اڳوڻو ڊي جي ايف آءِ اي: بشير ميمڻ
ھمسري
زاهده ابڙو: توهان جو بيورو ڪريٽڪ سفر ڪٿان کان شروع ٿيو ۽ ان جو اختتام ڪيئن ٿيو ان جي باري ۾ پڙهندڙن کي ڪجهه ٻڌائيندا.
بشير ميمڻ: بيورو ڪريٽ ته تمام وڏو لفظ آهي، آئون پنهنجو پاڻ کي سرڪاري خادم سمجهان ٿو. بيورو ڪريٽ انگريزي لفظ آهي آئون ته سرڪار جو نوڪر آهيان. سي ايس ايس ڪرڻ کانپوءِ مون 1986ع ۾ پنهنجو ڪريئر شروع ڪيو. پهرين نومبر 1986ع تي آئون نوڪري ۾ آيو هئس. ٽريننگ جي لاءِ لاهور ويس ان کانپوءِ پاڪ پروردگار جو ڪرم ٿيو. ڏٺو وڃي ته نوڪر ٿيڻ ڪا وڏي فخر جي ڳالهه ڪونهي، پر جيئن ته ٽين دنيا ۾ سرڪاري نوڪري تمام وڏي شيءِ هوندي آهي، ان ڪري خدا مون تي ڪرم ڪيو. سي ايس ايس ڪرڻ کانپوءِ هر آفيسر 17 هين گريڊ ۾ ٽريننگ جي لاءِ اڪيڊمي ويندو آهي ۽ پوءِ 22 هين گريڊ تائين جيڪو سڀني کان وڏو گريڊ آهي اوستائين پهتس ۽ ان ۾ مون رٽائر ڪيو.
زاهده ابڙو: توهان هڪ سنڌي آفيسر جي طور تي ڊي جي ايف آءِ اي ٿيا اهو سنڌين لاءِ هڪ وڏو اعزاز آهي تمام گهٽ سنڌي آفيسر اهڙن عهدن تائين پهچن ٿا. توهان جي رٽائرمينٽ ۾ پندرهن ڏينهن رهجي ٿا وڃن ۽ توهان استعيفيٰ ٿا ڏئي ڇڏيو ان جو ڪهڙو سبب هو.
بشير ميمڻ: سرڪاري نوڪري جا ڪجهه اصول ۽ ضابطا آهن آئون ايس پي به رهيو آهيان، ڊي ايس پي به رهيو آهيان، ڊي آءِ جي به رهيو آهيان، آزاد ڪشمير جو آءِ جي به رهيو آهيان. ٿيندو ايئن آهي ته جنهن آفيسر جا باقي مهينو ڏيڍ مهينو رٽائرمينٽ ۾ رهجي ويو هجي ته عام طور تي ان آفيسر کي اتان بدلي ناهي ڪيو ويندو. ڇو ته ان کي پنهنجي پينشن جا ڪاغذ به مڪمل ڪرڻا هوندا آهن. پينشن کي منظور ڪرائڻو هوندو آهي، ان ڪري ان وقت ان کي اتان هٽايو ناهي ويندو. منهنجي لاءِ ايئن چوان ته ڪو سٺو ماحول نه پئي هليو ۽ هنن پندرهن ڏينهن پهرين منهنجي بدلي ڪري ڇڏي. مون سمجهو ته اها منهنجي Insult آهي. آئون پنهنجي باري ۾ اهو ٻڌايان ته آئون هڪ لوئر مڊل ڪلاس مان آهيان، غريب ماڻهو آهيون. آئون سوچيندو هئس ته جڏهن به آئون رٽائر ٿيندس ۽ چارج ڇڏيندس ته لکندس ته آئون بشير ميمڻ پنهنجي چارج ڇڏيان ٿو ۽ سوچيندو هئس ته ان تاريخ تي اهو لکندس ته ڊائريڪٽر جنرل ايف آءِ اي آئون چارج ڇڏي رهيو آهيان، جيڪو منهنجي لاءِ ۽ منهنجن ٻارن لاءِ هڪڙو اعزاز هوندو ته آئون ڊي جي ايف آءِ اي طور رٽائر ٿيس. مون کي محسوس ٿيو ته منهنجو اهو فخر مون کان کسجي ويندو. آئون ڪجهه نفسياتي تصورن ۾ يقين رکان ٿو. پوءِ مون پنهنجو پاڻ کي چيو ته ٺيڪ آهي ٻيو فخر ٿا حاصل ڪريون ۽ چيم ته مون کي ڊي جي ايف آءِ اي طور استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. آئون ڊي جي ايف آءِ اي طور پهريون ماڻهو هوندس جنهن استعيفيٰ ڏني هوندي، رٽائر ٿيڻ وارا ته ٻيا به ڪيترائي هوندا. خدا مون کي اهو اعزاز ڏنو. مون کي اندازو هو ته منهنجي پينشن ۾ مون کي نقصان ٿيندو، مون کي جيڪو پلاٽ سرڪار کان مليل هو ان جو نقصان ٿيندو. سوچيم اهو ڪو وڏو نقصان ڪونهي. ڪنهن فخر اڳيان نقصان ڪهڙو ٿو ٿي سگهي.
زاهده ابڙو: ان جو مطلب آهي ته هڪ سنڌي آفيسر طور توهان نقصان کنيو ۽ پنهنجي فخر کي حاصل ڪيو.
بشير ميمڻ: آئون ان کي ٻوليءَ سان ڳنڍڻ نٿو چاهيان، مون پنهنجو سڄو ڪريئر ايئن ئي گذاريو آهي. مون پنهنجي ساک تي ڪڏهن به ڪو سودو ناهي ڪيو. مون پنهنجي ساک کي ۽ پنهنجي خاندان جي ساک کي هميشه اوچو رکيو آهي ۽ مون ڪڏهن به ڪنهن جي دٻاءُ ۾ اچڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. مون سوچيو ته پندرهن ڏينهن پهرين يا پوءِ گهر اچجي ڪهڙو فرق ٿو پوي.
زاهده ابڙو: اسان جي پڙهندڙن کي ٻڌايو ته اهڙي ڪهڙي ڳالهه ٿي وئي جنهن جي ڪري توهان کي پندرهن ڏينهن پهرين استعيفيٰ ڏيڻي پئي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ واري ڪيس ۾ توهان کي ان وقت جي وزيراعظم عمران خان ڪيئن دٻاءُ ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي.
بشير ميمڻ: ڪا هڪ شيءِ نه هئي ڪيتريون ئي شيون هيون، پر اهو ڪيس انهن سڀني مان اهم هو، گهڻو مسئلو نواز شريف جي فيملي سان شروع ٿيو هو. مون تي دٻاءُ هو ته مريم نواز تي دهشتگرديءَ جو ڪيس ٺاهيان ڇو ته هن فرسٽ ليڊي جي تصوير بابت ڪجهه چيو هو ۽ هن فرسٽ ليڊي لاءِ ايئن ڪيئن چيو. ان وقت کانپوءِ گرمي پد مٿي چڙهندو ويو ان کانپوءِ وري جج وڊيو اسڪينڊل ڪيس اچي ويو جيڪو ڏاڍو مشهور ٿي ويو، ان ۾ ماڻهن کي ڇڏيو ويو جيڪي بي ڏوهي هئا، ان تي به مريم نواز پريس ڪانفرنس ڪئي. شهباز شريف جي خلاف هڪڙو ڪيس پيو هلي، جنهن ۾ وزيراعظم مٿان چارج فريم ڪرڻي آهي، اهو به ڪيس پهرين مون وٽ آيو هو. پوءِ وري خواجه آصف جو آرٽيڪل 6 جو ڪيس، پوءِ خواجه سعد رفيق، خورشيد شاهه، نفيسه شاهه، مصطفيٰ نواز کوکر ڪا هڪڙي ڳالهه هجي ته ٻڌايان، اسفند يار ولي هڪ اڻ کٽ لسٽ هئي روز نئين فرمائش، روز انهن کي ٻڌائيندو هئس ته ايئن نٿو ٿي سگهي، اسان هڪڙو ادارو آهيون جنهن کي قانون جي مطابق ڪم ڪرڻو هوندو آهي. قاضي فائز عيسيٰ جو به اهو ئي سلسلو ٿيو جنهن لاءِ مون چيو ايئن نٿو ٿي سگهي. شهزاد اڪبر ۽ اعظم خان انهن ٻنهي کي مون ٻڌايو ته خدا جو واسطو اٿوَ هي ڇا پيا ڪريو. وزيراعظم سان ته منهنجي ٻن ٽن منٽن جي ملاقات ٿي هئي ۽ هن ڪو نالو به ڪونه کنيو هو، پر شهزاد اڪبر مون کي ان بابت چيو، مون هن کي چيو خدا کي مڃ هو جج آهي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو مان ان کي ڪيئن وڃي جڊيشل مئجسٽريٽ وٽ چالان ڪيان، اهڙو انسپيڪٽر ڪٿان وٺي اچان جيڪو هن جي خلاف انڪوائري ڪري. مون هنن کي ٻڌايو ته اهو ڪم جڊيشل ڪائونسل جو آهي، ان کي ڪرڻ گهرجي. هڪڙو ته رد عمل پهرين موجود هو ۽ پوءِ اهو به اچي ويو. هاڻي ته عمران خان صاحب پاڻ مڃي پيو ته اهو هنن غلط ڪم ڪيو ۽ اها انهن کان زيادتي ٿي وئي. هاڻي ان ڳالهه مان انهن جي جان ڪيئن ڇٽندي ته قاضي فائز عيسيٰ جي فيملي کي جيئن ذهني اذيت جو شڪار بڻايو ويو، عمران خان جي ڪابينا جا وزير جيڪو ڪجهه انهن سان ڪندا رهيا، پريس ڪانفرنسن ۾ انهن جو مذاق اڏائيندا رهيا. وڌيڪ تفصيل ۾ نٿو وڃان، پر ڇا توهان کي خبر آهي ته هو قاضي عيسيٰ جو پٽ آهي. جنهن پاڪستان جي تحريڪ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو، جيڪو قاعداعظم جو تمام ويجهو ساٿي رهيو. پاڻ جڏهن به ڪوئيٽا ويندو هو ته هميشه قاضي عيسيٰ جي گهر رهندو هو، اسان ان جي پٽ کي جيڪو سپريم ڪورٽ جي طرفان ايماندار ثابت ٿيو ۽ جيڪو ايماندار آهي به. آئون سندس ڪورٽ ۾ هڪ دفعو پيش ٿيس، هو تمام سخت قسم جو جج آهي سڌي ڳالهه ڪرڻ وارو ان جي باري ۾ گهڻو ڳالهائڻ به متان توهين عدالت ۾ شامل ٿي وڃي. جنهن طريقي سان هن پنهنجو ڪيس وڙهيو توهان سمجهي سگهو ٿا، ڪير سوچي سگهي ٿو ته ڇا ان جي ڪا معافي ٿي سگهي ٿي. پاڪستان جي تاريخ ان سڄي واقعي کي ڪهڙي طريقي سان کڻندي ته هڪ سپريم ڪورٽ جي جج سان اسان ڪهڙي حالت ڪئي سڄي ڪابينا ان کي خراب ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سڄي حڪومتي مشينري ان ڳالهه ۾ رڌل هئي ته سوشل ميڊيا تي ان کي خراب ڪيو وڃي، سندس خلاف ايڊيٽوريل لکرايا ويا ۽ پوءِ اعتراف ڪريو ٿا ته توهان کان غلطي ٿي وئي، بس! تاريخ ان کي ڪيئن ثابت ڪندي پنجاهه سالن کانپوءِ ته اهو سڄو عمل تاريخ جو حصو ٿي ويندو. مستقبل جي تاريخدان کي اسان لکڻ جي لاءِ ڇا ڏيئي رهيا آهيون. جنهن جي چاهي اسان بيعزتي ڪري ڇڏيون ۽ ان کانپوءِ چئون ته غلطي ٿي وئي.
زاهده ابڙو: اسان جي ملڪ ۾ هڪڙو اهڙو وزيراعظم جيڪو اخلاقيات جون ذريون پرزيون ڪري ڇڏي، غلطيون ڪري وري آخر ۾ اقرار به ڪري ۽ ان کانپوءِ وري عوام جو هڪ وڏو انگ ان جو پوئلڳ به هجي ان رهبر کي توهان ڇا ٻيهر پاڪستان جو وزيراعظم ٿيندي ڏسي رهيا آهيو.
بشير ميمڻ: مون کي ٿورو گهڻو اندازو آهي ته اسان جو نصيب ڪو گهڻو سٺو ڪونهي، پر اسان ايترا بدنصيب به ڪونه آهيون جو هو ٻيهر اچي وڃي. هينئر آئون سرڪاري ملازم ناهيان، پر چوندس ته ڇا اسان ايترا بدنصيب آهيون جو هو ٻيهر اچي. خدا کي اسان تي ڪجهه ته رحم ايندو، اسين ان شخص کي افورڊ نٿا ڪري سگهون. ان قسم جي ڀڃ ڊاهه پنهنجي معاشري ۾ اسان وڌيڪ برداشت نٿا ڪري سگهون. اسان وٽ شرم، حياءُ، وضعداري ۽ پنهنجي خاندان جي عزت جي لڄ رکڻي پوندي آهي. پنهنجو خاندان آهي، ٻار ٻچا آهن، عورتون آهن. يقينن هڪ سياسي جماعت آهي ۽ ان جا پوئلڳ به آهن، باقي جڏهن چونڊون ٿينديون توهان سڀني کي خبر پئجي ويندي.
زاهده ابڙو: جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ توهان جهڙا ماڻهو پنهنجن فرضن تي ڪمپرومائيز نٿا ڪن، پر اهي هن سسٽم ۾ ڪامياب به نظر نٿا اچن ايئن ڇو آهي.
بشير ميمڻ: پهرين ته مون کي توهان جي سوال تي اعتراض آهي ته منهنجي ڀيٽ توهان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان نٿا ڪري سگهو. قاضي فائز عيسيٰ تمام وڏي شخصيت آهي، تمام وڏو ماڻهو، تمام وڏي ماڻهو جو پٽ. پاڪستان جي ٺاهڻ وارن مان هڪ ماڻهو جو پٽ آهي. آئون سندس اڳيان صرف هڪ دفعو سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيو هئس. هونئن ته آئون ڪيترين ئي ڪورٽن ۾ ڪيترائي ڀيرا پيش ٿي چڪو آهيان، پر سندس اڳيان پيش ٿيڻ سان خبر پئي ته هو ڪهڙي شخصيت آهي. آئون پنهنجي باري ۾ ضرور ايترو چوندس ته آئون 22 هين گريڊ تائين پهتس ڊگهي عرصي تائين ڊي جي ايف آءِ اي طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنم. انسپيڪٽر جنرل آف پوليس آزاد ڄمون ڪشمير به رهيس، ڊي آءِ جي به رهيس. الله تعاليٰ ڏاڍي عزت ڏني اهو سڀ هن سماج جي وسيلي ئي ٿيو. مون استعيفيٰ ڏني ڪورٽ مون کي پئسا ڏياريا، حڪومت منهنجي پينشن بند ڪئي، ڪورٽ مون کي پينشن ڏياري. اهو منهنجو سماج ئي آهي جنهن منهنجا سڀ ڪم ڪيا، منهنجا مسئلا حل ڪيا. ڪنهن منهنجي خلاف ٽن ڪيسن ۾ مون کي نوٽيس ڪيو، ڪورٽ مون کي پنجاب جي لاهور ٽرائل ڪورٽ مان ضمانت قبل از گرفتاري ڏني. هتان جي هاءِ ڪورٽ جي جج صاحب مون کي راهداري ضمانت ڏني. پنجاب جي ڪورٽ مون کي ٽنهي ڪيسن ۾ ضمانت قبل از گرفتاري ڏني ۽ پنجاب هاءِ ڪورٽ مون کي ٻن پٽيشنن ۾ رليف ڏنو. اهو سڄو نظام منهنجو ئي آهي، منهنجي ملڪ جو ئي آهي.
زاهده ابڙو: اها ته توهان جي مثبت سوچ آهي جو توهان ايئن ٿا سوچيو، پر سسٽم جيڪڏهن ايترو طاقتور هجي ها ته اسان جا بيوروڪريٽ ايترو سياست جو شڪار نه ٿين ها توهان کي خبر آهي ته تقريبن سڀئي آفيسر ڪنهن نه ڪنهن سياسي لابي جو حصو هوندا آهن ۽ جيڪڏهن ايئن نه هجي انهن جي لاءِ تمام گهڻيون تڪليفون پيدا ٿي پونديون آهن ڇا توهان ان ڳالهه کان انڪار ڪري سگهو ٿا.
بشير ميمڻ: توهان ٿورو پنهنجو پيراڊائم شفٽ ڪريو، آمريڪا ۾ ڇا ٿو ٿئي جيڪا حڪومت اچي ٿي اها پاڻ سان گڏ پنهنجو سسٽم کڻي ٿي اچي. نئين حڪومت نئون سسٽم ٿي کڻي اچي، پر اتي عام ماڻهو کي شڪايت ڪونهي. صرف هڪ ڳالهه جي ڪري ته اتي قانون جي بالادستي آهي، جيڪا ڳالهه تمام گهڻي اهم آهي. آئون اهو ٿو سمجهان ته قومون آهستي آهستي ٺهنديون آهن اسان ته اڃان پنجهتر سالن جا ٿيا آهيون. دنيا گهمي اٿم پهرين دنيا ۽ ٽين دنيا ۾ فرق ئي قانون جي بالادستي جو آهي. ڪنهن ترقي يافته ملڪ جي باري ۾ توهان ٻڌو ته سپريم ڪورٽ جو هڪ جسٽس پندرهن سالن کانپوءِ ان ڳالهه جو اقرار ڪري ته وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي شهيد ڪرڻ غلطي هئي. وري توهان ڪڏهن ٻڌو ته فرسٽ ورلڊ جي ڪنهن سپريم ڪورٽ جي جج سان ايتري وڏي زيادتي ٿي هجي ايترو پروپيگنڊا ٿئي، ان جي خلاف سازش ٿئي ان کي ذهني اذيت جو نشانو بڻايو وڃي ۽ پوءِ وري ملڪ جو وزيراعظم معافي به نه گهري ۽ چوي ته اسان کان غلطي ٿي وئي. ٺيڪ آهي خير آهي ڇو ته غلطي ڪرڻ وارو سمجهي ٿو ته ان کان وڌيڪ عزت وارو ٻيو ڪير به ڪونهي. هن وقت پي ٽي آءِ جيڪو ڏيکاري رهي آهي ته برابري سڀني لاءِ ته وڃي جيل ۾ ۽ چوي ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان هن ڏاڍئي ڪئي. هاڻي جيڪي اسڪينڊلز کلي رهيا آهن ان کانپوءِ 1940ع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين جيڪي اسڪينڊل ٿيا آهن اهي سڀني کان وسري ويندا.
آئون توهان کي ٻڌايان ٿو ته اسڪينڊل آف مس يوز آف اٿارٽي، اسڪينڊل آف ڪرپشن، اسڪينڊل آف مس يوز آف پبلڪ فنڊز سڀني کان ٻيا اسڪينڊل وسري ويندا اهي جيڪي ٺينگ ٽپا ڏيئي رهيا آهن انهن سڀني کان پاڻ ئي وسري ويندو.
زاهده ابڙو: سر اهي اسڪينڊلز جڏهن کلندا ته پاڪستان جي سياست ۾ ڪهڙي تبديلي ايندي؟
بشير ميمڻ: سياست ۾ تبديلي ايندي رهندي آهي هڪڙو وقت هو متحده قومي موومينٽ ٺهي ان کان پهرين جماعت اسلامي، جمعيت علماءِ اسلام شاهه محمود نوراني جو گروپ. ان کانپوءِ پروفيسر غفور صاحب، پوءِ الطاف حسين، ذوالفقار علي ڀٽو صاحب، اها تبديلي ايندي رهندي آهي. پوءِ بينظير ڀٽو آئي، هن وقت پي ايم ايل اين، تحريڪ استقلال به توهان ٻڌي هوندي، پوري پاڪستان ۾ ڏسو سياسي تبديلي ايندي ٿي رهي ۽ ايندي رهندي ۽ ان کي اچڻ به گهرجي، ٻي ڪابه شيءِ مستقل ناهي سواءِ تبديلي جي.
زاهده ابڙو: سر اسان اهڙي تبديلي جي تمنا ٿا رکون ته جيڪڏهن ڪنهن وزيراعظم جي خلاف اهو ثابت ٿو ٿي وڃي ته هن ڏوهه ڪيا آهن هن کي ان جي سزا ملي ۽ ان جو فائدو ملڪ ۽ عوام کي ٿئي ڇا اهڙي تبديلي اچي سگهي ٿي.
بشير ميمڻ: سياسي عمل ٻن قسمن جا هوندا آهن يا ته انقلاب ايندو آهي يا ارتقا جي ذريعي تبديلي ٿيندي آهي. انقلاب هميشه ڏاڍو خراب هوندو آهي باقي ارتقائي تبديلي اسان محسوس ڪري رهيا آهيون ته اها اچي رهي آهي. اڄ ڪلهه جو عام ماڻهو ڀلي اڻ پڙهيل يا بيروزگار هجي، پر سوچ ۽ سمجهه رکي ٿو. جيڪڏهن قانون جي بالادستي هجي ۽ ووٽ جو صحيح استعمال ٿئي ۽ ووٽ جنهن کي ڏنو ويو آهي ان جي ئي کاتي مان نڪري ته شيون بهتر ٿيڻ شروع ٿينديون. ڇو ته عوام جي نمائندي کي خبر آهي ته پنجن سالن کانپوءِ کيس وري عوام ڏانهن ئي وڃڻو آهي. سنڌ ۾ تبديلي اچي پئي ماڻهن جا ذهن تبديل ٿين پيا جنهن جو پهرين اسان سوچو به نه هو. پهرين جڏهن سردار ۽ جاگيردار لنگهندا هئا ته ماڻهو وڇائجي ويندا هئا هاڻي حالات تبديل ٿي ويا آهن. سياسي عمل جيڪڏهن جاري رهيو هر پنجين سال چونڊون ٿينديون رهيون ته تبديلي اچي ويندي. ارتقا هميشه سست رهندي آهي انقلاب تمام تڪڙي تبديلي آڻيندو آهي، پر ان جا تمام گهڻا نقصان به هوندا آهن. اسان وٽ ارتقائي تبديلي اچي پئي ۽ ان جي رفتار اوتري ئي هوندي جيتري اسان جي معاشري ۾ عمل جي هوندي. اهو سماجي عمل آهي ان کي پنهنجو وقت کپي اهو منهنجو خيال آهي. اسان ٻئي سنڌ مان آهيون، اسان ٻئي هتي ويهي ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا آهيون، اسان سوال اٿاري رهيا آهيون، ٽي وي چئنل سوال اٿارين ٿا، اخبارون سوال اٿارين ٿيون، پر ان ۾ سوشل ميڊيا جو وڏو هٿ آهي. جڏهن آئون اي ايس پي هوندو هئس ته ان وقت خبرون ٻئي قسم جون ڇپجنديون هيون اخبارن جو نالو وٺڻ مناسب نه آهي. ان وقت اهڙيون خبرون ڇپجنديون هيون ته فلاڻي ٿاڻي ته فلاڻي ايس ايڇ او چارج وٺي ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، ان وقت اها خبر هوندي هئي ته فلاڻي ڳوٺ جو فلاڻو ماڻهو اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آمريڪا روانو ٿي ويو، جهڙو سماج تهڙي خبر. هاڻي ماڻهن کي ان قسم جي خبرن ۾ ڪا دلچسپي ڪونهي، هاڻي سوشل ميڊيا تي ڏسو ته ماڻهو ڇا پيا ڪن جيڪو توهان سوال ڪريو اهو سوال توهان جي ذهن ۾ ڪيئن اٿيو. ان جو مطلب اهو آهي ته توهان کي ڪيترائي وسيلا ۽ ذريعا سوچڻ تي مجبور ڪن ٿا. هاڻي اچو ته 88ع، 90ع، 93ع، 97ع جي چونڊن جا نتيجا ڏسي وٺون. ظاهري ڳالهه آهي ته آئون هتي نوڪري ڪندو رهيو آهيان. مون ارتقا کي پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي. اسان ان جي قيمت به ادا ڪريون پيا. توهان ٻڌايو ته سنڌ ۾ ڪهڙي شيءِ جي ضرورت آهي، توهان چوندا ته روزگار جي ۽ ان جي لاءِ سيڙپڪاري جي ضرورت آهي. حڪومت کي صنعت کي وڌائڻ لاءِ پلاننگ ڪرڻي پوندي. ماڻهو ڪيستائين پرائيويٽ نوڪرين تي گذارو ڪندا جتي 10 کان 12 هزار پگهار آهي ۽ ڪيتري عرصي تائين ماڻهو اها نوڪري افورڊ ڪري سگهندا. اسان کي ماڻهن جي لاءِ جائز روزگار جا ذريعي پيدا ڪرڻا پوندا. اسان کي اهڙو ڍانچو ٺاهڻو پوندو.
زاهده ابڙو: توهان صنعت ڪاري جي ڳالهه ڪئي آهي ان ۾ ڪهڙيون رڪاوٽون آهن جو اها وڌي ويجهي نه پئي سگهي، صنعتڪارن کي سيڙپڪاري ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون رڪاوٽون درپيش آهن.
بشير ميمڻ: آئون ٿوري دير لاءِ پاڪستان کي بحث ۾ نٿو آڻيان پاڻ رڳو پنجاب ۽ سنڌ جي ڀيٽ ٿا ڪريون هتي اسان پنهنجي روڊ کي نيشنل هاءِ وي ٿا چئون اتي جي ٽي روڊ چيو ٿو وڃي. نيشنل هاءِ وي تي توهان هليا وڃو، رحيم يار خان کان اڳيان هليا وڃو، توهان کي خبر پوندي ته صنعتڪاري ڪٿان کان ٿي شروع ٿئي، اهو ڪيئن ترقي يافته ٿيو. آئون سمجهان ٿو ته اتي قانون جي بالادستي آهي يا نه ان بحث ۾ آئون نٿو پوڻ چاهيان، پر هڪ عام ماڻهو کي اتي ايئن محسوس ٿئي ٿو ته هو محفوظ آهي. صنعتڪار به اتان جو ئي آهي، توهان ڇا ٿا سمجهو ته اتي سيڙپڪاري ڪا اٽلي مان آئي آهي، بلڪل نه! اتان جي ئي ماڻهن ڪئي آهي، هتي به سيڙپڪار اچي سگهي ٿو. هتي به سيڙپڪار اچي سگهي ٿو، اسان جا ئي ماڻهو آهن جيڪي ڪراچي ۾ وڃي آءِ. ٽي ۾ يا ٻين شعبن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. اسان جا ئي مزدور وڃي ڪراچي ۾ ڪم ڪن ٿا، پر سيڙپڪار کي اڃان به لڳي ٿو ته سنڌ ۾ قانون جي بالادستي ۽ سندس تحفظ جا اپاءُ اثرائتا نه آهن جيترا پنجاب ۾ آهن. سنڌ حڪومت سيڙپڪاري لاءِ پهرين ماحول ته پيدا ڪري. هالا ۾ سمال انڊسٽريل اسٽيٽ ٺهيل آهي جنهن ۾ هڪ به صنعت ڪونهي. توهان ڇا ٿا سوچيو ته هتي ڪوبه اهڙو سيڙپڪار ڪونهي جيڪو ڪا صنعت لڳائي سگهي. توهان حيدرآباد کان شروع ڪريو سکر تائين وڃو ڇا توهان کي ڪا صنعت نظر اچي ٿي؟ ان ۾ ميرپورخاص ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن آهن، ان جا سبب هي آهن جو سيڙپڪار سمجهي ٿو ته آئون هتي غير محفوظ آهيان. سيڙپڪاري لاءِ ماحول حڪومت ٺاهيندي آهي. ڏٺو وڃي ته گئس ۽ بجلي سنڌ وڌيڪ پيدا ڪري ٿو ان جي اسان وٽ ڪا کوٽ ڪونهي. اسان وٽ روڊ ۽ رستا موجود آهن، ماڻهو سنڌ ۾ ڇو نٿا سيڙپڪاري ڪن، ماڻهو گجرات، گوجرانوالا يا لاهور ۾ سيڙپ ڇو ٿا ڪن. اسان پاڻ هتي ڇو نٿا سيڙپڪاري ڪريون. اسان اهڙو ماحول پيدا ناهي ڪيو باقي اهو انفرااسٽرڪچر جيڪو سيڙپڪاري کي هٿي ڏيندو اهو حڪومت ئي پيدا ڪري سگهي ٿي اهو ڪم ان جو آهي، وسيلا ان وٽ آهن پلاننگ اها ڪري سگهي ٿي. ڪا اين جي او اهو ڪم نٿي ڪري سگهي. اها وڌ ۾ وڌ ماڻهن کي تربيت ڏيئي سگهي ٿي. ماڻهن کي اڪائونٽنگ جو ڪم سيکاري سگهي ٿي، انهن کي انتظامي ڪم ڪار ڪرڻ جي تربيت ڏيئي سگهي ٿي. جڏهن اسان تعليم جي ڳالهه ٿا ڪريون ته سرڪاري اسڪول ته بند پيا آهن، جيڪي کليل آهن انهن ڪهڙا ماڻهو پيدا ڪيا آهن ۽ جيڪي پيدا ڪيا آهن ڇا انهن کي ڪم ڪرڻ جا موقعا مليا آهن، ڇا انهن ماڻهن وٽ پنهنجو ڪريئر ٺاهڻ جي لاءِ ڪو رستو آهي؟ آئون چوندس ته ڪونهي. اهي فارغ ٿيڻ وارا شاگرد سڀئي گهرجون پوريون ڪن ٿا، آئون پاڻ هڪڙي آءِ ٽي ڪمپني هلايان پيو، مون وٽ جيڪي اميدوار اچن ٿا انهن ۾ صلاحيتون موجود آهن.
زاهده ابڙو: ڇا توهان اسان کي ٻڌائيندا ته توهان ڪهڙي قسم جو آءِ. ٽي جو ادارو هلايو پيا، ان ۾ ڪهڙو ڪم ٿئي ٿو؟
بشير ميمڻ: ادارو ڪونهي، هڪڙو واپار آهي آئون ميمڻ آهيان. اها هڪڙي ميڊيڪل پرسڪرپشن ۽ بلنگ ڪمپني آهي جيڪا پئسا ڪمائي ٿي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿي ڪري ۽ اتي ڪم ڪرڻ وارا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون سڀ اتان جا مقامي رهاڪو آهن. اهي ڊاڪٽرن جا بل انشورنس ڪمپنين کي اماڻيندا آهن. وري اتان جيڪي جواب ايندا آهن انهن کي پاڻ وٽ نوٽ ڪندا آهن. توهان هلجو توهان کي اسان ڏيکارينداسين. ان ڪمپني ۾ پنجاهه ڇوڪريون ڪم ڪن ٿيون جيڪي بيچلر آهن. انهن مان ڪنهن جي انجنيئرنگ ڪيل آهي ته ڪا آءِ. ٽي ۾ بيچلر آهي.
زاهده ابڙو: سر اسان وٽ جيڪي تفتيشي ايجنسيون آهن انهن وٽ اطلاع به هوندا آهن، پر ان جي باوجود به حادثا ٿيو وڃن. گهڻو ڪري اهي ايڊوائزري جاري ڪري ڇڏينديون آهن ۽ ايڪشن نه کڻنديون آهن ۽ حادثو ٿي ويندو آهي. عوام پنهنجي ايجنسين تي ڀروسو نٿي ڪري ۽ انهن جو اهو خيال آهي ته اهي ايجنسيون خود ان ۾ ملوث هونديون آهن. ان جي باري ۾ توهان جي راءِ ڇا آهي.
بشير ميمڻ: بجاءِ ان جي جو آئون توهان کي ٻيو ڪو مثال ڏيان، ٿوري ڀيٽ ٿا ڪريون. آمريڪا ۾ 9/11 ٿيو اسامه بن لادن ڪيترن سالن کانپوءِ پڪڙيو ويو. ان کانپوءِ آمريڪا جي تباهي ٿي وئي. اسامه بن لادن جيڪو انهن جو مطلوبه ڏوهاري هو ڪيترن ئي سالن کانپوءِ پڪڙيو ويو. ايڏي وڏي ايجنسي CIA اسان وٽ ته ان جيترا وسيلا ڪونه آهن، نه ئي پئسا آهن، نه ئي اها صلاحيت آهي، اسان ته انهن کان سکون ٿا. بجاءِ ان جي جو اسان پنهنجي ناڪامين تي پريشان ٿيون. اسان کي پنهنجين ڪاميابين سان جيئڻ گهرجي. آئون چوندو آهيان ته هنن جي پنهنجي ايڏي وڏي ايجنسي فيل ٿي وئي. اسامه بن لادن پينٽاگون تي حملو ڪري ڇڏيو، ٽوئن ٽاور اڏائي ڇڏيا ۽ پوءِ ڀڄي ويو ۽ ڪيتري عرصي تائين روپوش رهيو. جڏهن جهليو ته اسان جي ئي هڪڙي ماڻهو انهن جي مدد ڪئي تڏهن وڃي ان کي پڪڙي سگهيا. آئون ايئن نٿو چوان ته هميشه ان کي ئي سبق بڻائي اڳتي وڌجي، اسان کي محنت ڪرڻ گهرجي، پر اهو هڪ اڻ کٽ سلسلو آهي ۽ اسان کي ته ان ڳالهه جو پتو ئي ڪونهي ته ڪيترائي اهڙا خطرا ۽ ڌمڪيون سامهون اينديون هونديون جن کي انٽيليجنس ايجنسين روڪي ڇڏيو هوندو. اسان جي انٽيليجنس ايجنسين جو مسئلو اهو آهي ته اهي اهڙيون ڳالهيون ٻڌائي نٿيون سگهن. باقي تفتيش جي نالي اهو چوندس ته اسان ٽين دنيا جو ملڪ آهيون، اسان ترقي ڪريون پيا ان جي لاءِ تمام گهڻا پئسا کپن. چوندا آهن تهPolicing is the costliest job. جيترو اسان افورڊ ڪري سگهون ٿا اوتري اسان ماڊرن ٽيڪنالاجي استعمال ڪريون ٿا. اسين ٽين دنيا جو حصو آهيان تڏهن ته اسان وٽ انهن سڀني شين جي ڪمي آهي.
زاهده ابڙو: سر اسان پاڻ کي غريب ملڪ ڇو ٿا سمجهون جڏهن ته اسان وٽ زراعت لاءِ تمام وڏو زرعي سيڪٽر موجود آهي. اسان وٽ آبپاشي جو وڏو نظام موجود آهي. اسان وٽ محنت ڪش مزدور موجود آهن. اسان انهن سڀني شين جي باوجود به پنهنجو پاڻ کي غريب ڇو ٿا تصور ڪريون.
بشير ميمڻ: آئون پهرين چئي چڪو آهيان ته قومون آهستي آهستي اڳتي وڌنديون آهن. اسان جي نوڪر شاهي کي بيوروڪريسي ليول کان ٻاهر نڪري نوڪر جي سطح تي اچڻو پوندو. پنهنجو پاڻ کي نوڪر سمجهڻو پوندو. اسان جي پارليامينٽ به اڃان ڪا ايڏي پراڻي ۽ تجربيڪار ڪونهي، انهيءَ کي مسلسل ڪم ڪرڻ جو موقعو ناهي مليو. اسان کي ترقي ڪرڻ لاءِ ٿورو وقت ته لڳندو. جيئن ٻار کي وڏو ٿيڻ ۾ وقت لڳندو آهي تيئن قوم کي به ٺهڻ ۾ وقت لڳندو آهي. اسان اڃان ته هڪ نئين ڄاول قوم وانگر آهيون. اسان جي ترقي جي رفتار اسان کي ان ڪري به گهٽ ٿي لڳي جو اسان ميڊيا ۾ گهڻيون شيون گڏ ٿا ڏسون. آئون ارتقائي ترقي کي ائين ٿو ڏسان ته جڏهن آئون ننڍو هئس ته منهنجي ڳوٺ جو رستو ڪچو هو هاڻي اهو پڪو آهي. سنگل روڊ کان هاڻي اهو ڊبل ٿي ويو آهي. ايئرڪنڊيشنر پهرين ايترو عام ڪونه هو هاڻي عام ٿي ويو آهي. گاڏين ۾ به اي سي ڪونه هوندو هو هاڻي گاڏين ۾ به اي سي لڳل آهن. اسان بهتري جي طرف وڃي رهيا آهيون. جن ڳوٺن ۾ بجلي ڪونه هئي هاڻي انهن ۾ بجلي به آهي ۽ گئس به آهي، اها بهتري آهي. اها رفتار يقينن ڪونهي جيڪا اسين چاهيون ٿا. توهان سريلنڪا، نيپال، برما ۽ انڊيا کي ڏسو، انهن جي ڀيٽ ۾ اسين بهتري جي طرف وڃي رهيا آهيون. انڊيا ۾ مسلمانن سان زيادتي ٿئي ٿي، هتي ته ڪونه ٿي ٿئي. اسان جي معاشري ۾ جيڪي مثبت رجحان آهن اسان کي انهن کي به ڏسڻو پوندو ۽ انهن کي داد ڏيڻو پوندو. اسان وٽ مذهب جي بنياد تي جهيڙا جهٽا نٿا ٿين اهي ختم ٿي چڪا آهن. اسان وٽ فرقيوارانه تشدد نٿو ٿئي ان جو مطلب اهو آهي ته سماج بهتري جي طرف وڃي رهيو آهي. اسان ڏسون ته انفرااسٽرڪچر به بهتر ٿئي پيو. هينئر اسان نيشنل هاءِ وي تي ويٺل آهيون جيڪو پهرين سنگل روڊ هوندو هو. اسان کي هيستائين پهچڻ جي لاءِ پهرين ڏيڍ ڪلاڪ لڳندو هو، هر اڌ ڪلاڪ کانپوءِ بس ايندي هئي، هر بس اسٽاپ تي بس بيهندي هئي. هن وقت اي سي بسون هلن ٿيون، انهن جا باقائدي ٽرمينل ٺهيل آهن.
زاهده ابڙو: هن وقت ملڪ جي بيوروڪريسي ڪمزور ٿيندي نظر پئي اچي ڇو ته پرويز مشرف جي دور کانپوءِ ڪجهه اهڙيون تبديليون آنديون ويون جنهن سان بيوروڪريسي جا اختيارات گهٽايا ويا. اسان جي ملڪ کي هلائڻ لاءِ بيوروڪريسي کي طاقتور هجڻ گهرجي يا ان جي اختيارن کي گهٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي.
بشير ميمڻ: منهنجو خيال آهي ته سڄو اختيار الله کانپوءِ هن ملڪ کي هلائڻ لاءِ پارليامينٽ وٽ آهي، پارليامينٽ قانون ٺاهي ٿي ۽ ان جي تشريح جو اختيار سپريم ڪورٽ وٽ آهي، اهو اسان جو قانون ٿو چوي. منهنجو خيال آهي ته قانون جي مطابق عمل ٿيڻ گهرجي. آفيسر کي ڪيئن هلڻ گهرجي اهو سڄو قانون ۾ لکيل آهي. قانون تي عمل نٿو ٿئي ان جي ڪري اها سڄي تباهي پکڙيل آهي. آئون قانون جي حڪمراني جي ڳالهه ٿو ڪريان ۽ هر جاءِ تي ان جي ڳالهه ٿو ڪريان. جڏهن منهنجا اختلاف شروع ٿيا هئا تڏهن به منهنجو اهو ئي چوڻ هوندو هو ته قانون ان جي اجازت نٿو ڏئي. آئون قانون کان مٿانهان اختيار ڪٿان آڻيان، اها ڪا اٽي ڏڪر راند ڪونهي جو گهر ۾ ويٺي ويٺي آئون پنهنجا قانون جوڙي وٺان. قانون لکيل موجود آهي جيڪڏهن ڪا ڪمي پيشي آهي ته قانون ٺاهيو. پٿر جو دور ختم ٿي چڪو آهي، ميڊيا جو دور آهي. ڏيڍ ڪلاڪ ۾ توهان دبئي پهچيو وڃو، دبئي جي ايئرپورٽ تي پهچي پوءِ توهان ان سان ڪراچي جي ايئرپورٽ کي ڀيٽيو ٿا. دبئي کان اڏام ڀريو ته چئن ڪلاڪن کانپوءِ توهان لنڊن پهچي ويندا. هاڻي لنڊن ۽ دبئي جي ته پاڻ ۾ ڀيٽ ڪري سگهجي ٿي، پر پاڪستان جي ان سان ڪهڙي ڀيٽ ڪجي. چوڻ جو مطلب آهي ته قانون جي حڪمراني ئي ڪنهن قوم کي ترقي يافته بڻائيندي آهي. قانون سڀ لاءِ هوندو آهي ۽ هڪ جهڙو هوندو آهي.
زاهده ابڙو: اسان جي ملڪ ۾ جيڪا به شيءِ خراب ٿئي ٿي اسان ان جو ذميدار اسٽيبلشمينٽ کي ڄاڻايون ٿا. ڇا واقعي به ايئن آهي يا ان ۾ ٻيا عوامل به پنهنجو ڪردار ادا ڪن ٿا.
بشير ميمڻ: آئون سمجهان ٿو ته پنهنجو پاڻ کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي به ڏوهاري قرار ڏيڻ ڏاڍي سولي ڳالهه آهي. سياستدان چوندا ته اسٽيبلشمينٽ خراب آهي، اسٽيبلشمينٽ چوندي ته جرنلسٽ خراب آهي، جرنلسٽ چوندا سياستدان خراب آهي، سياستدان چوندو عام ماڻهو خراب آهي ۽ عام ماڻهو چوندو سڄو سسٽم خراب آهي. منهنجي سمجهه اها آهي ته قانون جي بالادستي، جيڪا تمام سولي ڳالهه آهي ان تي عمل ٿئي ته اهي سڀ شيون پاڻ ئي ختم ٿي وينديون. ان کانپوءِ ڪنهن کي به ڪنهن سان شڪايت نه رهندي. قانون تي عمل ڪريو، آئين تي عمل ڪريو، آئين جهڙو به آهي توهان کي آئين پسند ناهي يا ان جي ڪا شق پسند ناهي ته ان کي تبديل ڪريو. اهو ته توهان جي هٿ ۾ آهي، معاشري جي هٿ ۾ آهي ۽ پوءِ ان تي عمل ڪريو. آئين ۽ قانون تي عمل ٿيندو ته شايد اوهان کي هر شيءِ بهتر لڳڻ شروع ٿيندي. متحده آمريڪا ۾ ڪڏهن اهو ٻڌو آهي ته بجلي جو ميٽر لڳرائڻ لاءِ ڪنهن جي سفارش جي ضرورت پوي، اسان کي ڇو ٿي ضرورت پوي. ٻين ملڪن ۾ قانون جي بالادستي جي لاءِ قومن سافٽ ويئر ٺاهي ڇڏيا آهن، جيڪي پنهنجو پاڻ ڪم ڪن ٿا ان ۾ انساني سوچ جو عمل دخل ناهي هوندو. جتي انسان جو عمل دخل هوندو اهو توهان کي فيور ڏئي يا نه ڏئي. چاهي ته ڪنهن کي گهوڙاٻاري ۾ لڳائي ڇڏي، ڪنهن کي عزيز آباد ۾ لڳائي ڇڏي ان جي مرضي آهي. قانون جي بالادستي وري ٻيهر چوندس ته قانون جي بالادستي ئي ملڪ ۾ بهتري پيدا ڪري سگهي ٿي. آئون اهو نٿو چوان ته قانون ڪهڙو هجڻ گهرجي، جهڙو به آهي ان تي عمل ڪرايو وڃي. قانون جهڙو به ٺاهيو ان جو وجود پارليامينٽ مان ئي ٿيڻ کپي ۽ سپريم ڪورٽ ان جي تشريح ڪري سگهي ٿي. قانون تي عملداري هوندي ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو.
زاهده ابڙو: جي قانون سٺا ٺاهيا ويندا ته عوام کي فائدو ٿيندو. توهان جي ڳالهين مان لڳي ٿو ته توهان به شايد سياست ۾ دلچسپي رکو ٿا. ڇا مستقبل ۾ ڪنهن سياسي جماعت ۾ شامل ٿيڻ جو ارادو آهي يا آزاد اميدوار طور ايندا؟
بشير ميمڻ: پهرين ته مون کي توهان جي ان جملي تي اعتراض آهي ته قانون سٺا يا خراب هوندا آهن، قانون قانون هوندا آهن. اسان وٽ جوا کيڏڻ تي پابندي آهي، پر متحده آمريڪا ۾ انهن هڪڙو شهر ٺاهيو آهي ”لاس ويگاس“ ڇا اسان ائين چونداسين ته انهن جو قانون خراب آهي اسان جو سٺو آهي. هنن جو پنهنجو معاشرو آهي، پنهنجو ملڪ آهي ۽ هنن اهو قانون پنهنجي ملڪ ۽ ماڻهن لاءِ ٺاهيو آهي اها هنن جي مرضي آهي جيئن چاهين قانون ٺاهين. ٻي ڳالهه ته سياست ڪو شجرِ ممنوعه ڪونهي، سياست ڪا خراب شيءِ ڪونهي. سياست خدمت خلق آهي ۽ اها ڪنهن به طريقي سان ڪري سگهجي ٿي. ضروري آهي ته ماڻهو وڃي ووٽ وٺي ۽ پوءِ خدمت ڪجي. توهان کي ٻڌائيندو هلان ته منهنجو ڀاءُ عملي سياست ۾ حصو وٺي رهيو آهي، هو مسلم ليگ فنڪشنل جو ضلعي مٽياري جو صدر آهي ۽ مزي جي ڳالهه اها آهي ته اها جماعت پي ٽي آءِ جي حمايتي آهي. مون کي جيڪڏهن سياست ۾ وڃڻو هجي ها پوءِ ته آئون اهو ڪجهه ڪڏهن به نه ڪريان ها، ان جو مطلب اهو آهي ته آئون پنهنجي ڀاءُ کي نقصان پيو پهچايان ۽ پنهنجي ڀاءُ کي ان جي اتحادين کان پري پيو ڪريان.
زاهده ابڙو: جيڪڏهن توهان سياست ۾ آيا ته ڪهڙي سياسي پارٽي ۾ وڃڻ پسند ڪندا.
بشير ميمڻ: ڪابه پارٽي هجي، پر مسلم ليگ نواز جي لاءِ آئون اهو سوچان ٿو ته پنجاب جي ترقي ۾ انهن جو وڏو حصو آهي. انهيءَ طريقي سان سنڌ ۾ به ترقي ٿيڻ گهرجي، صنعت ۾ سيڙپڪاري ٿيڻ گهرجي، سيڙپڪارن کي اچڻ گهرجي، روزگار لاءِ ذريعا پيدا ڪرڻ گهرجن. سنڌ ۾ اسان وٽ صرف هڪ ئي روزگار جو ذريعو آهي اهو آهي سرڪاري نوڪري. سوال اهو آهي ته هيءَ حڪومت آخر ڪيستائين سرڪاري نوڪريون ڏيئي سگهي ٿي. ٻيا ذريعا پيدا ڪرڻا پوندا، خانگي شعبي لاءِ راهون هموار ڪرڻيون پونديون. هتي پورهيو تمام سستو آهي، ان ڪري سستي پورهئي جي حاصل ڪرڻ لاءِ سيڙپڪار هتي اچڻ ۾ خوشي محسوس ڪندا. پورهيو رڳو سستو نه بلڪه تمام گهڻو موجود آهي. مختلف قسمن جون خدمتون سستيون مهيا آهن. ان کان علاوه ڪچو مال به هتي موجود آهي. بس ڪمي آهي ته انتظامي معاملن جي ۽ سيڙپڪارن جي. سيڙپڪار ته مقامي به پيدا ٿي سگهن ٿا، پر اهي نٿا اچن ڇو جو قانون جي بالادستي نظر نٿي اچي.
زاهده ابڙو: سيڙپڪاري تي مون کي ياد آيو ته جڏهن توهان استعيفيٰ ڏني ته ان کانپوءِ جلد ئي اها خبر هلي ته توهان جي پٽ جي ڪا فيڪٽري آهي ان تي ڇاپو لڳو هو ان جا ڇا تفصيل آهن.
بشير ميمڻ: جتي منهنجي اباڻي زمين آهي اتي ئي منهنجون پراڻيون فيڪٽريون به آهن. هڪ اٽي جي چڪي آهي، هڪ ڦٽي صاف ڪرڻ جي مل آهي ۽ هڪ گيهه مل آهي. ان تي ٽريڊ مارڪ وارن PSQCA (پاڪستان اسٽينڊرڊ ڪوالٽي اينڊ ڪنٽرول اٿارٽي) چيو ته هر سال ٽريڊ مارڪ کي رنيوو ڪرڻ لاءِ توهان کي هڪڙو چالان جمع ڪرائڻو پوندو. هنن چيو ته توهان اهو جمع ناهي ڪرايو ۽ ٻيو ته جيڪو ٽريڊ مارڪ توهان استعمال ڪريو پيا اهو پهرين کان ئي ٻيو ڪو استعمال ڪري پيو، توهان اهو ئي ساڳيو ٽريڊ مارڪ استعمال ڪريو پيا. هنن اسان جي فيڪٽري تي ڇاپا هنيا، پر مون توهان سان جيئن پهرين به ڳالهه ڪئي ته اسان جي هيءَ رياست آهي. هاءِ ڪورٽ حيدرآباد بينچ، سنڌ هاءِ ڪورٽ به اسان کي ان جي خلاف رليف ڏنو. پهرين منهنجي ميران شاهه ۾ به فيڪٽري هئي جيڪا بند ٿي وئي، اهو ڪو وڏو مسئلو ڪونهي. رب ٻئي هنڌان ڪٿان ڏيئي ڇڏيو. نه حڪومت پاڪستان ڏيڻ واري آهي ۽ نه ئي مسٽر عمران خان، آئون ان شيءِ جو قائل آهيان. اڄڪلهه جي جيڪا صورتحال هلي رهي آهي اها حقيقت ۾ آئيني ادارن جو ٽيسٽ آهي، جيڪي حقيقت ۾ مضبوط ٿي رهيا آهن. سياستدان هڪٻئي کي برداشت ڪري رهيا آهن جيڪو ماضيءَ ۾ ناممڪن هو.
زاهده ابڙو: توهان جڏهن سروس ۾ هئا ان وقت ابراج گروپ جي ڪيس جي سلسلي ۾ توهان کي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ڪا سفارش ڪئي هئي ۽ توهان مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. وري پوءِ خاقان عباسي توهان کي ايم ڪيو ايم جي ڪنهن ڪيس جي سلسلي ۾ گهرايو ته توهان انهن ٻنهي وزيراعظمن جي ملاقاتن کي ڪيئن ڀيٽيندا.
بشير ميمڻ: شاهد خاقان عباسي سان منهنجي هڪ ئي ملاقات ٿي. هن مون کي هڪ ئي ڪم چيو. يارهن مهينن جو منهنجو مدو هو ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ جو. هن مون کي هڪ ڪم چيو اهو به مون ڪونه ڪيو. شاهد خاقان عباسي تمام وڏو ماڻهو آهي. منهنجو اهو انڪار جيڪو مون ڏاڍي بيڪار طريقي سان ڪيو. مون کي ايئن نه ڪرڻ گهرجي ها. ان وقت ۾ سهيل منصور پارليامينٽ جو ميمبر هو، مون کي چيائين ته هي اسان کي پارليامينٽ هلائڻ نه پيو ڏئي، جنهن تي مون کيس چيو ته سائين پارليامينٽ هلائڻ توهان جو ڪم آهي آئون ڇا ڪريان. منهنجو ڪم آهي قانون نافذ ڪرڻ. اهو سڀ چوڻ کانپوءِ مون کي خيال آيو آئون هڪ سٽنگ وزيراعظم سان مخاطب آهيان. ان ڳالهه کي لڳ ڀڳ ساڍا چار سال ٿي ويا آهن، سندس چيل لفظ مون کي بلڪل انهيءَ طرح سان ته ياد ڪونه آهن، پر جنهن جو مطلب اهو ٿو ٺهي ته ميمڻ صاحب توهان بلڪل صحيح ٿا چئو، پارليامينٽ هلائڻ واقعي اسان جو ڪم آهي ۽ توهان جو ڪم واقعي به قانون نافذ ڪرڻ آهي، توهان جي وڏي مهرباني. مون ايئن سمجهو ته مون کي چوي پيو مهرباني ان جو مطلب آهي ته هاڻي آئون هتان نڪران، پر هن منهنجي ان عمل جي تعريف ڪئي جنهن جي کيس ڪا ضرورت ڪونه هئي. ان کانپوءِ هن مون کي ڪافي پيئڻ جي آڇ ڪئي، آئون جيئن ته اهو سڀ چئي ڪري ڄڻ ڦاسي پيو هئس ۽ پوءِ مختلف طريقي سان عذر پيش ڪري رهيو هئس. جنهن تي سندس چهري تي معمولي خفگي آئي ۽ مون کي چيائين ته چپ ڪري ويهه ۽ مون کي انگريزيءَ ۾ چيائين، سندس انگريزي به تمام زبردست آهي جنهن جو مطلب اهو آهي ته اسان جهڙي اسرندڙ ملڪ ۾ طاقت ۾ آيل سياستدان جيئن بيوروڪريسي کي چون ٿا اهي ايئن ڪن ٿا ۽ قانون جي بالادستي نظر نٿي اچي. قانون مٿان عمل نٿو ٿئي، پر صاحب جي چوڻ تي عمل ٿئي ٿو ۽ صاحب جي مرضيءَ جو جواب ملندو آهي. مون کي ته سال ٿيو آهي آئون جنهن آفيسر کي جيڪو ڪم چوندو آهيان اهو چوندو آهي ته سائين ٿي ويندو، آئون چوندو آهيان ته چئن ڏينهن ۾ ڪم ڪريو ڏيو ٻن ڏينهن ۾ ڪري ڏيکاريندا آهن. پوءِ هن مون کي هڪ زبردست ڪافي پياري، جنهن کي مون تمام گهڻو انجواءِ ڪيو. عمران خان سان ته ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيون آهن. آئون سمجهان ٿو ته عمران خان جي تباهي شهزاد اڪبر جي اچڻ کانپوءِ شروع ٿي. جنهن ڏينهن کان هو سندس سيڪريٽريٽ ۾ اچي ويٺو ان ڏينهن کان وٺي اتي اهڙا تماشا ٿيڻ شروع ٿيا. ان کان پهرين جڏهن هو مون کي اهڙي ڪا ڳالهه چوندو هو ته آئون انڪار ڪندو هئس ته هو چوندو هو ٺيڪ آهي، پر شهزاد اڪبر جي اچڻ کانپوءِ هن کيس اهو خيال پختو ڪرايو ته هو ته هڪ شهنشاهه آهي، هو اڪيلو ئي راڄ ڪندو، مهاتما آهي، سندس چوڻ کي ڪير آهي جيڪو ٽاري سگهي. جنهن به اها جرئت ڪئي، اسين سندس آڪسيجن ئي بند ڪري ڇڏينداسين. جڏهن شيون کلنديون ته خبر پوندي.
زاهده ابڙو: اسان جي عوام پنهنجي تفتيشي ايجنسين جي لاءِ اهو تصور رکي ٿي ته اهي اڃان تائين اسٽريٽ ڪرائيم تي به ڪنٽرول حاصل نه ڪري سگهيون آهن ۽ نه ئي وائٽ ڪالر ڪرائيم کي ختم ڪري سگهيون آهن. لڳي ايئن ٿو ته اهي ايجنسيون جيڪي عوام جي ڀلائي لاءِ هجڻ کپن انهن جي ناراضگي به عوام تي اچيو ختم ٿئي.
بشير ميمڻ: ڪاميابيون ۽ ناڪاميون موجود آهن، پر ڪم کي بهتر بنائڻ گهرجي. پهرين سنڌ جي نيشنل هاءِ وي تي روز ماڻهو پيا اغوا ٿيندا هئا هاڻي اهي نٿا ٿين. آهستي آهستي شيون بهتر ٿين پيون، آئون شين کي مثبت نظر سان ڏسڻ جو عادي آهيان. آئون جڏهن پيٽارو ڪاليج ۾ پڙهندو هئس ته ان وقت آخري بس پيٽاري لاءِ ستين وڳي نڪرندي هئي. هاڻي ٻٽو روڊ ٺهي ويو آهي ۽ سڄي رات اي سي بسون هلن ٿيون. اسان ڪڙاهي گوشت کائڻ لاءِ ان وقت بنڪ ڪري ڪوئلي جي ٽرڪن ۾ پٺيان ويهي اچي ڄامشوري لهندا هئاسين، وري ڪوئلي جي خالي ٽرڪن ۾ پٺيان ويهي واپس پهچندا هئاسين. پڪڙيا ان ڪري ويندا هئاسين جو اسان جي ڪپڙن کي ڪوئلو ڪارو ڪندو هو ۽ ڌوٻي وڃي اسان جي انتظاميه کي ٻڌائيندو هو. هن وقت پاڪستان ۾ ڪميونيڪيشن ڏسو ڪيترو سڌارو آيو آهي. ان جي لاءِ اسان کي رياست جو ٿورائتو هجڻ کپي. نيپال ۽ برما ۾ اها سهولت حاصل ناهي. آفريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ انٽرنيٽ ڪونهي.
زاهده ابڙو: توهان سوير عارف نقوي جي باري ۾ ڪجهه ڳالهايو پئي ان ڳالهه کي مڪمل ڪريو.
بشير ميمڻ: عارف نقوي ڪي اليڪٽرڪ ۾ شيئر خريد ڪيا. هو ابراج گروپ جو هيڊ هو، هو گئس مان بجلي ٺاهڻ جي طريقي کي استعمال ڪندو هو. گئس جو ڪنيڪشن سوئي سدرن گئس ڏيندو هئس ۽ هو گئس جا پئسا ڏيندو ئي ڪونه هو. جيئن ئي سوئي سدرن گئس وارا مٿس ڪو ايڪشن کڻندا هئا ته گئس ڪٽي ڇڏيندا هئا. ان وقت ۾ هي جيڪي به ڪچيون آباديون آهن انهن جي بجلي بند ڪري ڇڏيندو هو، اتان کانپوءِ جلسه جلوس نڪرندا هئا. پوءِ صوبائي حڪومت وچ ۾ اچي ٽياڪڙي ڪندي هئي ۽ بجلي کولائيندي هئي. ڪڏهن گورنر ته ڪڏهن وزيراعليٰ، ڪڏهن وزير ته ڪڏهن مشير وچ ۾ ايندا هئا. بس پوءِ منٿون ميڙون ڪري سوئي سدرن کان گئس کولرائيندا هئا. ٿيو ايئن جو جيڪڏهن بل ڏهن ڪروڙن جو آهي ته هو ٻه ڪروڙ سوئي سدرن کي ڏيندو هو، ٻيا ڇُٽا. ايئن ڪندي ڪندي مٿس 87 ارب رپيا چڙهي ويا. اسان ان سلسلي ۾ انڪوائري ڪئي. ڳالهه اها هئي ته هو ڏيڻ لاءِ تيار ڪونه هو. ڪي اليڪٽرڪ جي مرضي اها هئي ته اسان هنن جي مٿان هڪڙي ايف آءِ آر ڪٽيون ۽ سندن جان ڇٽي ويندي ۽ پوءِ ڪيس عدالتن ۾ پيو هلندو، پر اسان توانائي واري وزير کي خط لکيو ته هن کان پئسا ورتا وڃن، جنهن تي هن راضپو به ڏيکاريو هو. وچ ۾ پوءِ حڪومت اچي وئي، ان کانپوءِ خبر پئي ته شنگهائي اليڪٽرڪ پئي اچي ته پوءِ مون پرائيويٽائيزيشن ڪميشن ACCP ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان کي خط لکي ڇڏيو ته هن کان پئسا ورتا وڃن. شنگهائي اليڪٽرڪ ته ڪونه آيو، هن 87 ارب رپيا لڪايا جيڪو عوام جو پئسو هو. پاڪستان جي گئس ڪمپني جو پئسو هو. جيئن ته هو عمران خان جو مالي مددگار ۽ دوست هو ۽ خان صاحب مون کي پاڻ ٻڌايو هو ته هن سندس پارٽي کي مالي مدد ڪئي آهي. سائمن ڪلارڪ جو هڪڙو ڪتاب شايع ٿيو جنهن ۾ هن لکيو 2.1 ملين ڊالر عارف نقوي جي هڪڙي ڪلب پي ٽي آءِ کي ڏنا ۽ ان کان علاوه ته هن الائي ڪيترا ڏنا هوندا اهي حقيقتون کلنديون ته خبر پوندي ۽ اها ڳالهه اسان جي وزيراعظم کلم کلا چئي هئي. اهي اسڪينڊل جڏهن کلندا ته سڀني کي خبر پئجي ويندي.
زاهده ابڙو: ٻين صوبن ۾ حڪومتون تبديل ٿينديون ٿيون رهن، پر سنڌ ۾ تقريبن پندرهن سالن کان اسان وٽ اها ساڳي حڪومت هلي رهي آهي، پر اها اميدن جي مطابق ڊليور نه پئي ڪري. خاص ڪري تعليم جي ميدان ۾ ڪم نه پيو ٿئي. ان جو ڪهڙو سبب ٿي سگهي ٿو.
بشير ميمڻ: جيئن ته اسان ٽين دنيا سان تعلق رکون ٿا، ان ڪري اسان کي هر شيءِ ۾ سازش نظر اچي ٿي. ڪنهن کي به ڪنهن جي خلاف سازش ڪرڻ جي ضرورت ڪونهي. منهنجي خيال ۾ ته هن وقت پڙهيل لکيل، اڻ پڙهيل سڀ ماڻهو اهو سوچي رهيا آهن ته اسان سان تمام گهڻي ويڌن ٿي چڪي آهي، ان کان وڌيڪ ٿي نٿي سگهي. ڇو ته سنڌ ۾ هڪ عام ماڻهوءَ جي Cost of living تمام گهڻي وڌي وئي آهي، جيڪي ماڻهو افورڊ ڪري سگهن ٿا اهي ته پنهنجن ٻارن کي سٺن اسڪولن ۾ پڙهائين ٿا، پرائيويٽ اسڪولن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙهائي سگهن ٿا، خانگي اسپتالن ۾ علاج به ڪرائي سگهن ٿا. غريب وٽ نه علاج جي سهولت آهي ۽ نه ان جي ٻارن لاءِ سٺا سرڪاري اسڪول آهن، جتان هو تعليم حاصل ڪري ڪنهن خانگي اداري ۾ سٺي نوڪري حاصل ڪري سگهي. ان ۾ شڪ ڪونهي ته اسان وٽ نوان موقعا پيدا ٿيا آهن، هن حڪومت NICVD جهڙا ادارا به کوليا آهن. ان کان علاوه بينظير انڪم سپورٽ پروگرام به هن ئي پارٽيءَ جو پروگرام آهي. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته هاڻي ان کان وڌيڪ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. جنهن جو نه ڪو انهن کي خيال آهي ۽ نه ئي انهن جو وري ڪو مدِ مقابل آهي جنهن جو هنن کي ڊپ هجي. ڪجهه مهينا اڳ ميهڙ ۾ باهه لڳي پوري علائقي ۾ باهه وسائڻ واريون گاڏيون نه هيون، 9 ٻار سڙي ويا. اسان جي مٽياري ضلعي جي تعلقي سعيدآباد ۾ باهه لڳي، هڪڙو ٻار سڙي ويو. خدا جي پناهه ايڪيهين صديءَ ۾ پيا رهون. انڊس هاءِ سان لڳو لڳ رهندي ماڻهو سڙي شهيد پيا ٿين. نيشنل هاءِ وي تي حادثو ٿي پيو 9 ماڻهو سعيد آباد اسپتال کڻي ويا جتي وارڊ بواءِ به موجود نه هو، جيڪو تعلقو آهي جتي اسسٽنٽ ڪمشنر به آهي، ڊي ايس پي به موجود آهي جن کي عام ماڻهن کي اهو اعتبار ڏيارڻو آهي ته رياست موجود آهي، پر هن تعلقي کي اهو درجو ملڻ کانپوءِ جيڪي سهولتون ملڻ گهرجن اهي اڃان تائين ناپيد آهن. سعيد آباد جهڙي شهر ۾ نياڻين جي لاءِ ڪاليج ڪونهي، ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال اڃان تائين ڪونه ٺهي آهي، صوفي يونيورسٽي جو اعلان ٿيندي ڇهه سال ٿيا هوندا جيڪا هڪ عارضي عمارت ۾ هلي پئي. هڪ ماڻهو جيڪو هتان جو رهاڪو آهي منهنجو دوست آهي هن پنهنجي زمين عطيي طور ڏني آهي، پر بلڊنگ اڃان تائين ڪونه پئي ٺهي. هالا جي ميڊيڪل ڪاليج جو افتتاح ٻه ڀيرا ٿي چڪو آهي. هڪ ڀيرو ته بلاول ڀٽو زرداري پاڻ اچي افتتاح ڪيو. آئون ته چوندس ته بلاول ڀٽو زرداري بي بي راڻي بينظير شهيد جي وراثت کڻي پيو هلي. جنهن کي ذوالفقار علي ڀٽي جي وراثت ملي ۽ هن پاڻ ٻه ٽي سال پهرين هن ميڊيڪل ڪاليج جو افتتاح ڪيو هو، اڃان تائين ڪجهه به ناهي ٿيو. ايتري حد تائين جو تعلقي جي اسپتال ۾ ڊاڪٽر ڪونه آهن. اهي حالتون ته آئون توهان کي مٽياري ضلعي جون پيو ٻڌايان. اسان جون تي يونين ڪائونسلون آهن، جن ۾ ٽن فوٽن تائين سم جو پاڻي بيٺل آهي. پنج ڇهه هزار ايڪڙ زمين ۾ پاڻي بيٺو آهي. مٽياري ضلعي جي زمين سڄي سنڌ جي زمين کان وڌيڪ ذرخيز زمين آهي، جنهن کي توهان سم ۽ ڪلر جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. آهي ڪو جيڪو ماڻهن جي حلال ڪمائي مان ٺاهيل جيڪي وسيلا آهن انهن جي حفاظت ڪري ۽ جيڪو جيتري محنت ڪري ان کي اوترو اجورو ملي. جيڪڏهن پنهنجي ڌيءَ کي ڪو پڙهائڻ چاهي ته سعيدآباد ۾ رهڻ وارو ڇا ڪري. اسان تعليم جي نظام جي ڳالهه ٿا ڪريون هتي ته ڪاليج ئي ڪونهي. ان جو مطلب اهو آهي جنهن وٽ پئسو آهي اهو پنهنجي ڌيءَ کي پڙهائڻ لاءِ هالا موڪلي يا ٻئي ڪنهن شهر موڪلي. ٻي صورت ۾ سعيدآباد جي ڇوڪري نٿي پڙهي سگهي. آئون ڪنهن کي به ڏوهاري قرار ڏيڻ لاءِ تيار ڪونه آهيان، پر جيڪي هتان جا مقامي نمائندا آهن انهن کي هنن سڀني شين جو خيال ڪرڻ کپي. انهن سڀني مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ماڻهو انهن کي ووٽ ڏيئي هتي اماڻين ٿا. بلاول ڀٽو جيڪو هڪ ايڏي عظيم ماءُ جو پٽ آهي هاڻي هن کي ميڊيڪل ڪاليج کي شروع ڪرڻ گهرجي. شهيد راڻي سان ڪو بحث ڪونهي نه ئي انهن جي ٻارن سان ڪو بحث آهي. نه ئي سندس ٻارن کان ڪو سوال آهي، پر هنن ماڻهن کان سوال آهي جن کي اسان ووٽ ڏيئي اسيمبلين ۾ ويهاريو آهي. مون به ووٽ ڏنو آهي، پر آئون خانگي طور تي سڀئي خدمتون حاصل ڪري سگهان ٿو، منهنجا ٻار ٻاهرين يونيورسٽين ۾ پڙهن پيا، آئون خانگي اسپتالن ۾ پنهنجو علاج ڪرائي سگهان ٿو. عام ماڻهو کي انهن سڀني سهولتن جي ضرورت آهي. سنڌ جو ماڻهو پنهنجي وفا بينظير شهيد جي خون سان ڪري ٿو، پر هي ماڻهو جن کي اسين چونڊيون ٿا اهي ان سان بيوفائي ٿا ڪن. اهي چونڊيل نمائندا ته پنهنجو پاڻ سان به وفادار ڪونه آهن. جيڪڏهن هجن ها ته پنهنجن ٻارن کي اعليٰ تعليم ڏيارين ها. جيڪڏهن وفادار هجن ها ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي نالي تي ٺاهيل شيون ايئن نه هلن ها. ذوالفقار علي ڀٽي ته پاڪستان کي 1973ع جو آئين ڏنو، پاڪستان کي ميزائل ٽيڪنالاجي ڏني. ستر جي ڏهاڪي ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ٺهيو، ستر جي ڏهاڪي ۾ ئي پيپلز ميڊيڪل ڪاليج نوابشاهه ڇوڪرين لاءِ ٺهيو. اهو ڪنهن سوچو هو ته اسان جون ڇوڪريون نوابشاهه وڃي پڙهنديون ۽ ڊاڪٽر ٿينديون. آئون درخواست ٿو ڪريان ته ان ورثي کي رڳو چونڊ جو نشان نه بڻايو وڃي، پر سندس ويزن کي به کڻي هلو ان کي نه وڃايو، اهو آئون بلاول صاحب کي نه پيو چوان اهو آئون انهن نمائندن کي پيو چوان جن کي اسان ووٽ ڏيئي اسيمبلين تائين پهچايو آهي. ڏسو تبديلي اچي پئي 1988ع ۾ پيپلز پارٽي وٽ جيڪي ووٽ هئا اڄ اوترو ووٽ ناهي. ان وقت سندس مخالف وٽ ڪيترا ووٽ هئا، اڄ ڪيترا ووٽ آهن. ماڻهن کي توقعات نه پر يقين بينظير جي خون تي آهي.