بجلي جي قيمتن ۾ هڪ رپيو پنجانوي پئسا في يونٽ واڌ جو امڪان
نيپرا ۾ بجلي هڪ مهيني جي لاءِ 2 رپيا 7 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي وئي. بجلي صارفين تي مهانگائي جو هڪ ٻيو بم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. نيپرا پاران سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي وئي. نيپرا فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي ۽ بجلي مهانگي ڪرڻ بابت پنهنجو فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو.