اچو ته ماحول جي حفاظت ڪريون! ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان… اياز عمراڻي
ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان…
اچو ته ماحول جي حفاظت ڪريون!
اياز عمراڻي
5 جون تي سموري دنيا ۾ ماحول جو عالمي ڏينهن ملايو ويندو آھي. ان ڏينهن تي ماحول جي باري ۾ جاڳرتا مهم هلائي ويندي آھي، مختلف هنڌن تي ڪانفرنسون منعقد ڪيون وينديون آهن، انهن ۾ ماحوليات جي اهميت جي باري ۾ مقالا پڙهيا ويندا آهن ۽ وڻ ۽ ٻوٽا پڻ لڳايا ويندا آهن ۽ اهو ٻڌايو ويندو آهي ته ماحول کي ڪيئن صاف سٿرو رکي سگهجي ٿو. اها آگاهي ڏني ويندي آهي ته هر جاندار کي زنده رهڻ لاءِ صاف سٿرو ماحول گهرجي ٿو، صحتمند ۽ صاف سٿرو ماحول تڏهن ئي پيدا ٿي سگهي ٿو جڏهن اسان زمين تي سٺ سيڪڙو وڻڪار ڪريون ۽ ٻيلا پوکيون. جيڪڏهن سٺ سيڪڙو مشڪل آهي ته گهٽ ۾ گهٽ چاليهه سيڪڙو ته زمين تي وڻڪار هجڻ گهرجي، جنهن جو اثر هر زنده جيوت تي پوندو. اسان کي وڌيڪ آڪسيجن ملندي، اسين فطرت جي ايڪو سسٽم کي بچائي سگهنداسين.
هن عالمي ڏينهن جي شروعات سن 1974ع ۾ ٿي، جنهن جو مقصد اهو هو ته عوام کي ماحول جي اهميت جي باري ۾ آگاھي ڏني وڃي. ڏينهون ڏينهن ماحول جي گدلاڻ وڌندي پئي وڃي. ذريعا گهٽ ٿيندا پيا وڃن ۽ دنيا جي آبادي تمام تيزي سان وڌندي پئي وڃي. ماڻهن جي لڏپلاڻ ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي وڃي. ان سان ماحول تي ڪهڙا اثر پون ٿا ۽ ان سڄي حقيقت کي ڄاڻڻ لاءِ ماحوليات جي عالمي ڪانفرنس سن 1972ع ۾ اقوام متحده ۾ ڪوٺائي وئي، جنهن کانپوءِ پهريون ڀيرو 5 جون 1974ع تي هن ڏينهن کي عالمي سطح تي ملهايو ويو. ان کانپوءِ جيڪي ملڪ اقوام متحده (United Nations Organization) ۾ اچن ٿا، انهن هن ڏينهن جي ميزباني ڪئي. هن وقت تقريبن هر سال ڪو نه ڪو ملڪ هن ڏينهن جي ميزباني ڪري ٿو. انهن ۾ ملڪ پاڪستان به شامل آھي. هن سال اها ميزباني پاڪستان ڪري رهيو آهي.
سن 1974ع کان سن 2021 تائين پاڪستان ان ڏينهن جي ٻيو دفعو ميزباني ڪري رهيو آھي. هن ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد ۾ اهي شيون ڄاڻائبيون، جن سان انسان ذات کي ماحول جي صفائي ۽ سٿرائي جي اهميت کان آگاهي ڏجي ته زنده رهڻ جي لاءِ ماحول جو صاف هئڻ ڪيترو ضروري آھي. هن وقت ماحول ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون تبديليون اچي رهيون آھن ۽ ڇو اچي رهيون آھن؟ انهن سڀني ڳالهين کي بيان ڪرڻ لاءِ اچو ته ڏسون پنهنجي ملڪ پاڪستان کي ماحوليات جي حساب سان ڪهڙا مثلا درپيش آھن.
پاڪستان ۾ سڀ کان اهم مسئلو هوائي گدلاڻ (Air Pollution) جو آھي. شھرن ۾ ھر طرف فئڪٽرين جو دونهون گاڏين مان نڪرندڙ دونهون، جيڪو ھوا کي گدلو ڪري ٿو. ان سان اسان جي صحت تي تمام گھڻا هاڃيڪار اثر پون ٿا، گند ڪچري جي ڍيرن مان تمام گهڻيون زھريلون گيسون نڪري هوا ۾ شامل ٿي وڃن ٿيون، جيڪي بيمارين جو سبب بڻجن ٿيون. نمبر ٻئي تي آھي پاڻي جي گدلاڻ (water pollution) صاف سٿرو پاڻي هر انسان جو بنيادي حق آهي خراب پاڻي هر جاندار جي لاءِ ھاڃيڪار آھي، تنهن جي لاءِ ضروري آهي ته اسان پنهنجي ماحول کي صاف سٿرو رکون، پلاسٽڪ جون ٿيلھيون گھٽ کان استعمال ڪيون. نمبر ٽئين تي آب و هوا (climate change) جي تبديلي سبب اسان جي زراعت تي وڏو اثر پئجي رهيو آهي. ڇو ته اسان جي ملڪ ۾ ٻيلن جي لاءِ مختص ڪيل زمين هائوسنگ سوسائٽين جي هٿ ور چڙهيل آهي ۽ بيدرديءَ سان وڻن جي ڪٽائي ڪري ٻيلن واري زمين کي ٻين مقصدن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، جنهن جي ڪري آبهوا جي تبديل هر جاندار جي مٿان منفي اثر وجهي رهي آهي. آبهوا جي گدلاڻ ڪري انسانن ۽ جانورن ۾ مختلف بيماريون پکڙجي رهيون آهن ۽ وڻڪار گهٽ ٿيڻ ڪري برسات جي شرح به گهٽجي وئي آهي، جنهن جي ڪري زير زمين پاڻي زهريلو ٿي رهيو آهي ۽ ان ۾ تيزيءَ سان ڪمي اچي رهي آهي. بي مندائتن مينهن ۽ ٻوڏن (flooding) جي ڪري فصلن کي ڪاپاري نقصان پهچي رهيو آهي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومڪتن کي گهرجي ته ماحول کي صاف سٿرو رکڻ لاءِ وڌ کان وڌ وڻ لڳائين ۽ سال جي سڀني حصن ۾ جنهن به وڻ کي لڳائي سگهجي ٿو ان جي وڻڪاري مهم کي جاري رکيو وڃي ۽ اهڙا وڻ لڳايا وڃن جيڪي ان خطي جا وڻ هجن جيڪي گهاٽي ڇانو ڏيئي سگهن ۽ جنهن ۾ پکي پنهنجا آکيرا ٺاهي سگهن ۽ ان مان مختلف قسمن جا فروٽ ۽ ماکي به حاصل ٿي سگهي. وڻ هوندا ته مختلف قسمن جا پکي به ان علائقي ۾ اچي آباد ٿيندا جنهن سان فطرت ۾ وڌيڪ خوبصورتي پيدا ٿيندي. نه رڳو حڪومتي سطح تي اهڙيون مهمون هلايون وڃن بلڪه اسان جا اهي سڀئي ڀائر جيڪي ٻهراڙين ۾ رهن ٿا جتي جتي اهي وڻ پوکي سگهن ٿا انهن کي وڻ پوکڻ گهرجن. ماحوليات جي عالمي ڏينهن تي اسان سڀني تي ذميداري عائد ٿي ٿئي ته اسان ان ڏينهن جي اهميت کي سمجهون ۽ پنهنجي زندگيءَ ۾ تبديلي آڻيون ۽ پلاسٽڪ جي ٿيلهين کان ۽ ڪچري کي هر جاءِ تي پکيڙڻ کان پرهيز ڪريون، صفائي نصف ايمان آهي اسان کي پنهنجي ماحول کي صاف سٿرو رکڻ گهرجي. اسان سڀ گڏجي جيڪڏهن ماحول کي صاف سٿرو رکڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته اسان جي هيءَ ڌرتي هڪ ڏينهن ضرور سرسبز ۽ شاداب ٿي ويندي.