اڳيان وڌڻ جو هڪ ئي رستو آئين جي بالادستي ۽ حقيقي جمهوريت آهي: بلاول ڀٽو
پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته انصاف ۽ برابري جي بنياد تي جمهوري معاشري جي قيام لاءِ هي ملڪ ٺاهيو ويو. هن ملڪ ۾ اڳيان وڌڻ جو هڪ ئي رستو آئين جي بالادستي آهي. يوم پاڪستان جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قائداعظم ۽ ان جي خدمتن کي وسارڻ سان ملڪ معاشي، سياسي ۽ معاشرتي دلدل ۾ ڦاسندو پيو وڃي. نظرياتي احساس تي عمل ڪرڻ سان ئي پاڪستان اسلامي ملڪ مان رول ماڊل بڻجي سگهي ٿو. پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته هر ادارو آئيني ۽ مينڊيٽ موجب ڪم ڪري ته جيئن قرارداد پاڪستان ۽ تحريڪ آزادي جا مقصد حاصل ڪري سگهجن. پيپلز پارٽي پاڪستان جي ويزن کي اڳيان وڌائڻ لاءِ جدوجهد جاري رکندي. ٻئي طرف اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ضد، ڪوڙ، بغض، نفرت جي سوچ ملڪ ۽ قوم کي نقصان پهچايو آهي. اڄ اسان کي قائداعظم جي فلسفي تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. سماجي ۽ معاشي انصاف رياست جي هر شهري جو بنيادي حق آهي. 1973ع جي آئين تي عمل ڪرڻ سان رياست مضبوط ٿيندي.

