برسات سبب هڪ ڪروڙ ماڻهو بي گهر، 15 لک گهر ڊهي پٽ، سرندي وارا مدد ڪن: مراد علي شاهه
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪڏهن به برسات يا ٻوڏ جِي اهڙي تباهي ناهي ڏٺي، هينئر سڄي سنڌ درياهه جو ڏيک ڏئي رهي آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير چيو ته 15 لک ڪچا گهر ڊهي پيا، هڪ ڪروڙ ماڻهو بي گهر ٿي ويا، 300 ڄڻا فوت ۽ هڪ هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. هن ٻڌايو ته برسات سبب 20 لک ايڪڙن تي بيٺل فصل مڪمل طور تباهه ٿي ويو. 84 هزار خيمن وارو سرڪاري اسٽاڪ ختم ٿي ويو، بي گهر ماڻهن لاءِ 10 لک خيمن جي ضرورت آهي. وڏي وزير چيو ته سمورن متاثرن کي پَچيَل کاڌو ڏيڻ چاهيون ٿا، پر گئس ۽ ڪاٺيون ناهن، ڪاٺيون وسڪارن ۽ ٻوڏ جي وهڪرن سبب آليون ٿي ويون آهن. هن وڌيڪ چيو ته سکر بئراج وٽان 6 لک ڪيوسڪ ٻوڏ جو وهڪرو گذري رهيو آهي، ڪچي جا ماڻهو به بندن تي اچي ويهي رهيا آهن. مراد علي شاهه سنڌ واسين کي اپيل ڪئي آهي ته هڪٻئي جِي مدد ڪن، سرنديءَ وارا به 2010 وارِي مها ٻوڏ جهڙو ڪردار ادا ڪن، هينئر مها ٻوڏ کان به وڌيڪ خراب صورتحال آهي.