اچو ته البانيا گهمون قسط-5 اوسم عاشقن جي ندي ڀوَن سنڌي
قسط-5
اوسم عاشقن جي ندي
ڀوَن سنڌي
ننڍي هوندي امڙون يا ڏاڏيون جيڪي قصا يا ڪهاڻيون ٻڌائي سمهارينديون هيون، اهي وڏي هوندي ڪتابن ۾ پڙهيل ديو مالائي قصن جهڙيون ئي هونديون هيون. انهن ڪهاڻين ۾ خوبصورت شهزاديون ۽ پريون ھونديون هيون ۽ خوبصورت شهزادا پڻ، جيڪي ديون ۽ راڪاسن سان وڙهي، انھن کي ماري، آخر ۾ شهزادين يا حسين پرين کي ماڻيندا هئا. وڏي هوندي به اهي ڪهاڻيون جنهن ۾ هيرو اڻ ٿيئڻي کي ٿيئڻي ۾ تبديل ڪري ٿو، ان ڪري وڻن ٿيون جو اهي ڪهاڻيون ننڍي هوندي کان ٻڌندا آيا آهيون ۽ اهي هاڻي اسان جي لا شعور جو حصو بڻجي چڪيون آهن. وڏي هوندي اهي طلسماتي ڪهاڻيون جن جو حقيقي دنيا سان پري جو به واسطو نه آهي، شايد ان ڪري به وڻن ٿيون، جو اٿاهه فطرت ۽ بي رحم سماج ۾ انسان پاڻ کي اڪيلو، بي وس ۽ لاچار محسوس ڪري ٿو. ان جي ذهن ۾ اها خواهش ڪر کڻي اڀري ٿي ته ڪاش آئون به ان شهزادي جيان طاقتور هجان جيڪو هر خطري تي قابو پائي ۽ اڻ ٿيئڻي کي ٿيئڻي بڻائي من جي مومل ماڻي ٿو. اهڙن ئي ديو مالائي ڪردارن تي مبني پيار محبت جي داستانن جو آستان سيف الملوڪ ڍنڍ جيڪا پاڪستان جي خوبصورت وادي ڪاغان ۾ ناران شهر جي ويجهو آهي، پاڻ ڏسي آيا آهيون، جنهن جي ڏسڻ سان في الحال ماڻهو مصر جي شهزادي سيف الملوڪ ۽ شهزادي پري بدري الجمالا جي حُسن ۽ عشق جي جهان جي سحر ۾ گم ٿيو وڃي. پر اڄ پاڻ هلون ٿا البانيا جو سهڻو من مهڻو شهر بيرات (Berat) ڏسڻ جيڪو اوسم (Osum) ندي جي ڪناري تي واقع آهي، جتي جي حدن ۾ اهڙو ئي هڪ پيار محبت جو داستان ڦليو ڦوليو.
بيرات البانيا جي گادي جي هنڌ ترانا کان ستر ڪلو ميٽر پري آهي. البانيا جي ڏاکڻي علائقي ۾ آباد قديم ۽ جديد عمارتن تي مشتمل هي خوبصورت شهر سمنڊ جي سطح کان 60 ميٽر مٿي آهي ۽ هن شهر جي ڪل پکيڙ 380 ڪلو ميٽر اسڪوائر آهي. بيرات شهر جي ڪل آبادي هڪ لک جي قريب آهي ۽ هي آبادي جي حساب سان البانيا جو نائون نمبر وڏو شهر آهي.
ٽيڪسي ڊرائيور ليڊي ھوٽل تي پنھنجي پھچڻ جو اطلاع ميسيج ڪري ڏئي ڇڏيو آھي. پاڻ بہ ھاڻ هوٽل مان ناشتو ڪري ويھي رھيا آھيون گاڏي ۾. ھاڻ پاڻ واري گاڏي بيرات ھلڻ لاءِ ڊوڙي رھي آھي ترانا شهر جي رستن تي.
اڄ موسم جهڙالي آهي ۽ سياري جي ٿڌڪار به. اونهاري جي ڀيٽ ۾ سياري جي موسم طبيعت کي وڌيڪ وڻي ٿي. ڪپڙا لٽا پهري به سخت سرديءَ کي منهن ڏيئي سگهجي ٿو. پر اونهاري ۾ هڙئي ڪپڙا لاهڻ سان به گرمي جان نٿي ڇڏي. بادل هلڪي هلڪي بوندا باندي ڪري رهيا آهن ته ڪيڏي مهل سج جيڪو شاهن جو شاهه آهي بادلن کي هٽائي ڌرتيءَ تي پنهنجي روشني ڦهلائي ڇڏي ٿو. رستي جي ٻنهي پاسي ننڍيون وڏيون رهائشي ۽ ڪمرشل عمارتون آهن. هاڻي اسان جي گاڏي ترانا شهر کان ٻاهر نڪري آئي آهي، رستو ڊبل، ڪافي ويڪرو ۽ سٺو ٺهيل آهي ان ڪري لوڏا ۽ جهٽڪا محسوس ڪونه ٿا ٿين، جيڪي عام طور تي پاڻ وارن ڳوٺن ڏي ٺهيل رستن جي سفر ۾ محسوس ٿيندا آهن. هاڻي پنهنجي ٻنهي پاسي وڻ ٽڻ ۽ سر سبز ميدان آهن ۽ پريان جبل به نظر اچن پيا، ڪٿي ڪٿي زمين تي فصل به پوکيل نظر اچن پيا. سبزين ۾ ڀينڊي ۽ ڪدو وغيره ته فروٽ ۾ ڇانهيون، بليڪ بيري، نارنگيون وغيرہ ٻنين ۾ پوکيل نظر اچن ٿيون. هتي سياري ۾ فصلن کي گهڻي سردي کان بچائڻ لاءِ انهن جي مٿان وڏا اڌ گولائي ۾ ٽينٽ (پال) لڳائي ڇڏيندا آهن. هتي جون سبزيون ۽ ڦل فروٽ کائڻ ۾ ڏاڍو لذيذ آهن جيئن پاڻ وارين ناردرن ايريائن ۽ بلوچستان ۾ چمن پاسي هوندو آهي. اسان جي سفر سان گڏ هلڪي هلڪي بوندا باندي ۽ بادلن ۽ سج جي لڪ لڪوٽي راند به جاري آهي. جيڏي مهل سج جا ڪرڻا سرنهن ۽ ٽارن نما وڻن مان ليئا پائين ٿا ته لڳي ٿو ته ڄڻ ڪنهن سندري جي مٿي تان پوتي سرڪي وئي هجي ۽ ان جي ديدار سان دل جا چارئي طبق روشن ٿي ويا هجن. جڏهن اهڙا روح پرور نظارا هجن ۽ ان ۾ وري سياري جي خنڪي ۽ مستي شامل هجي ۽ مٿان وري مئڊم نورجھان جي ڳايل دل کي ڇهندڙ گاني، “رم جهم رم جھم پڙي ڦوهار، تيرا ميرا نت ڪا پيار“، جھڙي بارش جي بونداباري بہ ٿيندي هجي، ۽ وري جي اھڙي رومانٽڪ ماحول ۾ محبوب بغل ۾ نه هجي، ته پوءِ من اندر جي سَڌ (خواھش) گرم گرم ڪافي جا سپ ڀري پوري ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ئي ڪونھي. اهو سوچيندي مون ليڊي کي چيو ته جتي ڪا سريلي هوٽل يا اسپاٽ ڏسين ته گاڏي بيهارجانءِ ته ڪافي جو چسڪو وٺجي. ليڊي گاڏي هڪ ريسٽورنٽ وٽ اچي بيهاري. ريسٽورنٽ جي ٻاهران جيئن پاڻ وٽ مسجدن ۾ وضو لاءِ ڊگهي قطار ۾ پاڻي جا نل لڳل هوندا آهن، تيئن هتي وري چيل جي قد جي ڊيگهه تي هڪ ڊگهو ٽب ٺهيل هو، جنهن ۾ لڳل بنا والوَ (ٽونٽي) جي نلن مان پاڻي وهي رهيو هو. هي پاڻي دراصل پري نظر ايندڙ پهاڙن مان پنهنجا رستا ٺاهيندو وهي ٿو جن کي هتي پائيپن مان گذاري واش بيسن طور استعمال ۾ آندو ويو آهي. پنهنجي به دل چاهيو ته پهاڙن ۽ چشمن مان وهي ايندڙ قدرتي پاڻي جي ڇهاءُ جو مزو وٺجي. هڪڙو سيارو مٿان وري پاڻي به ٿڌو اهڙو جو وطن ياد ڏياري ڇڏيائين. اندر اچي ريسٽورنٽ جي ڪائونٽر تي ڪافي جو آرڊر ڏنو. ٿوري ئي دير ۾ ڪائونٽر مين ڪافي ٺاهي ڪائونٽر تي رکي. گاڏيءَ جي ڊرائيور ليڊي ڪائونٽر تي سروس ڏيندڙ کي ان جي پويان شيلف تي رکيل بوتل ڏانهن اشارو ڪيو. ليڊي بوتل مان پنج ست ڦڙا ڪافي ۾ وڌا ۽ مون کي به آفر ڪئي. مون پڇيو، ”ليڊي هي ڇا آهي؟“ چيائين، ”وسڪي آهي، ان سان ڪافي جو سرور اڃان وڌي وڃي ٿو. توهان چاهيو ته وسڪي، وائن ۽ بيئر جا ٻيا برانڊ به پيا آهن جيڪو پسند اچي اهو ڪافي ۾ ملائي پيو.“ شراب يا ڪافي جو استعمال ته منهنجي لاءِ نئين ڳالهه ڪونه هئي، پر ٻنهي جو ڪاڪ ٽيل (سنگم) منهنجي لاءِ نئين ڳالهه ضرور هئي. مون سوچيو، ٺيڪ آهي ليڊي جي کڻي ڳالهه مڃجي، جي پيئڻ ۾ مزو نه آيو ته ٻي ڪافي ٺهرائي وٺبي. پر سچ پڇ ته سوم رس سان مليل ڪافي ڏاڍو مزو ڏنو. شراب مليل ڪافي پيئڻ سان ئي من اندر جا چارئي طبق روشن ٿي ويا. انهن پنجن ستن شراب جي ڦڙن ڪافي کي اهڙو مست بڻائي ڇڏيو جهڙو ڪنهن نازنين کي گهنگهرو جي ڇم ڇم بڻائي ڇڏيندي آهي. لطيف سائين به اهڙي ئي ڪنهن ماحول کي ذهن ۾ رکي چيو هوندو:
جي ماسو مليئي مال، ته پوڄارا پُر ٿيئين.
ھهڙي مست ڪافي پيئجي ۽ مٿان وري ٻيڙو (سگريٽ) نه دکائجي کوڙو ئي ڪونه ٿو لڳي. ريسٽورنٽ کان ٻاهر نڪري سگريٽ دکايم. هن ٽوئر ۾ هڪڙي ڳالهه چڱي ٿي آهي ته مون کي ڊرائيور سريلو ملي ويو آهي. انگريزي به سمجهي ٿو. نت هتي البانيا جا ماڻهو انگريزيءَ کان ڄڻ آڱوٺو. هوٽل ۾ صبح جي ناشتي ۾ بوائل بيضو هو، ويٽر کي چيم ته ڪارا مرچ کڻي اچ، سمجهائي سمجهائي دماغ چٽ ڪري ڇڏيم، پر حرام جو سمجهي. نيٺ ڪائونٽر تي مالڪ کي چيم. پر ان کي به ڳالهه دماغ ۾ نه ويٺي. پوءِ الائجي البانيا جا ماڻهو ڪارا مرچ کائين بہ ٿا يا نه؟ بهرحال جيترا ڏينهن رهياسين بوائل انڊو بنا ڪارن مرچن جي ئي کائڻو پيو. ليڊي اٽلي ۾ به نوڪري ڪري آيو آهي، انهيءَ ڪري رليل پنيل هئڻ سبب انگريزي اچيس ٿي ۽ ٿوري گهڻي تاريخ سان به دلچسپي اٿس. سو البانيا جو انڌو منڊو حال احوال به پڇا ڪرڻ تي ٻڌائيندو هليو ٿي. هڪڙي چوڻي آهي ته ايڪ سي ڀلي دو، سو اها چڱي ڳالهه آهي ته ليڊي به سگريٽ جو پياڪ آهي سو اسان جو جوڙ ٺهي ويو آهي. وڏي ڳالهه ته زنده دل ماڻهو به آهي ۽ ليکي باز به ناهي، جو پاڻ کي مختلف پرڏيهي سفرن ۾ ٽيڪسي ڊرائيورن جو عذاب ساريل آهي. ليڊي کي مون پنهنجو سگريٽ پياريو، پر هن کي ان مان مزو نه آيو. ڀلا ماروِن گولڊ جهڙو اسٽرانگ سگريٽ پيئڻ واري کي لائٽ سگريٽ پيئڻ مان ڪهڙو مزو ايندو؟ مون کي به آفر ڪيائين پر پاڻ آهيون شوقيه پيئندڙ، سو ان جو تيز برانڊ وارو سگريٽ پاڻ کي به سمجهه ۾ نه آيو. سگريٽن جا ڪش ڀري وري اچي گاڏي ۾ ويٺاسين. بس اهي ئي رستا اهي ئي جبل، واديون، رستي ۾ ايندڙ ننڍا وڏا ڳوٺ شهر ۽ اهي ئي رمندا بادل، جن آسمان تي هڪڙا تجريدي آرٽ جا چتر ٺاهيا ٿي ته وري اهي مٽائي ٻيا ٺاهيا ٿي، بلڪل ايئن جيئن فطرت ۾ تخليق جو سرجڻ ۽ پوءِ ميٽجڻ ۽ وري سرجڻ جو تسلسل جاري رهي ٿو. مٿي اڀ ۾ آسمان جا بدلجندڙ رنگ ۽ هيٺ زمين تي روح پرور جبلن، جهرڻن ۽ وادين جا نظارا پسندي تقريبن ٻه ڪلاڪ جي سفر کانپوءِ پاڻ پهچي ويا آهيون بيرات.
بيرات جنهن کي الباني پنهنجي ٻولي ۾ بيراتي (Berati) به سڏين ڪافي خوبصورت شهر آهي. هاڻي پاڻ سان گڏوگڏ اوسم (Osum) ندي به سفر ڪري رهي آهي ۽ ان جي ساڄي ڪپ (پاسي) تي هي شهر آباد آهي. پراڻين ۽ جديد عمارتن تي مشتمل هي شهر 2400 سال پراڻو آهي. انهيءَ عرصي ۾ هن شهر ڪئين لاڙها چاڙها ڏٺا ۽ ڪيترين ئي تهذيبن ۽ بادشاهتن کي ڊهندي ۽ ٺهندي به ڏٺو. پاڻ هاڻ سفر ڪندي وچ شهر ۾ اوسم ندي جي پيڊسٽيرين پل وٽ اچي پهتا آهيون. اچو ته گاڏيءَ مان لهي شهر جو واءُ سواءُ وٺون. بيرات جو پراڻو شهر ٽن حصن تي مشتمل آهي. (i) گوريڪا جنهن ۾ اوسم ندي وارو علائقو ۽ بالڪن هائوسز شامل آهن. (ii) Kalaja castle يا بيرات قلعو. (iii) Mangalam جنهن ۾ قلعي جي هيٺائين وارا پراڻا علائقا ۽ ھوٽلون اچي وڃن ٿيون.
اوسم ندي مٿان ٺھيل هيءَ پل لوهي رسن تي بيٺل آهي. ندي جي ٻنهي پاسن تي هڪ هڪ پلر آهي. باقي وچ واري پل جي سڄي وزن کي اهي مضبوط رسا جهليو بيٺا آهن، جيڪي پل مٿان ٺهيل ٻن مستطيل شڪل جي فريم وارن ڪالمن سان ڳنڍيل آهن. هن ندي جي ساڄي پاسي تومور (Tomorr) جو پهاڙي سلسلو آهي، جنهن جي اوٽ ۾ بيرات شهر اڏيل آهي ۽ کاٻي پاسي شپراگ (Shpirag) جو پهاڙي سلسلو آهي. وچ ۾ هي خوبصورت ندي وهي ٿي. اوسم ندي سان به هڪ قصو وابستا آهي جيڪو ديو مالائي پسمنظر رکي ٿو. اهو قصو ڪجهه هينئن آهي ته چون ٿا ته ڪنهن زماني ۾ تومور ۽ شپراگ ٻه ڀائر ٿي گذريا آهن. هڪ ڏينهن تومور جي نظر حسين عورت اوسم تي پئي هو ان جي محبت ۾ گرفتار ٿي ويو ۽ پوءِ ٻئي هڪٻئي سان پيار ڀريون ملاقاتون ڪرڻ لڳا. ساڳي صورتحال تومور جي ڀاءُ شپراگ سان به ٿي ۽ هو به اوسم سان محبت جا پيچ اڙائي ويٺو. اهڙي طرح اوسم سان ٻئي ڀائر ڳجهي نموني ملندا رهيا ۽ اوسم ٻنهي سان بي پناهه محبت ڪندي هئي. ھوءِ ٻنھي مان ڪنهن به هڪ کي پنهنجي من جو راڻو چونڊڻ جو فيصلو ڪري نه پئي سگهي. اهو پيار محبت جو سلسلو ايئن ئي هلندو رهيو، پر نيٺ هڪ ڏينهن تومور کي پتو پئجي ويو ته شپراگ به اوسم جي محبت ۾ گرفتار آهي ۽ هن سان ڳجهي نموني ملاقاتون ڪري ٿو. تومور شپراگ کي اوسم سان ملڻ کان منع ڪئي. پر جتي تومور جي من مندر ۾ اوسم ويٺل هئي، ته اُتي شپراگ وري اوسم جي پيار بنا ڪيئن جي سگهيو ٿي؟ شپراگ تومور کي اهو چئي انڪار ڪيو ته هو اوسم کي ڇڏڻ جو سوچي به نٿو سگهي. چوندا آهن ته پيار ۽ جنگ ۾ سڀ ڪجهه جائز آهي، سو هي ٻئي ڀائر به اوسم لاءِ هڪٻئي کي مارڻ لاءِ تيار ٿي ويا. ٻنھي ڀائرن ۾ سندري اوسم تان جنگ لڳي. تومور پنهنجي ڀاءُ شپراگ جا تلوار سان ٽڪرا ٽڪرا ڪيا ۽ شپراگ هن کي پٿرن سان چچري ماريو. جڏهن اوسم کي هن دردناڪ قصي جي خبر پئي ته روئي روئي صدمي ۾ مري وئي. ۽ پوءِ هر ديو مالائي قصي جيان هن قصي جي به روايت آهي ته اوسم جي لاريل لڙڪن مان هيءَ ندي (اوسم) ٺهي ۽ تومور جبل ۾ تبديل ٿي ويو جنهن تي اڄ به ننڍا وڏا جام سوراخ ۽ کوٻا آهن جيڪي شپراگ طرفان پٿر هڻڻ سبب ٿيا ۽ شپراگ به جبل ۾ تبديل ٿي ويو، جنهن تي اڄ به تيز ڌارن يا ڪٽ جا نشان آهن جيڪي تومور پاران کيس تلوار سان ڳترا ڳترا ڪرڻ سبب ٿيا.
پاڻ هاڻ اچي بيٺا آهيون اوسم ندي جي مٿان ٺهيل پل تي. من مهڻي البيلي اوسم ندي، جيڪا هونئن ته بيرات واسين جي اڃ اجهائڻ جو ذريعو بڻيل آهي، پر هڪ ڪلاڪار هئڻ ناتي آئون ان جي سيني ۾ سانڍيل درد ۽ لاريل لڙڪن جي ڀوڳنائن کي چڱيءَ پر محسوس ڪريان ٿو. هڪ اهڙو ئي درد ۽ ڪرب جيڪو سنڌو درياهه جي سڪڻ تي سنڌ واسين کي محسوس ٿئي ٿو. اوسم ندي جي ساڄي پاسي تومور ۽ کاٻي پاسي شپراگ جبلن جا منظر جيڪي هونئن ته بيرات واسين لاءِ روح کي راحت پهچائڻ جو ذريعو بڻيل آهن، پر هڪ ڪلاڪار هئڻ ناتي تومور ۽ شپراگ کي آئون اڄ به سندن محبوبه اوسم ڏانهن حسرت ڀرين نگاهن سان نهاريندي محسوس ڪريان ٿو. تومور ۽ شپراگ، اوسم جي موت ۽ لاريل لڙڪن تي من ئي من ۾ پاڻ کي ملامت ڪندي نظر اچن ٿا. انهن جا درد آهن جيڪي گهٽجڻ جو نالو ئي نٿا وٺن ۽ انهن جا چاڪ (تومور ۽ شپراگ جبلن تي کڏن کوٻن ۽ ڌارن جا نشان) چڪندا ئي رهن ٿا، اهڙا چاڪ (زخم) جھڙا ڪارونجهر جي ڪٽجڻ ۽ مورن جي ٻاڪارڻ تي ماروئڙن کي محسوس ٿين ٿا.
اوسم ندي جي ڊيگهه 161 ڪلو ميٽر آهي. هي ندي ڪورش (Korce) جي ڏکڻ اولهه ۾ واقع ڳوٺ وڌڪڪ Withkng کان 1050 ميٽر اوچائي تان پنهنجو سفر شروع ڪري ٿي ۽ سيپان (Cepan)، ڪورووڊ (Corovode)، بيرات، ارش وجگورر (Urc Vajgurore) کان ٿيندي ڊيولي (Devoli) وٽ وڏي ندي سيمن (Seman) ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. اوسم ندي تي بيرات ۾ هڪ پل اِها آهي، جنهن تي پاڻ هن وقت بيٺا آهيون يعني پيڊسٽرين پل جيڪا 2019 ۾ ٺاهي وئي آهي ۽ ٻي آهي گوريڪا (Gorica) پل، جيڪا دراصل بيرات جو گيٽ وي به آهي. گوريڪا برج اوٽومين شهنشاهيت جي دور جي آهي. هيءَ پل اصل ۾ ڪاٺ جي هئي جيڪا 1750 ۾ ٺهي راس ٿي ۽ تباهه حالي کانپوءِ 1920 ۾ ان کي جابلو پٿرن سان وري نئين سر تعمير ڪيو ويو ۽ هن جي مرمت وري 2015 ۾ ڪئي وئي. هيءَ پاڻ واري سکر بئراج جي پل جيان آهي. هن ۾ ست ڪمانيون (Arc) آهن ۽ هيءَ پل 129 ميٽر ڊگهي، 5.3 ميٽر ويڪري ۽ پاڻي کان مٿي هن جي اوچائي 10 ميٽر آهي. هن پل جي لاءِ به هڪڙو ديو مالائي قصو (مٿ) مشهور آهي ته هن پل جي هيٺان اونداهي تهه خاني ۾ هڪ حسين دوشيزه کي قيد ڪري بکيو رکيو ويو ته جيئن ديوتائن جا روح خوش ٿي هن پل جي حفاظت ڪن. انهيءَ زماني ۾ ويچاريون عورتون ئي ٻلي چڙهنديون هيون. پوءِ بادشاهه جي دراز عمر جي ڳالهه هجي يا بادشاهه جي تخت جي سلامتي جو مسئلو هجي. خير اهو ته ٿيو پراڻي ۽ جاهلاڻي پدري سماج جو عورت ڏانهن رويو. پر اڄ جي سڌريل سماج ۾ به عورت سان مرد جا رويا بهتر ناهن. ورهاست جو تڪرار هجي يا گهرن جو نظام، حقن جي ڳالهه هجي يا سماج ۾ حيثيت، عورت سان جانور کان به بدتر سلوڪ ڪيو وڃي ٿو ۽ سماج ۾ هر ظلم جو پهريون شڪار اڃان به عورت ٿئي ٿي ۽ اڪيلو ئي ڀوڳي ٿي.
شهر کان ٻاهر اوسم ندي جي گوريڪا پل تي ٻنهي پاسي خوبصورت جبلن جا منظر آهن، جتي ماڻهو ان پل جي قديم تعميرات جي فن (Antic Architect) مان متاثر ٿئي ٿو ته اتي وري سر سبز وادين جا منظر روح کي ريجهائن ٿا. جڏهن ته بيرات وچ شهر ۾ واقع پيڊسٽرين پل تي وري ماڻهن جي خوب رونق رهي ٿي. حسين ۽ خوبصورت جوان ۽ جوانڙيون ندي جي شور و غل ۽ هڪڙي پاسي تومور جبل جي اوٽ ۾ خوبصورت شهر جي نظاري ۽ ٻئي پاسي وري شپراگ جبل جي دلڪش منظرن ۾ پنهنجي پيار محبت جي داستانن جو ورجاءُ ڪن ٿا. تقريبن هڪ ڪلو ميٽر ڊگهي پل تي پيرڙا کڻندي ماڻهو پاڻ کي اوسم جي اُجري پاڻي جهڙو محسوس ڪري ٿو. فطرت جنهن ۾ ڪابه برائي ناهي، ڪوبه گناهه ناهي. ماڻهو جي دماغ جي بجاءِ دل سان سوچڻ شروع ڪري ته هو سچ پڇ آهي به فطرت جهڙو پاڪ صاف ۽ شفاف. اوسم جي ڪناري سان تمام وڏو ۽ ڊگهو لوھي جنگلي سان فوٽ پاٿ بہ ٺهيل آهي جنهن تي کائڻ پيئڻ لاءِ مڪائي جا سنگ، پڪل چڻا ۽ ٻيون هلڪيون ڦلڪيون شيون ملن ٿيون ۽ ويهڻ لاءِ اوسم ندي جي ڪناري تي مختلف ھنڌن تي مختلف ڊزائنن جون بينچون به فڪس ڪيل آهن. جيئن ته ڊسمبر ڪرسمس جو مهينو آهي، ان حساب سان سڄي البانيا ۾ ڪرسمس جون تياريون ۽ تقريبون زور تي آهن. اڄ جيتوڻيڪ ڊسمبر جي پهرين تاريخ آهي ۽ ڪرسمس ڊسمبر جي پڇاڙيءَ واري هفتي (25 ڊسمبر) تي ٿئي ٿو، پر هتي پورو ڊسمبر البانيا جي ڪنهن به شهر ۾ وڃو، تفريح وارن ايريائن ۾ يا هوٽلن يا ٻين پبلڪ اسپاٽس تي، توھان کي ڪرسمس جا وڻ ۽ ان حساب سان ٻيا سينگار نظر ايندا. هتي به اوسم جي ڪناري تمام وڏو ڪرسمس ٽري سجايو ويو آهي ۽ اوسم جي تفريحي ايريا واري فوٽ پاٿ جي روڊ جي هن ڀر به دڪانن جي ٻاهران ڪرسمس جا وڻ نظر اچن پيا. البانيا آهي ته مسلمانن جي اڪثريت وارو ملڪ پر هتي مذهب ماڻهن لاءِ بنيادي اهميت نٿو رکي. سڀني مذهبن وارا ماڻهو امن آشتي ۽ پيار محبت سان پاڻ ۾ گڏ رهن ٿا، ڪير به ڪنهن کان نه عقيدي بابت پڇي ٿو ۽ نه ان بنياد تي نفرت ڪري ٿو ۽ نه ئي ابتو سبتو بحث ڪري ٿو. پاڻ وٽ خبر ناهي اهي ڏينهن ڪڏهن ايندا جڏهن ماڻهو جي سڃاڻپ جو معيار ماڻهپو هوندو نه ڪي مذهب.