بلاگخاص

برموڊا ٽڪنڊي ۾ حادثن جا سببَ

الطاف شيخ جو سفر نامون “بنارس کان برموڊا تائين” مان کنيل

(حصو پهريون)

برموڊا ٽڪنڊي ۾ حادثن جا سببَ

الطاف شيخ

جواني جي ڏينهن ۾ تعليم دوران اسان ڪلاس ميٽ پنهنجن پوڙهن جهازي آفيسرن کان ”برموڊا ٽڪنڊي“ ۾ٿيندڙ حادثن جو سبب پڇندا هئاسين ته هر ڪو پنهنجي پنهنجي راءِ ڏيندو هو، پر اسان مطمئن نه ٿي سگهندا هئاسين. تعليم ختم ڪرڻ بعد اسان جو جهازن ۽ دنيا جي سمنڊن سان واسطو رهيو. اڄ منهنجا جهاز هلائڻ وارا مڙيئي ڪلاس ميٽ مون وانگر زندگي جا ستر سال ٽپي چڪا آهن …. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هو جهازراني ۽ جهاز سازي ۾ ڀڙ آهن، سالن جا سال سمنڊن ۽ جهازن سان واسطو هجڻ ڪري هنن جو وڏو تجربو آهي، هنن کي هر معاملي جي وڏي ڄاڻ آهي، هو جهازراني ۽ جهازسازي جي معاملي ۾ ايڪسپرٽ آهن. اڄ کان اڌ صدي کن اڳ جڏهن اسان سمنڊ جي نوڪري شروع ڪئي هئي تڏهن سائنس اڃان ايتري ترقي نه ڪئي هئي. سمنڊ تي پنهنجي پوزيشن معلوم ڪرڻ لاءِ، يعني اهو معلوم ڪرڻ لاءِ ته اسان جو جهاز دنيا جي گولي تي ڪهڙي نقطي وٽ آهي …. يا گذريل 24 ڪلاڪن ۾ اسان جي جهاز ڪيترو سمنڊ جھاڳيو آهي، ان جي خبر لهڻ لاءِ اسان کي Sextant اوزار ذريعي سج ۽ ٻين تارن ۽ سيارن ڏي ڏسڻو پيو ٿي ته اهي ڪهڙي Angle تي آهن ۽ پوءِ ٽرگناميٽري ذريعي calculation ڪئي وئي ٿي. اڄ بنا محنت جي جهاز ۾ لڳل ”سئٽلائيٽ نيويگيٽر“ اسان کي exact پوزيشن کان آگاهه ڪريو ڇڏي. اهڙي طرح اسان کي اڳواٽ طوفانن ۽ سمنڊ ۾ پيدا ٿيندڙ زلزلن (سونامين ۽ سئڪلونن) بابت ماڊرن اوزار آگاهه ڪريو ڇڏين …. پر افسوس جو اڄ به ڪو ”برموڊا ٽڪنڊي“ ۾ ٿيندڙ انهن حيرتناڪ حادثن ۽ غيباتي ڳالهين جو ڪو ٺوس سائنسي سبب ٻڌائي نه سگهيو آهي.

هي مضمون لکڻ کان اڳ مون پنهنجن پوڙهن ڪلاس ميٽن کان ان بابت جڏهن پڇيو ته هر هڪ اها ئي راءِ ڏني جيڪا سالن کان مختلف ڪتابن ۽ اخبارن ۾ پڙهندا رهيا آهيون. جيئن ته Methane گئس جي موجودگي ڪري جهاز ٻڏيو وڃن …. سمنڊ اندر لوهه جي کاڻين ۽ جبلن ڪري ڪمپاس (قطب نما) ۾ error اچيو وڃي ۽ جهاز غلط راهه ڏي ڀٽڪيو وڃن …. غيبات ۽ جن ڀوتن ڪري ائين ٿئي ٿو …. هن هنڌ تي ڪيئي شيدي غلام ٻوڙيا ويا هئا انهن جا روح بد دعائون ٿا ڏين …. هن سمنڊ ۾ خوفناڪ قسم جا ڪُن (Under Currents) آهن جن جي گھير ۾ جهاز اچي غرق ٿيو وڃن …. يا سمنڊ جو هي حصو تمام بزي رهي ٿو _ ان ڪري جهاز به ان حساب سان ٻڏن ٿا …. سمنڊ جي هن حصي جي موسم اوچتو خراب ٿيو پوي ۽ جهاز هلائيندڙ بچ بچاءُ ڪري نٿا سگهن …. وغيره وغيره، پر سچ ته جهازن سان واسطو هجڻ ڪري مونکي انهن سببن ۾ ڪا به اهڙي عقل يا سمجهه واري ڳالهه نظر نٿي اچي …. ڇا طوفان ۽ ڪُنون بحر اسود، چائنا سمنڊ …. ويندي خليج بنگال ۽ خليج بسڪي جهڙن سمنڊن ۾ گهٽ آهن؟ ڇا جهازن جي آمدرفت ٻين سمنڊن تي گهٽ آهي؟ سنگاپور ۽ جبرالٽر وٽ ته ايڏي ٽرئفڪ آهي ۽ سمنڊ ايترو سوڙهو آهي جو بس، پر اتي ته ان قسم جا ايترا حادثا هرگز نٿا ٿين.

رهيو سوال غيبات ۽ جنن ڀوتن جو سو رات جي ڊيوٽي يعني جهاز هلائڻ وارن کي اهڙا ڪيئي خيال پريشان ڪندا رهندا آهن چاهي آفريڪا جو ڪنارو هجي يا ناروي سوئيڊن وارو اتر قطب وارو برفاني علائقو …. جتي سياري ۾ رات ويهن ڪلاڪن کان به وڏي ٿئي ٿي ۽ اونهاري ۾ چوويهه ئي ڪلاڪَ روشني لڳي رهي ٿي. سوال آهي ته ڪٿي به جهاز ٻڏن ٿا ته انهن جا ڍانچا سمنڊ جي تري ۾ نظر اچن ٿا. هتي ڪجهه غائب ٿيل جهازن جا ڍانچا به نه مليا. ٻي ڳالهه ته دنيا جي سڀني سمنڊن تي ڏينهن رات ڏهن سالن کان به مٿي عرصو اسان جهاز هلائيندا رهياسين، مختلف سمنڊن تي انجڻ جي خرابيءَ ڪري جهازن کي هڪ هنڌ به بيٺل ڏٺوسين پر برموڊا ٽڪنڊي سمنڊ کان علاوه ٻئي ڪنهن به سمنڊ تي اسان پاڻ يا ڪنهن ٻئي کان اهڙي جهاز جو نه ٻڌو جنهن تي ڪو بني بشر نه هجي يا ڪنهن به هوائي جهاز کي بنا خرابيءَ جي سمنڊ ۾ ڪرندو نه ڏٺوسين.

سوال ٿو پيدا ٿئي ته آخر برموڊا ٽڪنڊي واري سمنڊ ۾ پاڻي وارا ۽ هوائي جهاز ان پراسرار طريقي سان ڇو غائب ٿيندا رهيا ٿي. انهن جي ٻڏڻ يا غائب ٿيڻ جو ڪهڙو سبب ٿي سگهي ٿو! ان لاءِ سالن کان ڪيتريون ئي ٿيوريون هلنديون اچن، پر سڀ ماڻهو ڪنهن هڪ theory تي متفق راءِ نه آهن. مختلف جهاز مختلف حالتن ۽ مختلف مصيبتن جو شڪار ٿيندا رهيا آهن. برموڊا ٽڪنڊي واري سمنڊ تي هميشه اوچتو ۽ بنا ڪنهن اطلاع جي حادثا ٿيندا رهيا آهن ۽ جيتوڻيڪ غيبات جي هجڻ يا سمنڊ ۾ ٻوڙيل غلامن جي پٽن پاراتن جهڙيون ڪيتريون ئي theories موجود آهن، پر چند جيڪي حقيقت جي ٿورو ويجھو محسوس ڪريان ٿو ۽ منهنجا ڪليگ جن مون سان يا ٻين سان هي ”برموڊا ٽڪنڊي“ وارو سمنڊ ۽ دنيا جا ٻيا سمنڊ جھاڳيا، اهي انهن theories کي بهتر سمجھن ٿا، هن ريت آهن:

ميٿين گئس واري ٿيوري: Methane هوا کان تمام هلڪي گئس آهي. سگريٽ دکائڻ وارا جيڪي لائيٽر ٿين ٿا انهن ۾ گهڻو ڪري ميٿين يا اِيٿين گئس ٿئي ٿي. چيو وڃي ٿو ته سمنڊ جي تري ۾ تمام گهڻي ميٿين گئس ڦاٿل آهي جيڪا رکي رکي ڀڙڪو کائي ٻاهر نڪري ٿي ۽ نڪرڻ وقت اها سمنڊ جي پاڻيءَ سان جڏهن مڪس ٿئي ٿي ته پاڻيءَ جي density ايتري ته گهٽجيو وڃي جو ان مٿان ترندڙ ننڍو توڙي وڏو، ڪاٺ جو توڙي لوهه جو جهاز يڪدم ائين ٻڏيو وڃي جيئن ڪو پٿر پاڻيءَ ۾ اڇلڻ سان يڪدم غائب ٿي وڃي. هونئن ته سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ لوڻ هجڻ ڪري اهو عام پاڻيءَ کان ڳرو ٿئي ٿو. ان ڪري ته چوندا آهن ته سئمنگ پول جي مٺي پاڻيءَ ۾ ترڻ کان سمنڊ جي کاري پاڻيءَ ۾ ترڻ سولو آهي جو ان جي مقابلي ۾ انسان جو جسم ڪجهه هلڪو ٿئي ٿو. جيئن پاڻيءَ جو جهاز ائٽلانٽڪ سمنڊ جھاڳي جڏهن مسي سپي نديءَ ۾ گهڙندو آهي يا هندي وڏو سمنڊ لتاڙي بئنڪاڪ وڃڻ لاءِ ٿائلينڊ جي نديءَ ۾ گھڙندو آهي ته هن جو ڊرافٽ وڌي ويندو آهي…. يعني جهاز پاڻيءَ ۾ ڪجهه وڌيڪَ اندر گهڙي ويندو آهي جو درياهه جو پاڻي سمنڊ جي پاڻيءَ کان هلڪو ٿئي ٿو.

سو اهو مٿيون مثال ڌيان ۾ رکي سوچيو ته هوا کان به هلڪي گئس مِيٿين ائين يڪدم سمنڊ جي پاڻيءَ سان ملي وڃي ته اهو پاڻي ڪيترو هلڪو ٿي ويندو ۽ جهاز سمنڊ جي تر تائين پهچڻ ۾ ويرم ئي نه وٺندو ۽ اها گئس سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ ملڻ ۽ ٻاهر نڪرڻ مهل سمنڊ جي ان حصي کي صابڻ جي گجيءَ جهڙو ڪريو ڇڏي ۽ اها گئس هلڪي هجڻ ڪري سمنـڊ مان نڪرڻ سان مٿي آسمان جو رخ رکي ٿي ۽ ان وقت مٿي ڪو جهاز لنگهندڙ آهي ته ان کي باهه وٺيو وڃي. ڦوڪڻن ۾ جيڪا هلڪي گئس ڀري ٿي وڃي اها ”هيليم“ آهي. هيليم گئس کي باهه نٿي لڳي جو اها Inert مردار آهي، پر ميٿين گئس ته آهي ئي پيٽرول جو حصو. ميٿين ۾ هڪ ڪاربن ۽ چار هائيڊروجن جا حصا آهن جيڪي سڀ کان جلد ۽ خطرناڪ ٻارڻ آهن ۽ هيءَ گئس جڏهن بوهارا ڏئي سمنڊ جي تري مان نڪري ٿي ته ڪو ڪلو اڌ ڪلو نه پر ٽنن جي حساب سان نڪري ٿي ۽ هوائي جهاز کي گهيري منٽن ۾ مڪمل طرح تباهه ڪريو وجھي. آمريڪا طرفان جيڪي ان سلسلي ۾ کوجنائون ڪيون ويون آهن انهن مطابق بنا شڪ جي سمنڊ جي تري ۾ ”ميٿين هائيڊريٽ گئس“ جا وڏا ذخيره موجود آهن، پر ان جي ڪا ثابتي يا رڪارڊ نٿو ملي ته برموڊا ٽڪنڊي مان رکي رکي ڪا اها گئس نڪرندي رهي ٿي جنهن ڪري جهاز ٻڏندا رهن ٿا.

ڪيترا ماڻهو ”سرگاسو سمنڊ“ جي پڻ ڳالهه ڪن ٿا. هتي هڪ عام پڙهندڙ جي معلومات لاءِ لکندو هلان ته وڏن سمنڊن جي آخري حصن جا مختلف نالا ٿين ٿا جيئن عربي سمنڊ، ايراني نار وارو سمنڊ، خليج بنگال وارو سمنڊ ۽ ٻيا ڪيترا ننڍا سمنڊ ”هندي وڏي سمنڊ“ ۾ اچي وڃن ٿا تيئن انهن وڏن سمنڊن جي وچ ۾ به مختلف سمنڊ اچن ٿا جن جو پنهنجو مزاج ۽ پنهنجي خاصيت ٿئي ٿي …. ڪٿي ڪٿي سمنڊ اندر ڪُنون ۽ Under Currents ٿين ٿا جن جي وَٽ ۾ اچي ڪيترا جهاز ۽ ٻيڙا گھوماٽجيو ٻڏيو وڃن …. ۽ توهان کي حيرت ٿيندي ته سمنڊ اندر درياهه به ٿين ٿا انهن ۾ جي جهاز اچي ٿو وڃي ته ڪک پن وانگر لڙهي وڃي ٿو …. خاص ڪري انجڻ بنا وارا جهاز.

سو ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ هن برموڊا ٽڪنڊي واري سمنڊ واري حصي اندر ”سرگاسو“ نالي هڪ سمنڊ پڻ آهي. هي سمنڊ هڪ عجيب سمنڊ آهي جنهن جي چوڌاري ڪنارو نه پر پاڻي جا وهڪرا (Currents) آهن. برموڊا ٽڪنڊي مان گذرندي ڪو جهاز خراب موسم ۾ سرگاسو سمنڊ ۾ گهڙيو ٿي ته هن سمنڊ جي چوڌاري پاڻيءَ جا تيز وهڪرا ان کي لوڙهي وڃن ٿا ۽ وڏا وڏا ناکئا ۽ ڪئپٽن منجھي پون ٿا ۽ سندن جهاز بتال ٿيو وڃن. ماضيءَ ۾ جڏهن سڙهن وارا ڪاٺ جا جهاز هئا ته اهي ته هيڪاندو سولائيءَ سان سرگاسو سمنڊ جي تيز رفتار وهڪرن ۾ لڙهي ويا ٿي.

ڪي سائنسدان ۽ نيويگيٽر برموڊا ٽڪنڊي ۾ جهازن سان پيش ايندڙ پراسرار واقعن جو سبب ”اليڪٽرانڪ ڌنڌ“ (Electronic Fog)  چون ٿا. هنن جو چوڻ آهي ته مينهن جي کنوڻ ڪرڻ وانگر هڪ عجيب قسم جو گھاٽو ڪڪر اوچتو ئي اوچتو نموندار ٿي پاڻي جي جهاز يا هوائي جهاز کي چادر وانگر ويڙهيو ڇڏي ۽ جهازن جا رستو ڏيکاريندڙ سڀ اوزار نڪما ٿيو پون …. ۽ پوءِ هوائي جهاز يا شپ (پاڻيءَ جو جهاز) غائب ٿيو وڃي.

سوال آهي ته ڪيڏانهن غائب ٿيو وڃي ان جو ڪو جواب نٿو ڏئي ۽ اها اليڪٽرانڪ فاگ واري theory فقط برموڊا ٽڪنڊي واري سمنڊ سان ئي وابسته ڇو آهي؟ ٻين سمنڊن سان ڇو نه؟…. (هلندڙ)….