اڳوڻي ايم اين اي اياز امير جي نُنهن قتل، پٽ گرفتار
شاهنواز امير کي پنهنجي گهرواري ساره کي قتل ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو آهي. اڳوڻي ايم اين اي اياز امير جي ننهن ساره جو لاش سندس اڳوڻي گهرواري جي گهر مان هٿ آيو، جيڪو هڪ فارم هائوس آهي ۽ چڪ شهزاد ۾ واقع آهي. پوليس جاچ شروع ڪندي قتل جي الزام هيٺ شاهنواز کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس جو چوڻ آھي ته جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ مقتولا جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي. پوليس موجب واقعي جي جاچ جاري آهي، جيڪي به تفصيل سامهون ايندا اهي شيئر ڪيا ويندا.

