اچو ته البانيا گهمون پوگراڊيڪ ڏانهن پنڌ ڀوَن سنڌي قسط-4
قسط-4
پوگراڊيڪ ڏانهن پنڌ
ڀوَن سنڌي
وري اهي ئي پهاڙ، اها ئي روح کي راحت پهچائيندڙ ساوڪ هاڻي ٿورو اڳيان هلڻ سان پاڻ سان گڏ ننڍي گيج واري ريلوي ٽريڪ (پٽڙي) به هلي رهي آهي. ڪيڏي مهل اها رستو تبديل ڪري پهاڙن ۾ گم ٿيو وڃي ته ڪيڏي مهل وري اچيو ظاهر ٿئي. ڪيڏي مهل کليل وادين ۾ هلي ٿي ته ڪيڏي مهل تراشيل جبلن جي اوٽ (پاسو) ڏئي هلي ٿي ته ڪيڏي مهل وري ٻن جبلن جي وچ ۾ ايندڙ وادي ۾ ٺاهيل قداور پلرن جي پل مٿان هلندي رهي ٿي. هي ننڍي پٽي (Narrow gauge) واري لائين آهي جيڪا ٻي جنگ عظيم جي دور ۾ وڇائي وئي هئي ۽ ايلباسن کان پورگاڊيڪ تائين ويندي هئي. البانيا ۾ ڪميونسٽ دور حڪومت تائين هيءَ لائين فعال هئي. ياد رهي ته البانيا ان زماني ۾ سوويت يونين جو حصو هو. 1990ع ۾ سوويت يونين جي ٽٽڻ ۽ البانيا ۾ ڪميونسٽ ڊڪٽيٽر دور حڪومت کان سخت چڙ سبب البانيا ۾ ماڻھن جذبات ۾ اچي نه صرف ڪميونسٽ دور جا يادگار جن ۾ ڪميونسٽ دور جي اڳواڻن جا پتلا وغيرہ به شامل ھئا ته تباهه ڪيا، پر ساڳئي وقت ڪميونسٽ دور جون چڱيون شيون به تباهه ڪيون جن جو ملڪ جي ترقي ۾ به اهم رول هو. چوندا آهن ته محبت ۽ نفرت ۾ سڀ ڪجهه جائز آهي، سو هنن پنهنجي ئي ملڪ جي ترقي ۽ سونهن بڻيل عمارتن توڙي ٻين شين کي به پنهنجو نه ڪيو. هيءَ ريلوي لائين به ان زماني کان بي توجھي جو شڪار رهي ۽ ماڻهو هن جا مختلف هنڌن تي ٽريڪ اکوڙي گاڊر به کڻي ويا. اڄ ان جا ڪٿي ڪٿي ڪي آثار نظر اچن ٿا نه ته ٻيو مڙئي ٿيو خير. ايلباسن کان پورگاڊيڪ تائين جبلن ۽ وادين ۾ هلندڙ هيءَ ريل جيڪا فطرت جا نظارا پسائيندي هئي سان غير فعال ته ڪافي وقت کان هئي، پر 2015ع کان هن کي باضابطه طور بند ڪيو ويو. هونئن به سڄي البانيا ۾ ٽرين سروس جو ڪو سٺو نظام ناهي. عام طور تي مال گاڏيون هلن ٿيون ۽ ڪٿي ڪٿي پئسينجر سروس آهي سا به جزوي. البته 2018ع ۾ يورپي يونين جي فنڊنگ سان نوان ريلوي ٽريڪ وڇائڻ جو ڪم جاري آهي اڳتي هلي ريلوي به آمد و رفت جو مکيه ذريعو بڻجڻ جا امڪان نظر اچن ٿا.
هاڻي پري پري نظر ايندڙ جن پهاڙن تي برف ڄميل نظر اچي رهي هئي، اهي پهاڙ آهستي آهستي ويجها ٿيندا پيا وڃن. ڪيڏي ڪيڏي مهل سج ڪني ڪڍي ٿو ته سج جي پوندڙ ڪرڻن تي پهاڙ ايئن چمڪي اٿن ٿا جيئن گوري جي گج تي ڪاوا (ٽڪون). هاڻي اسان جي گاڏي جي ٻنهي پاسن کان پهاڙن ۽ وادين تي برف وڇايل آهي. ننڍي هوندي کان فلمن ۾ روح کي اڇي لباس ۾ ڏسندا آيا آهيون. هتي به سڄي وادي ڄڻ روحن جي وستي بڻجي چڪي آهي. فطرت واقعي به پاڪ ۽ شفاف روح جيان آهي جنهن ۾ پيار محبت ۽ سندرتا ڀريل آهي. جنهن ۾ بدي جو ڪو تصور ڪونهي، جنهن ۾ ساري جڳ لاءِ فقط ۽ فقط پيار ۽ ارپنا آهي. جي ڪو مورک ان مان فيض نٿو وٺي ته اهو اڀاڳو چئبو. فطرت جا در ته سڀني لاءِ کليل آهن. هاڻي اسان بلڪل ويجهو پهتا آهيون ننڍڙي ڳوٺ پريناس جي، جتي پهاڙ مٿي وڏي ميدان تي فطرت جهڙي پاڪ پويتر ديوي مدر ٽيريسا جو قدآور پتلو نصب ٿيل آهي. هي مجسمو البانيا ۽ اتر مقدونيا جي سرحد ويجهو البانيا جي حدن ۾ آهي. مقدونيا مدر ٽيريسا جي جنم ڀومي آهي ته البانيا وري سندس ماءُ پيءُ جي جنم ڀومي، ٻئي ملڪ ساڻس تعلق هئڻ تي فخر محسوس ڪن ٿا ۽ پيار ڪن ٿا ۽ بارڊر تي نصب ٿيل هي پتلو ان جي علامت بڻيو بيٺو آهي. ٻانهون ٻڌل مدر ٽيريسا جي پتلي تي برف ڄميل هئي ۽ ايئن محسوس ٿي رهيو هو ته اڄ به هن فطرت جي سونهن ۽ سوڀيا کي پنهنجي ڇاتيءَ سان لڳائي ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏيو هو ۽ ايئن محسوس ٿي رهيو هو ته هوءَ اڄ به ڄڻ دنيا کي پيار محبت جو سنيهو ڏيندي چوندي هجي: ”فطرت جيان بڻجو، جنهن ۾ سڀني لاءِ محبت آهي ۽ ڪنهن جي لاءِ به نفرت ڪونهي. جنهن وٽ بنا ڀيد ڀاوَ، رنگ نسل ۽ مذهب جي سڀ برابر آهن ۽ هن جو اولاد آهن.“ مدر ٽيريسا جي چبوتري جي اڳيان ڪافي کلو ميدان آهي جنهن کي چوڌاري هڪ ننڍو جنگلو به ڏنل آهي ۽ هڪ هوٽل به ٺهيل آهي ۽ پريان جبلن مٿي پريناس ڳوٺ به نظر اچي ٿو. هن انسانيت جي خدمتگار ديوي جا ان کانسواءِ به البانيا جي ڪافي شهرن ۾ مجسما نصب ڪيا ويا آهن جتي ماڻهو اچي هن کي محبت مان خراج پيش ڪن ٿا. تڏهن ته مان چوان ٿو، ”جڏهن توهان پاڻ ارپيو ٿا ته پوءِ سڄي دنيا توهان جي ٿي وڃي ٿي.“
مدر ٽيريسا جي حاضري ڀري اڳيان هلڻ جي ڪئي سين. اهي ئي برفاني پهاڙ، واديون ۽ انهن جي وچ ۾ ٺهيل ڪشادي ڊبل روڊ تي هلندڙ اسان جي گاڏي. روح کي راحت ۽ اکين کي ٿڌڪار ۽ سرير کي تازگي بخشيندڙ نظارن جو جلوو ئي ڪجهه ٻيو آهي. مون محسوس ڪيو آهي ته انساني هٿن سان ٺاهيل خوبصورت عمارتون، پارڪ ۽ ٻيا خوبصورت جوڙيل منظر به دل کي وڻن ٿا، پر اهي قدرتي منظرن جي سونهن ۽ ڇڪ سان نٿا پهچي سگهن. مصنوعي (هٿرادو) جوڙيل جهان مان انسان جلد ئي ٿڪجي يا اڪتائجي وڃي ٿو ۽ هڪڙي وقت کانپوءِ ان ۾ يڪسانيت محسوس ٿئي ٿي، پر قدرتي منظرن مان انسان ڪڏهن به ٿڪجي نٿو ۽ هر ڀيري انهن کي ڏسڻ جي خواهش ڪر کڻي جاڳي ٿي ۽ جڏهن به ڏسي ٿو، انهن ۾ نواڻ محسوس ٿئي ٿي. شايد انسان جو آرٽيفيشل جي مقابلي ۾ فطرت سان لڳاءُ ان فطرت جو حصو (جز) هئڻ به آهي. اهو ئي سبب آهي جو فطرت انسان کي پاڻ ڏي ڇڪي ٿي ۽ اهو ان جي ڀاڪر ۾ مصنوعي جهان کان وڌيڪ خوشي ۽ سڪون ماڻي ٿو.
هاڻي اسان جي ٻنهي پاسي وڻ ٽڻ ۽ ميدان آهن جن تي برف پوڻ سبب انهن جا رنگ ئي نيارا نظر اچن ٿا ايئن جيئن ريکا جي انگن جي شاعري (ڊانس) ۾ سندس انگن جا ور وراڪا ۽ ادائون دلربا هونديون آهن. هاڻي اسان جي کاٻي پاسي جبلن جي دامن ۾ هڪ وڏي ڍنڍ نظر پئي اچي. هي اوهرڊ (Ohrid) ڍنڍ آهي. ڍنڍ ڇا آهي هن کي ننڍڙو سمنڊ چئي سگهجي ٿو ۽ پاڻ واري ڪينجهر جهڙيون ڪيتريون ئي ڍنڍون ان ۾ سمائجي وڃن. جيئن ته ٻاهر برف باري به ٿي رهي آهي ۽ گهري ڌنڌ به آهي تنهنڪري پاڻيءَ ۾ اڀرندڙ ڇوليون نظر نٿيون اچن ۽ ايئن محسوس ٿو ٿئي ته ڪنهن ڪلاڪار اڇي اُڀ کي هيٺ زمين تي پينٽ ڪري ڇڏيو آهي. انسان اڪثر سوچيندو آهي ته جڏهن هو ڌرتي ڇڏي آسمان ۾ ويندو ته اتي ئي ابدي سڪون ماڻيندو، پر هن منظر کي ڏسي ايئن لڳي ٿو ته ڄڻ آسمان پنهنجي بيچيني دور ڪرڻ لاءِ هيٺ ڌرتي تي لهي آيو آهي.
ان کان اڳ جو پاڻ گاڏيءَ مان لهي اوهرڊ ڍنڍ جو سير ڪريون، اچو ته ان ڍنڍ بابت ٿورو ڄاڻي وٺون. البانيا جي گادي جي هنڌ ترانا جتان پاڻ سفر شروع ڪيو آهي اتان کان هيءَ ڍنڍ 82 ڪلو ميٽر پري آهي. هن ڍنڍ جو ڪجهه حصو ڏکڻ اولهه مقدونيا ۽ ڪجهه حصو اوڀر البانيا ۾ آهي. هن ڍنڍ جي ڪل ايراضي 388 اسڪوائر ڪلو ميٽر آهي، ويڪر 16.8 ڪلو ميٽر، ڊيگهه 36.4 ڪلو ميٽر ۽ گهرائي 693 ميٽر آهي. هن جو شمار يورپ جي سڀ کان اونهي ۽ پراڻي ڍنڍ ۾ ٿئي ٿو، جنهن ۾ 200 کان مٿي مڇين، جيتن ۽ ٻين جاندارن جا قسم موجود آهن. اڄ کان تقريبن 10 ملين سال اڳ ھن علائقي ۾ فطري طور پهاڙ وجود ۾ آيا ۽ هن ڍنڍ جو انهن چُوني جي پٿرن (calcium carbonate) جي پهاڙن ۾ آيل تبديلين جي نتيجي ۾ جنم به 4 کان 10 ملين سال پراڻو آهي. هتي هن علائقي ۾ قديم سمنڊ ۽ ٻين ندين جا آثار به ملن ٿا. مقدونيا جي پاسي تي موجود هن ڍنڍ کي 1979ع ۾ ۽ البانيا واري پاسي تي موجود هن ڍنڍ کي 2019ع ۾ يونيسڪو جي ورلڊ هيريٽيج سائيٽ ۾ شامل ڪيو ويو. مقدونيا جي پاسي اوهرڊ ڍنڍ تي وڏو شهر اسٽروگا (Struga) ۽ البانيا جي پاسي وڏو شهر پوگراڊيڪ (Pogradec) آباد آهي.
پاڻ هاڻي گاڏيءَ مان لهي اوهرڊ ڍنڍ جي تمام ڊگهي ڪناري تي ٿوري چهل قدمي ڪئي. اوهرڊ ڍنڍ جو ڪنارو سمنڊ جي ڪناري جيان ڏيکاءُ ڏئي ٿو. هن ڊگهي ڪناري تي ماڻهن جي تفريح لاءِ ويڪري ۽ ڊگهي ڦهليل لان ۽ وڻن ۽ ٻوٽن جون ڊگهيون قطارون لڳايون ويون آهن ۽ ويهڻ لاءِ به چپي چپي تي بينچون سيٽ ڪيل آهن ۽ ساڳئي وقت خوبصورت مونيومينٽس پڻ. ٻاهر ايڏي ڌنڌ (ڪوهيڙو) آهي جو ڍنڍ جي ويجهو اچڻ سان به ان ۾ لهرن جي چُرپُر محسوس نٿي ٿئي بلڪل ايئن جيئن ٽي وي جو پاز (Pause) جو بٽڻ دٻائڻ سان اسڪرين تي هلندڙ منظر (سين) ساڪن ٿي ويندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي چري دل به سوچيندي آهي ته جڏهن ڪا دل کي وڻندڙ سندري نظر اچي ته پاڻ به ڪر پاز جو بٽڻ دٻائي ان جي ديدار کي تاحيات بڻائي ڇڏيون، پر جلد ئي پاڻ کي هن اجگر دنيا ۾ ننڍن هٿن هئڻ جو احساس ٿيندو آهي، پر پوءِ به استاد غالب جي چواڻي، هزارون خواهشين ايسي ڪي هر خواهش پي دم نڪلي.
پنھنجي قد ڪاٺ کان دنيا ڀلي ڪيڏي سگهاري ئي صحيح، پر خواهشون ڪرڻ ۽ خواب ڏسڻ کان پاڻ کي ڪنهن جو بابو به روڪي نٿو سگهي. ٻاهر سردي به تمام گهڻي آهي ۽ ندي به اڇي چادر اوڍيو ستي پئي آهي انهيءَ ڪري بهتر سمجهيوسين ته ماٺڙي ڪري اچي گاڏيءَ ۾ ويهجي ۽ اڳتي جو سفر جاري رکجي. هاڻي گاڏي اڳيان وڌندي رهي ٿي ۽ ان سان گڏ ڍنڍ جنهن تي اڇ ئي اڇ ڇانيل آهي. سخت ڪوهيڙي سبب ڍنڍ تي پکي به نظر ڪونه ٿا اچن جن کان سرحد پار جو حال احوال وٺجي. اوھرڊ ڍنڍ البانيا ۽ مقدونيا، ٻنھي ملڪن ۾ وھي ٿي. هن ڍنڍ جي پاڻيءَ کي ٻنهي ملڪن ۾ وهڻ جي لاءِ نه ئي پاسپورٽ جي ضرورت آهي ۽ نه ئي ويزا جي. ساڳي ريت پکي به پنهنجي پرواز ۾ سرحدن جي بندشن کان آجا آهن. باقي انسان جيڪو پاڻ کي اعليٰ مخلوق هئڻ جي دعويٰ ڪري ٿو اڄ به هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ وڃڻ لاءِ قانونن ۽ قاعدن کي ڀوڳي ٿو. اسين ايڪويهين صدي جيڪا شعور جي صدي چوائجي ٿي ۾ رهون پيا، پر ڪيڏي نه ستم ظريفي آهي جو هن دور ۾ به سرحدون آهن ۽ انسان چاهيندي به اهي سرحدون ٽپي نٿو سگهي، ڄڻ فطرت، ڌرتي ۽ آسمان به سياهه صفت حڪمرانن جي بابي جا خلقيل يا خريد ڪيل هجن جو سرحدون جوڙيو ويٺا آھن. هڪڙو پنهنجن ملڪن ۾ ماڻهو غلامي ۽ موچڙي جي زيپٽن ۾ ۽ مٿان وري بين الاقوامي بدمعاش حڪمران سرحدون ٺاهي ماڻهن جي رستا روڪ ڪريو بيٺا آهن ۽ انهن کي فطرت جي بي پناهه حسناڪين ۾ آزاد گهمڻ ڦرڻ به نٿا ڏين. نيٺ ته اهو ڏينهن ضرور ايندو، جڏهن سڄي ڌرتي سڀني انسانن لاءِ هڪ وطن هوندو. مون کي شيخ اياز جي سٽن ۾ اڄ به ويساهه آهي:
نيٺ ته ڊهندي ڪيسين رهندي
دوکي جي ديوار
ديوار برلن به ٽٽي سگهي ٿي ته يقينن هڪ ڏينهن ساري ڌرتيءَ تي وڇايل نفرتن جون سرحدون به ٽٽنديون ۽ هيءَ ڌرتي به هڪ اڪائي طور فطرت جو حصو بڻبي. ….(هلندڙ)….