اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جا گرفتاري وارنٽ جاري.
احتساب عدالت توشه خانا ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي گرفتاري لاءِ وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج سيد اصغر علي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ ٻن اڳوڻن وزيراعظم نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني جي خلاف توشه خانا ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي. آصف علي زرداري، نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني تي گفٽ گاڏيون وصول ڪرڻ جو الزام آهي ۽ احتساب عدالت 15 مئي تي ابتدائي ٻڌڻي تي ملزمن کي سمن جاري ڪيو هو. گذريل ٻڌڻي وانگر نواز شريف، آصف علي زرداري ۽ يوسف رضا گيلاني پيش نه ٿيا. ٻڌڻي دوران آصف علي زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ طرفان نمائندگي ڪئي وئي، جنهن عدالت کي ٻڌايو ته اڳوڻي صدر جي استثنيٰ جي درخواست داخل ڪئي وئي هئي. وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته مان سينيئر وڪيل آهيان ۽ عدالت ۾ بيان ڏئي رهيو آهيان ته ايندڙ ٻڌڻي تي آصف علي زرداري پيش ٿيندو. ان تي عدالت چيو ته اهو ڪرمنل ڪيس آهي ۽ آصف علي زرداري کي هن جي سامهون پيش ٿيڻو پوندو، تنهنڪري سندس حاضري کان استثنيٰ واري درخواست رد ڪئي وڃي. فاروق نائيڪ چيو ته ڪورونا جا ڏينهن ختم ٿي چڪا آهن، آصف زرداري جي عمر وڏي آهي، هن جي اچڻ سان ماڻهو گڏ ٿي ويندا ۽ پوءِ رش ٿيندي، ان تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته آصف زرداري کي ڪورونا ته ناهي؟ جنهن تي وڪيل جواب ڏنو ته مان هن جي پاران هتي آهيان. جج اصغر علي ريمارڪس ڏيندي چيو ته آئون ڊگهي تاريخ ڏيندس ته جيئن آصف زرداري ٻيهر عدالت ۾ پيش ٿي سگهي.