هو.‘ تنهنجي خيال ۾ نظام الملڪ جي قسمت ۾ به اهو ئي لکيل آهي؟“

هن سهڪندي ساهه کنيو. عمر اڃا تائين ڪجهه نه ڪڇيو هو. ”تنهنجو دوست سڄي ملڪ ۾ ان جو چرچو ڪندو وتي ته منهنجي حيثيت ترڪن جي هڪ حقير خدمتگار کان وڌيڪ ناهي. تنهنجي خيال ۾ سڀاڻي ماڻهو مون بابت اهو ئي خيال ڪندا. اهي مونکي آرين جي تشدد ڪرڻ وارن جي روپ ۾ ڏسندا؟ ڇا هو اها ڳالهه وساري ڇڏيندا ته مان اڪيلو ئي شخص هئس جنهن ٽيهن سالن تائين سلطانن جي مخالفت ڪئي ۽ انهن تي پنهنجي مرضي مسلط ڪئي؟ مان انهن لشڪرن جي فتح کانپوءِ ان کان وڌيڪ ڇا ٿي ڪري سگهيس؟ پر تون ته ڪجهه ڳالهائين ئي نه پيو.“

سندس اکين ۾ خالي پڻو لهي آيو هو.

”ڇاهتر سال- ڇاهتر سال جيڪي منهنجي نظرن اڳيان گذريا آهن. ايترو مڪر، ايترا پڇتاءَ ۽ ايتريون ئي ٻيون ڪيتريون شيون جيڪي مون مختلف انداز ۾ تجربو ڪيون آهن!“

سندس اکيون پاڻي سان ڀرجي آيون، سندس چپ مسخ:

”غرق ٿي خيام! حسن جي بدفعلين جو تون ذميوار آهين.“

عمر هي جواب ڏيڻ چاهيو ٿي: ”تو ۾ مون ۾ ۽ حسن ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون هڪجهڙيون آهن! جيڪڏهن ماڻهو ڪنهن مقصد جي ترغيب ۾ اچي وڃي، مثال طور سلطنت کي بيهارڻو هجي يا امام جي فرمانروائي جي تياري ڪرڻي هجي، ته هو پنهنجي منصوبن جي ڪاميابيءَ خاطر قتلِ عام کان ذرو به نه ڪيٻائندو آهي. منهنجي راءِ ۾، هر اهو مقصد جنهن ۾ انسان کي ماريو وڃي، شامل هجي، منهنجي لاءِ ڪابه ڪشش نٿو رکي. مون لاءِ اهو بي ڪشش ٿي ٿو وڃي، تڇ ۽ بي مقصد، ان سان ان جو ڪو تعلق نه آهي ته اهو ڪيتروئي دلڪش ڇو نه رهيو هجي. موت سان ڀائيواري کانپوءِ ڪوبه مقصد برحق نٿو رهي.“ هن اهو سڀ ڪجهه زور سان رڙيون ڪري چوڻ ٿي چاهيو، پر پنهنجو پاڻ تي ضبط ڪيائين ۽ خاموش رهيو. هن پنهنجي دوست کي سڪون ذريعي پنهنجي قسمت سان همڪنار ڪرڻ لاءِ فيصلو ڪيو.

ان قيامت جي رات جي باوجود نظام پنهنجي تقدير آڏو هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا. پنهنجي ختم ٿيڻ واري خيال جو عادي ٿي ويو. هو ڏينهون ڏينهن رياستي معاملن کان ڪناره ڪش ٿيندو ويو، ان ارادي سان ته جيترو به وقت کيس مليو آهي هو ڪتاب کي مڪمل ڪرڻ لاءِ خود کي وقف ڪري، ”سياست نامه“ حڪمرانيءَ متعلق رسالو. هي هڪ شاندار ڪارنامو هو. دنياءِ اسلام جو مڪيا ولي ”دي پرنس“ جو همسر جيڪو چار سئو سالن کانپوءِ مغرب ۾ نمودار ٿيڻ وارو هو. چئجي ته هڪ فيصلي ڪندڙ فرق سان گڏ: جتي دي پرنس هڪ اهڙي شخص جي لکڻي آهي جيڪو سياست کان مايوس ٿي چڪو هو، جنهن کي ڪنهن به قسم جي اقتدار جي حصول کان پري رکيو ويو هو، اتي سياست نامو هڪ سلطنت جوڙيندڙ جي بينظير تجربن جو ثمر هو. جيتوڻيڪ ٺيڪ ان لمحي جڏهن حسن صباح هڪ نه فتح ڪرڻ جهڙو عافيت وارو ٺڪاڻو فتح ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪو هو. جنهن جا هو هڪ ڊگهي عرصي کان خواب ڏسي رهيو هو، سلطنت جي طاقتور شخص کي اهو فڪر کائي رهيو هو ته تاريخ ۾ خود سندس ڪهڙو مقام هوندو. هو خوش گفتار فقرن مٿان حق جي ڳالهه کي ترجيح ڏيندو هو ۽ آخر تائين سلطان کي للڪارڻ لاءِ تيار هو. اهو چئي سگهجي ٿو ته هو هڪ قابل ديد موت جو مشتاق هو، اهڙو موت جيڪو سندس شان مطابق هجي.

اهو کيس حاصل ٿيڻ وارو هو.

جڏهن وفد نظام سان ملي ملڪ شاهه وٽ پهتو، ته ملڪ شاهه کي جيڪو ڪجهه ٻڌايو ويو ان تي کيس يقين نه ٿي آيو.

”ڇا واقعي هن اهوئي چيو ته هو منهنجو شريڪ آهي، منهنجو همسر؟“

جڏهن وفد ڏکويل انداز ۾ ان جي تصديق ڪئي ته سلطان پنهنجي غيظ ۽ غضب کي ڀرپور نموني ظاهر ڪيو، ان پنهنجي استاد کي چار چوب، يا زنده ٽڪرا ٽڪرا ڪري يا قلعي جي ڀت مٿان مصلوب ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي. پوءِ هو ڀڄندو ڀڄندو ترڪين خاتون وٽ ويو. اها اطلاع ڏيڻ لاءِ ته هن نظام الملڪ کي سڀني ذميدارين کان برطرف ڪري ڇڏيو آهي ۽ سندس موت جو طلبگار آهي. بس هاڻي ان ڳالهه جي دير هئي ته هن کي سزائي موت ڪهڙي ريت ڏني وڃي جو هن جي ڪيترن ئي فوجي دستن اندر ڪابه گڙ ٻڙ نه ٿئي. جيڪي اڃا تائين سندس وفادار هئا. ان جي باوجود ترڪين ۽ جهان جي پنهنجي راءِ هئي: جيئن ته حسن نظام کي مرده ڏسڻ ٿي چاهيو، ڇو نه معاملو ان طرف ڌڪيو وڃي ۽ ملڪ شاهه کي هر شڪ ۽ شبهي کان آزاد رکيو وڃي.

جيتوڻيڪ هڪ منظم فوجي دستي کي الاموت موڪليو ويو، جنهن جي قيادت سلطان جي هڪ وفادار جي هٿ ۾ هئي، ظاهري مقصد ته اسماعيلي قلعي جو گهيراءُ، پر حقيقت ڪا ٻي هئي، جنهن جي آڙ ۾ شڪ شبهي کي اڀارڻ بنا، ڳالهه ٻولهه ۽ سڀني آخري معاملن لاءِ سٽاءُ تيار ڪري سگهجي. سلطان نظام کي ريهي ريڀي نهاوند وٺي آيو. هڪ اهڙو شهر جيڪو اصفهان ۽ الاموت کان هڪ جيتري فاصلي تي واقع هو. ان جي اتي پهچڻ کانپوءِ باقي ڪم حشاشين پنهنجي هٿ ۾ وٺندا.

ان عرصي دوران نظام پنهنجي قيام گاهه ۾ بند رهيو. اهي ماڻهو جيڪي پهرين ملاقات لاءِ سندس ديوان ۾ ايندا رهندا هئا، سندس بي عزت ٿيڻ جي خبر ٻڌندي ئي کيس ڇڏي ڀڄڻ لڳا، صرف خيام ۽ نظام يا حفاظتي دستي جا آفيسر ئي سندس قيام گاهه تي ايندا ويندا رهندا هئا. هو پنهنجو گهڻو وقت لکڻ جي ميز تي گذاريندو هو. هو چرين وانگر لکندو رهندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته عمر کي به ان تي نظر وجهڻ لاءِ چوندو هو.

متن جي مطالعي دوران، عمر ڪٿي ڪٿي ڪڏهن مسڪرائيندو هو ته ڪڏهن منهن تي عجيب تاثر پکڙجي ويندا هئس. پنهنجي زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾، نظام ڪجهه تير هلائڻ ۽ ڪجهه پراڻا حساب بيباڪ ڪرڻ جي خواهش کي لڪائي نه سگهيو. مثال طور ترڪين خاتون جو حساب. ٽيتاليهين باب جو عنوان قائم ڪيو: ”باب انهن عورتن جي باري ۾ جيڪي خيمي جي پٺيان زندگي گذارين ٿيون.“ ”پراڻي وقت ۾،“ ”نظام لکيو،“ شاهه جي زال کي شاهه تي وڏو غلبو حاصل هو، جنهن جو نتيجو صرف جهيڙن ۽ مسئلن جي شڪل ۾ ئي نڪرندو هو. مان ان بابت وڌيڪ نه چوندس. ڇو ته اهي ڳالهيون ٻئي دور ۾ به ڏسي سگهجن ٿيون.“ هن وڌيڪ لکيو: ”ڪنهن مهم واري ڪم کي انجام ڏيڻ لاءِ ضروري آهي ته ان جو ابتڙ ڪيو وڃي، جيڪي عورتون چون ٿيون.“

ايندڙ ڇهه باب اسماعيلين لاءِ وقف هئا ۽ هينئن ختم ٿي ٿيا: ”مون ان فرقي جو ذڪر ان لاءِ ڪيو آهي ته جيئن ماڻهو خبردار رهن… منهنجا لفظ ان وقت ياد ايندا جڏهن اهي ڪافر سلطان جي ويجهن ساٿين، گڏوگڏ حڪومت جي ماهرن کي نيست ۽ نابود ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا، جڏهن سندن دهلَ هر طرف وڄي رهيا هوندا ۽ سندن لڪل ارادا سڀني کي ظاهر ظهور نظر ايندا. خدا اسانجي آقا ۽ سلطنت کي بري انجام کان محفوظ رکي!“

جنهن ڏينهن سلطان جو قاصد ساڻس ملڻ آيو ۽ کيس سلطان سان گڏ بغداد جي دوري تي دعوت ڏيڻ لاءِ پهتو وزير کي لمحي ڀر لاءِ به جيڪو ٿيڻ وارو هو، ان تي شڪ نه ٿيو. هن خيام کان موڪل گهرڻ لاءِ سڏ ڪيو.

”تنهنجي جيڪا حالت آهي، ان ۾ توکي ايترو ڊگهو سفر ڪرڻ نه کپي،“ خيام کيس تنبيهه ڪئي.

”ان حال ۾ ٻئي ڪنهن شئي جي ڪابه اهميت ناهي رهي ۽ هي سفر مونکي ڪون ماريندو.“

عمر ڪجهه ڪڇي نه سگهيو. نظام کيس موڪلائي چُمي ڏني ۽ ڏاڍي خوش خلقيءَ سان موڪلايو، ان کان پهرين جو هو ان ماڻهو وٽ وڃي، جنهن ان کي سزائي موت ٻڌائي هئي.

سلطان ۽ وزير ٻئي انتهائي درجي جي نفاست، نتيجن کان بي پرواهه ۽ اڻ سڌيءَ طرح موت سان کيڏي رهيا هئا.

جڏهن اهي آزمائش واري مقام جي راهه ۾ سفر ڪري رهيا هئا، ملڪ شاهه پنهنجي والد کان سوال ڪيو: ”تنهنجو ڇا خيال آهي ته ڪيستائين زنده رهندين؟“

نظام بغير ڪنهن شڪ ۽ شبهي جي جواب ڏنو:

”تمام ڊگهي عرصي تائين.“

سلطان گهٻرائجي ويو:

”تون گستاخي ڪري اڃا به مون کان بچي سگهين ٿو، پر خدا کان ڪيئن بچندين! تون اهو يقين سان ڪيئن ٿو چئي سگهين. توکي ته ان ڳالهه جي پرواهه هجڻ کپي ته جيڪا هن جي مرضي آهي ان تي پوري لهڻ جي دعا ڪر، ڇو ته اهو ئي زندگيءَ جو حاڪم آهي!“

”اهو جواب مون ان لاءِ ڏنو آهي ته ڪلهه رات مونکي هڪ خواب آيو. مون خواب ۾ اسانجي پياري نبي صلي الله عليه وعليه وسلم کي ڏٺو، کانئس پڇيم ته مان ڪڏهن مرڻ وارو آهيان، ته مون کي سندس طرفان ڏاڍو اطمينان بخش جواب مليو.“

ملڪ شاهه پريشان ٿي ويو.

”ڪهڙو جواب؟“

”نبيءَ مون کي چيو: ’تون اسلام جو ٿنڀو آهين، تون پنهنجي آس پاس وارن ماڻهن سان شائستگيءَ سان پيش ايندو آهين، مومنن جي لاءِ تنهنجو وجود وڏي معنيٰ رکي ٿو، ان لاءِ مان توکي اهو امتياز ٿو بخشيان ته تون پاڻ ئي پنهنجي موت جو فيصلو ڪر.“ مون چيو: نعوذبالله ڪوبه ماڻهو ان ڏينهن جو انتخاب ڪري سگهي ٿو! هو ته هميشه ئي وڌيڪ جيئڻ چاهيندو ۽ جيڪڏهن مان تمام پري ڪنهن تاريخ جي چونڊ به ڪريان، تڏهن به مان ان جي آمد جي خوف کان ڊنل ڊنل رهندس. ان ڏينهن کان ٿورو پهرين چاهي اهو مهيني کانپوءِ اچڻ وارو هجي يا سئو سالن کانپوءِ، مون تي ڊپ کان ڪنبڻي طاري رهندي. مان تاريخ چونڊڻ نٿو چاهيان. مان اڪيلو توهان کان ان عنايت جو طلبگار آهيان، پيارا نبي مونکي پنهنجي آقا سلطان ملڪ شاهه کانپوءِ زنده رهڻ نه ڏجائين، مون کيس والد صاحب چوندي ٻڌو آهي، ۽ مان کيس مرده ڏسڻ جي ذلت ۽ تڪليف کڻڻ نٿو چاهيان.“ ”عطا ڪئي وئي!“ نبيءَ مونکي چيو. ’تون سلطان جي موت کان چاليهه ڏينهن پهرين هن فاني دنيا کان ڪوچ ڪري ويندين.‘“

”ملڪ شاهه جو منهن صفا پيلو ٿي ويو ۽ مٿس ڏڪڻي طاري ٿي وئي ۽ لڳ ڀڳ هن پنهنجو راز پاڻ ئي ظاهر ڪري وڌو. نظام مسڪرائي ڏنو:

”ته تو ڏٺو مون ڪنهن به گستاخيءَ جو مظاهرو ناهي ڪيو، مون کي يقين آهي ته مان ڊگهي عرصي تائين جيئندس.“

ڇا ان لمحي سلطان جي دل ۾ اهو خيال آيو ته هو پنهنجي وزير کي قتل ڪرائڻ کان باز رهي؟ اها يقينن بهتر صلاح هجي ها. جيڪڏهن خواب رڳو هڪ ڊرامو ئي هو، حقيقت اها هئي ته نظام ڏاڍي خوفناڪ حفاظتي تدبير جوڙي هئي. سندس روانگيءَ کان هڪ ڏينهن اڳ سندس محافظ دستي جي آفيسرن، جيڪي سندس اردگرد جمع هئا، قرآن تي هٿ رکرائي، ڌار ڌار اهو عهد ورتو هئائين ته جيڪڏهن کيس قتل ڪيو ويو ته انهن مان ڪنهن هڪ دشمن کي به باقي زنده ناهي ڇڏڻو.

5 1 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments